سائل خواجو

سائل خواجو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ٽيھہ اکريون‘ (ڀاڱو ٻيو) ۾ سائل خواجي بابت ڄاڻائي ٿو تہ: ”خواجہ حافظ سليمان التخلص سائل ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو، سندس والد جو نالو حافظ سعد خواجو هو. هي ٻئي پيءُ ۽ پٽ قرآن مجيد جا حافظ هئا. سائل خواجو درويش صفت شاعر هو، سندس مولود، مداحون، خطبا ۽ ٽيھہ اکريون مشھور آهن. 80 ورهين جي ڄمار ۾ سائل خواجي 1940ع ڌاري وفات ڪئي.“ سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
الف اول آھہ الله، تنھنجي پٺيان پوءِ بي بس آهي،
سمجهہ سائل تون هي جڳ سارو، ترت تماشو طلسم وارو،
پاڻ ڀانئي بادشاھہ، پر ٻانهو ڀي پورو ناهي.


لفظ سائل خواجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو