سائين: سنڌيءَ ۾ ’سائين‘ لفظ عزت ۽ حرمت لاءِ ڪتب ايندو آهي. الله جي نالي سان به ڪم ايندو آهي. استاد مرشد ۽ عزت واري ماڻهوءَ کي سائينءَ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي ۽ پهتل شخص کي ساڳئي لقب سان ئي نوازيو ويندو آهي. ايس. ايم چنا جي لکڻ موجب ’سائين‘ راجپوتن جي قبيلي جو نالو آهي (ڏسو ص 5902)، جيڪي پاڻ کي شهزادا سڏائين ٿا. جيئن ’لکمڻ سائين‘ وغيره. اهي گهڻو ڪري پنجاب ۾ رهن ٿا. سنڌ ۾ هي ذات نه، پر لقب آهي. پنجاب ۾ هي محاورو عام طور تي پهتل بزرگن ۽ فقيرن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.