سائون (Panicum millet): سائون، گاھہ جو هڪ قسم آهي، جيڪو سخت زمين ۾ ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهہ 3 کان 6 فوٽ ٿيندي آهي ۽ ان جا پن سنها ٿيندا آهن. سائون جو سنگ اڌ فوٽ کن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اَهر جي داڻي جيڏو ان ٻاهران ڀورو ۽ اندران اڇو ٿيندو آهي. ٿر جا ماڻهو ڏڪر وقت سائين جي ماني پچائي کائيندا آهن يا سائون ڇڙهي، ڀت رڌي کائيندا آهن. هيءُ گاھہ چوپائي مال جو چارو بہ آهي، پر پراڻا ماڻهو ٻاجهر، جوئر، سائون، بعضي ڀُرٽ جي ٻج کي پڻ واپرائيندا هئا. هن گاھہ جو ذڪر شاھہ لطيف بہ ڪيو آهي:
سَٿا ڪيو سيد چئي ’سائون‘ سُڪائين.