سائي يرقان ڪامڻ

سائي يرقان ڪامڻ

سائي يرقان ڪامڻ

سائي يرقان ڪامڻ

سائي يرقان ڪامڻ

سائي/ يرقان/ ڪامڻ Jaundice (Icterus): هيءَ بيماري، رت ۾ صفرا جي مادي (Bile pigment) جي گڏ ٿيڻ سبب ٿيندي آهي. هيءَ بيماري ٿڌن ملڪن جي مقابلي ۾ گرم ملڪن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ هيءَ بيماري ٿڌ جي مقابلي ۾ گرميءَ ۾ وڌيڪ زور ڀريندي آهي. هيءَ بيماري اسان وٽ سنڌ ۾ اتر ۽ وچولي وارن علائقن ۾ گهڻي ٿئي ٿي.
(الف) بيماري ٿيڻ جا سبب (Aetiology): هن بيماريءَ جا ٻہ مکيہ ڪارڻ آهن. هڪ تہ صفرا جي مادي جو رت ۾ وڌي وڃڻ، جنهنڪري مريض جي اکين جو مٿيون اڇو بلغمي پردو (Conjuctivae) سائو يا ڦڪو ٿي ويندو آهي. ٻيو صفرا جي ’ناڙي‘ (cysticduct) جي بند (obstruct) ٿي وڃڻ ڪري بہ هيءَ بيماري ٿيندي آهي. صفرا جي نالي ’ناڙي‘، ’جيري‘ (liver) ۽ پتي (Gall bladder) جي وچ ۾ ٿيندي آهي. هن نالي جي ڪري جيري ۽ پتي وچ ۾ ڳانڍاپو رهي ٿو. صفرا جي نالي بند ٿيڻ جا ڪيترا سبب ٿين ٿا:
(ب) سائيءَ جا قسم Types of Jaundice: (1) بند سائي (Obstructive Jaundice)، (2) وچڙندڙ سائي (Infective Jaundice)، (3) رت جي تباهيءَ واري سائي (Haemolytic Jaundice)، (4) زهريلي سائي (Toxic Jaundice).
(1) بند سائي/ يرقان (Obstructive Jaundice): هن قسم جي سائي هميشہ صفرا جي ناليءَ جي بند ٿيڻ جي ڪري ٿيندي آهي، جنهن جا ڪيترا ڪارڻ آهن، جھڙوڪ: پيدائشي (Congenital) صفرا جي نالي بند هجڻ، هن سبب ڪري تازي ڄاول ٻار (Neo natorum) کي سائي ٿيندي آهي. پتي جي پٿري (Cholelithiasis) صفرا جي ناليءَ جي سوڄ ۽ سُور (Coalangitis)، صفرا جي ناليءَ جو سوڙهو ٿي وڃڻ، صفرا جي ناليءَ ۾ گوشت جي ڳوڙهي (cyst) يا گومڙ (Tumour) ٿيڻ، پيٽ جا گول ڪيڙا (Round worms) جيڪي ننڍي آنڊي کان هتي پهچن ٿا. اهي سڀ جا سڀ اهڙا سبب آهن، جيڪي صفرا جي ناليءَ کي بند ڪري ڇڏين ٿا، جنهنڪري جيري جي اوڄن (Tissues) ۾ پيدا ٿيندڙ صفرا (Bile)، جيري جي رت وار نلين (Capillaries) ۾ ٻيهر جذب (Absorb) ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ صفرا جو مادو رت ۾ گڏ ٿي، سائيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
تنهن کانسواءِ صفرا جي نالي بند هئڻ ڪري جيري جي اوڄن ۾ جيڪو صفرا ٺھي ٿو، اهو پِتي (Gall Bladder) تائين نہ ٿو پهچي تہ اهو صفرا ٻيهر واپس جيري جي وار نلين ۾ ئي جذب ٿئي ٿو تہ اهو واڌو صفرا، جنهن کي صفراوي مادو (Bile pigment product) چئبو آهي. رت ۾ گهڻي مقدار ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. اهو گڏ ٿيل واڌو صفراوي مادو رت جي دوري (Blood circulation) سان رت ۾ داخل ٿئي ٿو تہ اهو اکين، زبان ۽ چمڙيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ اکيون، زبان ۽ چمڙي هن مادي جي ڪري ڦڪيون سايون ٿي وينديون آهن، جيڪا هن بيماريءَ جي بنيادي علامت آهي.
(2) وچڙندڙ سائي (Infective Jaundice): هن قسم جي سائيءَ کي جيري جي سوڄ واري وچڙندڙ (Hepatitis Infective) سائي چئبو آهي. هن قسم جي سائي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن مختلف قسم جا جراثيم (Virus) جيري تي حملو ڪندا آهن. ان حملي سبب مهلڪ بيماري ٿي پوندي آهي. وچڙندڙ سائي مختلف قسم جا جراثيم اڳ بيمار ماڻهوءَ جي وات جي ڦهنگن (Droplets) رستي ڳالهائڻ دوران وائرس ٻئي ماڻهو تائين پهچائيندا آهن ۽ اهي صحتمند ماڻهوءَ جي جيري ۾ هليا ويندا آهن. جيري ۾ پهچي سڀ کان پهرين جيري جي اوڄن جي تباهيءَ ڪندا آهن. جنهنڪري جيري جو صفراوي مادو جيري جي رت جي وار نلين ۽ نسن ۾ هليو ويندو آهي. نتيجي طور وچڙندڙ سائيءَ جي اوسر (Incubation) چئن کان پنجن هفتن اندر ٿئي ٿي. هن قسم جي سائيءَ جو علامتون بدهضميءَ ۽ اُلٽين سان شروع ٿين ٿيون.
(3) رت جي تباهيءَ واري سائي (Haemolytic Jaundice): هن قسم جي سائي، رت جي ڳاڙهن جزن جي تباهيءَ جي ڪري ٿيندي آهي. هن مهلڪ بيماريءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي رت جي ڳاڙهن جزن جو قدرتي مقدار (مرد جو 5 کان 6 ملين (ml) في ڪيوبڪ ملي ميٽر (cmm) ۽ عورت جو 4.5 کان 5.5 ملين (ml) في ڪيوبڪ ملي ميٽر (cmm) مان گهٽجي وڃي ٿو. هيءَ سائي، ننڍن ٻارن ۽ نئين ڄاول ٻار (Neonatorum) تي وڌيڪ حملو ڪندي آهي، جنهنڪري ٻار جي ڦڦڙن ۾ رت ۽ آڪسيجن جي گهٽ مٽاسٽا (Exchange) ٿيندي آهي، نتيجي طور ٻار ۾ رت جا ڳاڙها جزا گهٽجي ويندا آهن. پيٽ واري عورت جي ٻار جي اکين ۽ وات ۾ اور (Placenta) جو پاڻي هليو ويندو آهي، حمل دوران ماءُ جي رت جي گهٽتائي (Anaemia)، ايلوپيٿيءَ جي ڳرين دوائن کائڻ ڪري ٿيندي آهي. ڳورهاري عورت کي يا ٿڃ پيارڻ دوران ماءُ کي مليريا ٿيندي آهي، جنهنڪري ماءُ کي ’ڪوئنين‘ (Quinine) جو گهڻو واهپو ڪرائڻ اهڙا سبب آهن، جيڪي تازي ڄاول ٻار کي يا ننڍي ٻار کي هن قسم جي سائي ڪري وجهندا آهن.
(4) زهريلي سائي (Toxic Jaundice): هن قسم جي سائي تمام گهڻي مهلڪ ٿئي ٿي ۽ ماڻهوءَ تي اوچتو حملو ڪري ٿي، تنهنڪري ظاهر بہ اوچتو ٿئي ٿي. هن قسم جي سائيءَ جو سبب هوا ۾ موجود گهڻن قسمن جا زهريلا جيوڙا آهن، جيڪي جيري ۾ پهچي، جيري جي اوڄن، خاص ڪري صفرائي مادو پيدا ڪندڙ اوڄن ۽ جيري جي رت وار نلين جي ڪم ۾ بگاڙ پيدا ڪري هن قسم جي سائيءَ جو سبب ٿيندا آهن. تنهن کانسواءِ ڪجهه ڪيميائي مادا (Chemical agent) جيڪي دوائن ذريعي يا کاڌن ۾ شامل هوندا آهن، اهي واپرائڻ سان پڻ جيري ۽ ان جي صفراوي مادو پيدا ڪندڙ اوڄن ۽ جيري جي رت جي وار نلين جي ڪم ۾ بگاڙ ٿيڻ ڪري صفرا ٻيهر جذب ٿئي ٿو، جنهنڪري صفرا جو مادو رت ۾ گهڻي مقدار ۾ گڏ ٿيڻ ڪري سائي ڪري وجهي ٿو.
(ج) بيماريءَ جو علامتون Clinical symptoms :
(1) جيئن ئي بيماري ظاهر ٿيندي آهي تہ پهريائين اکين جو بلغمي پردو Conjuctivae ڦڪو يا سائو ٿي ويندو آهي. انهيءَ کانپوءِ جيئن بيماري اڳتي وڌندي آهي تہ ننهن جو هيٺيون حصو، چهري، ڳچيءَ ۽ جسم جي چمڙي ۽ آخر ۾ زبان پڻ ڦڪي ٿي ويندي آهي.
(2) پيشاب گهاٽو چھچ ڦڪو، ناسي يا وري ڪاراڻ مائل ايندو آهي.
(3) خارجي مادو گهڻو پٽڙو، ڦڪي رنگ جو ۽ بدبودار ايندو آهي. ڪن حالتن ۾ قبضي ۽ دست واري واري سان ٿيندا آهن.
(4) مرض جڏهن گهڻو وڌي مهلڪ صورت اختيار ڪندو آهي تہ مريض کي پگهر بہ ڦڪي رنگ جو نڪرندو آهي، جيڪو بيماريءَ جو خطرناڪ مرحلو هوندو آهي. ڪن مريضن کي پگهر اهڙو تہ ڦڪو نڪرندو آهي، جو سندس ڪپڙا بہ ڦڪا ٿي ويندا آهن.
(5) مريض کي هلڪو بخار هوندو آهي، يعني ڪڻس هوندي آهي ۽ بک بہ بنھہ ڪانہ لڳندي آهي.
(6) جيري (Liver) واري جاءِ تي گهڻن مريضن کي سور ٿيندو آهي، ڪن حالتن ۾ جيري واري جاءِ سخت ٿي سڄي ويندي آهي، ان جاءِ وٽ هر وقت ڏوکو (هلڪو سور) ٿيندو آهي.
(7) مريض جي نبض (Pulse) ستت ۽ ڪمزور ٿي ويندي آهي.
(8) مرض گهڻو پراڻو ٿي وڃي يا مريض جي حالت نازڪ هجي تہ ان صورت ۾ مريض کي چڙ، بيزاري، بيقراري ٿيندي آهي ۽ سندس ننڊ ڦٽي ويندي آهي.
(9) رت جي تباهيءَ واري سائي (Haemolytic jaundice) ۾ مريض جي چمڙي ڦڪي ۽ اکين جو مٿيون اڇو تھہ ’پردو‘ (confutivae) قدرتي اڇي رنگ جو ٿي ويندو آهي.
(10) زهريلي قسم واري سائيءَ (Toxic Jaundice) ۾ مريض جي جسم جي چمڙي ڦڪي يا زرد رنگ جي ٿي ويندي آهي.
(ڀ) لڪل ۽ پريشان ڪُن مهلڪ سائي (Miserable Jaundice): هونئن تہ سائيءَ جا سڀئي قسم خطرناڪ ۽ مهلڪ ٿين ٿا، جن جو علاج بيماريءَ جي منهن ڪڍڻ شرط (Onset) ڪرائڻ گهرجي، پر سڀ کان وڌيڪ وچڙندڙ سائي Infective Jaundice، مهلڪ ۽ خطرناڪ ٿئي ٿي، تنهنڪري هن قسم جي سائيءَ جو علاج ترت ۽ مڪمل شفا ٿيڻ تائين ڪجي. ٻيءَ صورت ۾ هن سائيءَ جي وڌڻ ڪري جيري جون انيڪ بيماريون: ڪاري ڪامڻ، جيري جي ڪم ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ ۽ طبعي خرابي ٿيڻ، جيرو وڏو ٿي وڃڻ، جيري جو ڪينسر ٿيڻ (Carcinoma)، جيري جو سسي وڃڻ ۽ ان ۾ چرٻي ڀرجي وڃڻ (Linercirrhoris) ۽ پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ وغيرہ ٿين ٿيون. ان کانسواءِ هن قسم جي سائيءَ جو وائرس ڪيترن سالن تائين مريض جي جسم/ رت ۾ موجود رهي ٿو. جيتوڻيڪ علاج کانپوءِ هن مرض جون ظاهري علامتون ڏسڻ ۾ نہ اينديون آهن، پر وائرس ماٺو ٿي، لڪي ويهي رهي ٿو. تنهنڪري هن قسم جي سائيءَ کي ’لڪل سائي‘ (Mask Jaundice) بہ چئبو آهي. موقعو ملڻ تي هي وائرس ٻيهر اثرائتو ٿي پوندو آهي ۽ ساڳئي قسم جي سائيءَ جي مرض کي اٿلائي وجهندو آهي، جنهن جو سبب گهڻي ڀاڱي پرهيز نہ ڪرڻ آهي. جڏهن هيءُ مرض ٻيهر اٿلي پوندو آهي تہ ان جو حملو اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڊيگهارو هوندو آهي. تنهنڪري اهو لازمي آهي تہ هن قسم جي سائيءَ جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ بہ گهڻي عرصي تائين احتياط ۽ علاج جاري رکڻ گهرجي.
هن قسم جي مرض جي هر هر اٿلڻ (Recure) ۽ جيري جون ٻيون گهڻيون بيماريون پيدا ڪرڻ جي ڪري ئي هن قسم جي مرض جو نالو ’وچڙندڙ سائي‘ پيو آهي.
(ت) سائيءَ جي چڪاس (Liver Function Test): (1) جڏهن ليبارٽريءَ مان مريض جي رت جي ايل. ايف. ٽي (Liver Functional Test) ڪرائبي آهي تہ سائيءَ جي مريض جي رت ۾ ’بلي ربنس پلازما‘ (Bilirubins plasma) وڌيل هوندي آهي. خاص ڪري بند قسم جي ۽ رت جي تباهيءَ واري سائيءَ ۾ هن قسم جي پلازما وڌيل هوندي آهي. عام طرح سان صحتمند ماڻهوءَ جي رت 100 ملي گرام ۾ هيءَ پلازما هڪ ملي گرام کان بہ گهٽ هوندي آهي.
(2) سائيءَ جي مريض جي رت ۾ جڏهن ’الڪلائيڊ فاسفيٽ‘ (Alkaloid phosphate) ڪرائبي تہ اها بہ 50 يونٽن تائين وڌيل هوندي آهي. عام طرح سان هر صحتمند ماڻهوءَ جي اڪلائيڊ فاسفيڊ 7 کان 13 يونٽ في 100 ملي گرام هوندي آهي.
(3) جڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پيٽ (Whole Abdomen) جو الٽراسائونڊ ڪرائبو آهي تہ سائيءَ جي مريض جو جيرو وڌيل نظر ايندو آهي. ڪن حالتن ۾ گهڻن مريضن جي تِري بہ وڌيل هوندي آهي.
(ٿ) خوراڪ (Diet): (1) مريض جي بيماري ۽ علاج دوران سڻڀن کاڌن، تريل شين، ديڳ جي ڀت، وڏي گوشت، خاص ڪري ڳائي گوشت، واڱڻ، مرچ مصالحي وارن کاڌن کان قطعي پاسو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ٿڃ پياڪ ٻار کي سائي هجي تہ ماءُ کي مٿين کاڌن کائڻ کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گهرجي.
هيءَ بيماري ڇڏي وڃڻ کانپوءِ بہ ڪيترن مهينن تائين مٿيان کاڌا نہ کائڻ گهرجن، ٻيءَ صورت ۾ بيماري ڪنهن بہ وقت اٿلي سگهي ٿي، خاص ڪري وچڙندڙ قسم جي سائي ڪنهن بہ وقت اُٿلي پوندي آهي.
(2) ميوو ۽ ڪمند جي رس گهڻي مقدار ۾ پيئڻ گهرجي، تنهن کانسواءِ موريءَ جي رس، موريءَ جي ساون پنن سميت ڪڍي ٿوري ٿوري مقدار ۾ پيئڻ گهرجي.
(3) سياري جي موسم ۾ تازي مُوري ۽ اُن جا پن ڌوئي صبح جو نيراني کائڻ گهرجن، مُوري، سائيءَ جي مريض لاءِ وڏي فائديمند آهي.
(4) اونهاري ۾ صبح جو لسي ۽ منجهند جو ليمي جو شربت ٺاهي پيئڻ گهرجي.
(5) ڀاڄيءَ ۾ ٽماٽن بجاءِ گدامري، ڏاڙهونءَ جي ڪڻ ۽ ليمي جو رس استعمال ڪجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو