سائنس فڪشن

سائنس فڪشن: سائنس فڪشن (Science fiction)، سائنسي ادب جي هڪ اهڙي شاخ آهي، جنهن جي پسمنظر ۾ اصلي يا نقلي سائنس هجي ٿي. جيتوڻيڪ سائنس فڪشن، تخيل سان ڀرپور ادب ٿئي ٿو، پر ان هوندي به منجهس ڪيتريون ڳالهيون مستقبل ۾ ٿيندڙ/ممڪن سمجهيون وڃن ٿيون جهڙوڪ: روبوٽ (robot)، خلا جو سفر، مختلف گرهن جي رهواسين جون پاڻ ۾ جنگيون ۽ خلا ۾ رهندڙن جو زمين تي حملو وغيره.
عام طور تي اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو ته سائنس فڪشن جي شروعات اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري جـولـس ورني جي ڪهاڻـيـن ۽ ايڇ. جي. ويلس جي ناول سان ٿي آهي. 1926ع ۾ Hugo Gernsback هڪ سنسني خيز رسالو ’اميزنگ اسٽوريز‘ (Amazing Stories) شايع ڪيو، جنهن ۾ رڳو سائنس فڪشن، خاص طور آئيندي جي سنجيده کوجنائن جو ذڪر هوندو هو. سائنس فڪشن ۾ وڌيڪ دلچسپ لکڻين جو واڌارو تڏهن ٿيو، جڏهن 1937ع ۾ جان. ڊبليو. ڪامپبيل جونيئر (John W. Compbell Jr.)، ’ائسٽائونڊنگ سائنس فڪشن‘ (Astounding Science Fiction) مئگزين جي ادارت سنڀالي، ان مئگزين ۾ ادبي ۽ ڊرامائي معيارن سميت موضوع، مضمون ۽ ڪردارن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ٿي ويو. ڪامپبيل ڪيترائي سگهارا سائنس فڪشن جا ليکڪ متعارف ڪرايا، جن ۾ آئـزڪ ائـزمو (Isacc Asimov)، فـريـڊرڪ بـروائـون (Fredric Brawn)، اي. وي. وان ووهڪٽ (A.V.van. Vogt)، ليوس پيجيٽ (Lewis Padget)، ارڪ فرينڪ رسل (Eric Frank Rusell)، ڪلفرڊ سمڪ (Clifford Simak)، ٿـيـوڊور اسـٽـرجـن (Theodore Sturgen)، فٽـز لائبر (Fritz Leiber)، مري لينسٽر (Murry Leinster)، رابرٽ هائنلائن (Robert Heinlein)، ريمنڊ ايف. جونس (Raymand F. Jones) ۽ رابرٽ شيڪلي (Robert Sheckley) شامل آهن.
سائنس فڪشن کي مختصر طور ’ساءِ-فاءِ‘ (Sci-fi) به سڏجي ٿو. سائنس فڪشن ان سبب به ڏينهون ڏينهن مشهور ۽ مقبول ٿيندو رهي ٿو، جو ان ۾ ڪيترن مختلف ماڻهن لاءِ ڪيتريون دلچسپ ڳالهيون موجود ٿين ٿيون. جڏهن اسٽار وارس (Star Wars) جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن اهو ڪڏهن به گمان نٿو ٿئي ته اهو ڪو سائنس فڪشن آهي. عام طور سائنس فڪشن جا اهي ئي لکندڙ هوندا آهن، جن جي ذهن ۾ سائنس جو پسمنظر هوندو آهي يا سائنسدان هوندا آهن.
سائنس فڪشن ادب جي هڪ سگهاري شاخ مڃي وئي آهي. 1938ع ۾سي. ايس. ليويس (C.S.Lewis) پنهنجي ڪتاب ’آئوٽ آف سائلينٽ پلئنيٽ‘ (Out of Silent Planet) کي حڪمت الاهيءَ جي قياسن لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن ته الڊس هڪسلي (Aldous Huxley) پنهنجي تصنيف ’بريو نيو ورلڊ‘ (Brave New World, 1932)، جارج آرويلـس (George Orwells) پنهنجي ڪتاب ’نائنٽين ايٽي فور‘ (Nineteen Eighty Four: 1949)، ري براڊ بري (Ray Bradbury)’فارنهائيٽ‘ (Fahrenheit: 1953) ۽ ڪرٽ وونگـٽ جـونيـئـر (Kurt Vonnegut Jr.) ۽ ’ڪيـٽـس ڪريڊل‘ (Cats Cradle: 1963) جهڙن سائنس فڪشن جي ڪتابن رستي سماج تي ٿيندڙ تنقيد جا مخصوص اثر ظاهر ڪري سگهيا. سائنس فڪشن وارو ادب نه رڳو سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ معاملن جون اڳڪٿيون ڪري ٿو ته انهن تي ٽيڪاٽپڻي به ڪري ٿو.
سائنس فڪشن جون ڪيتريون ننڍيون شاخون به وجود ۾ آيون آهن، جهڙوڪ: فيمائنسٽ سائنس فڪشن، ڊزاسٽر (ڀيانڪ) ناول ۽ اهڙا ناول، جيڪي هن دنيا کي مصيبتن ۽ شامتن مان نڪرندي پيش ڪن ٿا، اهڙيون ڪهاڻيون جيڪي نعم البدل دنيائن جو تصور ڏين ٿيون. فضا جي اندرين وسعتن جا شاندار سفر ڪرائين ٿيون ۽ ’سائبرپنڪ‘ ناول، جيڪي سائبراسپيـس (Cyberspace) جون اصلي حقيقتون پيش ڪن ٿا.
گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان غير ادبي حلقن ۾ به ’سائنس فڪشن‘ گهڻو مقبول رهيو آهي، جنهن ۾ فلم، ٽي. وي ۽ اليڪٽرانڪ راندين جو ڪردار شامل آهي، جڏهن ته اسٽاروارس ۽ ان جا ظاهر ٿيندڙ اڳ ۽ پـوءِ وارا واقـعــا، جـن جــي ’ڪـلــوز انڪائونٽرس آف ٿرڊ ڪائـيــنڊ‘ (Close Encounters of Third Kind: 1977) ۽ ’ايڪسٽرا ٽيريسٽيريل‘ (Extraterrestrial: 2011) جهڙين فلمن ۾ منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، اهي مالي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ڪامياب فلمون رهيون.
سـائـنس فڪشن جا هيٺيان ليکڪ: ڊگـلـس آدمــس (Dauglas Adams)، آرسن اسڪاٽ ڪارڊ (Orson Scott Card)، رابرٽ هينلين (Robert Heinlein)، وليم گبسن (William Gibson)، ري براڊبري (Ray Brodbury)، فرينڪ هربرٽ (Frank Herbert)، آرٿر سي. ڪلارڪ (Arthur C. Clarke)، آئزڪ ائزمو (Issac Asimov)، جولس ورن (Jules Verne) ۽ ايڇ. جي. ويلس (H.G. Wells) گهڻو مشهور ٿيا.
سنڌي لوڪ ادب جا ڪي اهڃاڻ سائنس فڪشن جي زمري ۾ اچي سگهن ٿا، جنهن ۾ ’اڏند کٽوليءَ‘ ذريعي انسان جو آسمان ۾ سفر وغيره اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ مستقبل جي هوائي جهاز جو تصور موجود هو، ڇو ته ان ۾ انسان جي آسمان ۾ اڏامڻ جي خواهش نظر اچي ٿي.
سنڌيءَ ۾ ’سائنسي ڪهاڻين‘ (Science fiction) جي ابتدا رشيد آخوند ڪئي. رشيده ’حجاب‘ جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ به اهڙو رنگ نظر اچي ٿو. ٻارن لاءِ انگريزيءَ مان سائنس فڪشن جي ترجمو ٿيل ڪتابن ۾: (1) انوکا گرهه، (2) مريخ جو حملو (ايڇ. ٽي. وئلـس جي ٻاراڻي سائنسي ناول جو ترجمو، ترجمـي نگار: نصير سارنگ: 2003ع)، (3) وقت ۽ امتحان (ايڊيسن جي ڪهاڻي: مصنف: جي. گلينوڊ. ڪلارڪ، ترجمو: قاضي منظر حيات: 2010ع)، (4) سائنس فسانا (فرينڪ رابنسن، ري بريڊ بري، ايڇ. جي. وئلس، والٽ شيلڊن، رابرٽ مور، رابرٽ ريڊ جون سائنسي ڪهاڻيون، مترجم: شمس الدين عرساڻي ۽ انجنيئر ضياء الدين عرساڻي) وغيره اچي وڃن ٿا.


لفظ سائنس فڪشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو