سائينداد ڪلمتي: سنڌ تي انگريزن جي قبصي خلاف ڌرتيءَ جي دنگن ۽ قوم جي ننگن جي حفاظت لاءِ ويڙهه ڪندڙن مان سائينداد ڪلمتي اهم شخص ٿي گذريو آهي. انگريز واپار سانگي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ آهستي آهستي اثر وٺندا، هتان جي اصلوڪن حاڪمن کي زير ڪري قابض ٿي، ڌرتيءَ ڌڻين تي پنهنجا حڪم هلائڻ لڳا، تڏهن سنڌ جا غيرتمند ماڻهو ۽ ڪجهه قبيلا مختلف وقتن تي انگريزن سان اٽڪندا رهيا ۽ مسلسل مزاحمت ڪندي انگريز عملدارن ۽ فوجين تي حملا ڪري پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو ثبوت ڏيندا رهيا. اهڙن سوڀارن مرد مٿيرن ۾ سائينداد ڪلمتيءَ جو نالو به اهم آهي.
هي اصل ۾ ڪراچيءَ جو رهواسي هو، جن ڪلمتين پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انگريزن سان چوٽون کاڌيون، انهن ۾ سائينداد جو ڪردار هوش محمد شيديءَ جهڙو آهي. مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ جڏهن سنڌي فوج حيدرآباد جي بارودخاني تي حملو ڪيو، تڏهن ميرن ملير جي ڄام مهر علي جوکئي، ملڪ احمد خان نومڙئي ۽ ملڪ ابراهيم خان ڪلمتيءَ ڏانهن لکيو ته توهان حيدرآباد اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ متحده فوج ٺاهي، ڪراچيءَ ۾ قائم انگريزن جي ڇانوڻين تي حملا ڪري انهن کي تباهه ڪريو. انهن ٽنهي سردارن انگريزن جي ڇانوڻين تي حملي لاءِ ماڻهو گڏ ڪيا ۽ فيصلو ڪيائيون ته انڌا ڌنڌ قتل ۽ غارتگريءَ بجاءِ فقط انگريزن جو نقصان ڪجي. ان وقت هنن مقامي سنڌين کي صلاح ڏني ته جڏهن اسان ڪراچيءَ جي آسپاس ۾ لٽ مار شروع ڪريون، تڏهن اوهان جلديءَ ۾ ڪراچيءَ مان نڪري وڃجو. اها خبر جڏهن نائون مل کي پئي، تڏهن هن انگريز عملدارن کي سنڌي ماڻهن جي چرپر جي خبر ٻڌائي، سندن اها حڪمت عملي ناڪام بڻائي ڇڏي. ڇانوڻيءَ کان ٻن ڪلوميٽرن تي پهتل سنڌي لشڪر واپس ڪيو ويو. مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ۾ انگريز سنڌ تي قابض ٿيا ۽ ٽالپر حڪمران کي گرفتار ڪري هندستان روانو ڪيو، پر سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿي ٻروچن جي لشڪر انگريزن سان ويڙهه جاري رکي. دٻي واري جنگ کانپوءِ چارلس نيپئر جي گھُر تي تربيت يافته فوجي دستو بمبئيءَ کان ڪراچي پهتو ۽ ڪراچيءَ کان ٺٽي واري رستي نيپيئر جي مدد لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو هو، تڏهن چاڪر خان جوکئي جي اڳواڻيءَ ۾ جوکين ۽ ڪلمتين، رستي ۾ انهن تي حملو ڪري، گھڻن ٻاهران آيل فوجين کي قتل ڪري، سندن سامان پنهنجي قبضي ۾ ورتو. فقط ڏهه ٻارهن ڄڻا جان بچائي ڪراچيءَ جي ڇانوڻيءَ ۾ پهتا. انگريزن جنگبنديءَ لاءِ گھڻيون ئي ڪوششون ڪيون، پر انهن ٽنهي سردارن جنگبنديءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ وڙهندا رهيا. نيٺ انگريزن ميرن کي قيد ڪري، بيوس بڻائي جوکين، ڪلمتين ۽ نومڙين کي جنگ بند ڪرڻ ۽ پيش پوڻ لاءِ لکرائي ورتو، جنهن تان انهن سردارن نه چاهيندي به هٿيار ڦٽا ڪيا. سرداري نظام تحٽ هونئن ته سردارن جو هر فيصلو مڃيو ويندو آهي، پر ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي خلاف سائينداد ڪلمتيءَ ۽ ڪجھه ساٿين هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ ديس خاطر دشمن سان وڙهندي جان ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائون. اهڙي فيصلي ۾ سائينداد ڪلمتيءَ سان ٻه ڪلمتي، هڪ جوکيو ۽ هڪ ڇٽو گڏ هئا، جن وطن لاءِ پاڻ ملهايو. انهن پنجن ساٿين جي بهادريءَ بابت انور قاضيءَ جو هڪ شعر پڻ ملي ٿو:
پنج ئي پاڻ ۾ هئا، جوڌا، جنگ، جوان،
جوکيو، ڇٽو، ٽي ڪلمتي هئا مڙس مهان،
اوچا ڳاٽ انهن جا، ماڻهو سي مستان،
حشمت سان هليا، پڌراسي پهلوان،
ويهي وچن ڪيائون، ساري کي سبحان،
مور نه مڃينداسين، فرنگين جو فرمان،
گورن جي غلاميءَ کان، مرڻ وڏو مان،
پٽڪي ور نه ڏبو، جيسين ڌارين جو ڌهمان،
وڙهندي وطن تان، ڪبا سر قربان،
ملهائبا ميدان، راڱا ڏيئي رت جا.
سائينداد ڪلمتي پنهنجي ساٿين سميت سردارن جي فيصلي خلاف ڳوٺ ڇڏي هليو ويو ۽ چيائين ته سردار ڀلي گورن سان مصلحت ڪن، پر اسان ائين نه ڪنداسين. بلڪ اسان وطن مان گورن کي هڪالي ڪڍنداسين يا وڙهندي سر ڏسنداسين. جڏهن سائينداد ڪلمتي ۽ ساٿيـن کي خبر پئي ته انگريز فوجي ڪراچيءَ کان گھاري طرف ڪوچ ڪري رهيا آهن. تڏهن هنن ڌاٻيجيءَ وٽ انهن تي اوچتو حملو ڪري اٺ ۽ ٻيـو سامان پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. هڪ دفعي هنن کي مقامي ماڻهن ٻڌايـو ته ڪجھه انگريز نئن ملير جي ڪنڌيءَ تي سير ڪري رهيا آهن، تڏهن پنج ئي ساٿي انهن تي حملو ڪرڻ جي لاءِ پهتا ۽ ٻن سير ڪندڙ انگريـزن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏيائون، جنهن بعد پاسي کان لڪي ويٺل انگريزن جو وڏو لشڪر ظاهر ٿيو، هي پنج ساٿي هجڻ باوجود هيڏي وڏي لشڪر سان بهادريءَ سان وڙهيا. گھڻن انگريزن کي مارڻ کانپوءِ سائينداد ڪلمتي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو، هن بهادر سورمي جي شهادت 1943ع جي وچ ڌاري ٿي.