ساحر راهو

ساحر راهو

ساحر راهو

ساحر راهو: ناليواري شاعر ساحر راهو جو پورو نالو عبدالرحمان ولد احمد خان راهو آهي. ساحر راهوءَ جو جنم، پهرين آڪٽوبر 1963ع تي اڳوڻي تعلقي هالا ۽ ضلعي حيدرآباد (موجودہ تعلقي نيو سعيدآباد، ضلعي مٽياريءَ) جي ڳوٺ شھمير راهوءَ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول شھمير راهوءَ ۾ حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول نيو سعيدآباد، انٽر سروري اسلاميہ ڪاليج هالا مان حاصل ڪيائين. ساحر راهو هن وقت صحت کاتي ۾ ڳوٺ شھمير راهوءَ ۾ ملازم آهي. ساحر راهوءَ شاعري جي شروعات 1988ع ۾ ڪئي. سندس پهريون شعري مجموعو ’خواب کٿوري چنڊ‘ جي نالي سان 1996ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هن وقت تائين هن جي اردو شاعريءَ جي هڪ ڪتاب سميت شاعريءَ جا پنج مجموعا ۽ اردو شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ’خواب کٿوري چنڊ‘ (1996ع)، (2) ’سانوري شام‘ (2000ع)، (2) ’نيڻ سجدي ۾‘ (2004ع)، (3) ’خوابن جي خودڪشين کان پوءِ‘ (2007ع)، (4) ’وهي پت جهڙ هي آنکهون ۾‘ (اردو شاعري: 2011ع).۽ ’دل جي ڳلي‘ آهي. ساحر راهوءَ جا ڪيترائي غزل۽ نظم سنڌ جي مختلف فنڪارن ڳاتا آهن. ماسٽر وليءَ پاران ڳايل ساحر راهوءَ جي ٻن نظمن جي وڊيو ڪئسيٽ پڻ ٺھي چڪي آهي، اُهي نظم سنڌي چئنل ’آواز‘ تان نشر پڻ ٿيندا رهيا آهن. ساحر راهوءَ کي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن، جن ۾ ’سوجهرو اوارڊ‘، ’ڊاڪٽر تنوير عباسي شيلڊ‘، ’مرحوم حاجي غلام نبي رند اوارڊ‘، ’ڄام فقير جمالي اوارڊ‘ شامل آهن. ساحر راهوءَ سنڌي ادبي سنگت، شاخ صابو راهوءَ جو بنيادي ميمبر، ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري، سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي نوابشاھہ جو رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آهي.


لفظ ساحر راهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.10.01  عيسوي

ناليواري شاعر ساحر راهو جو پورو نالو عبدالرحمان ولد احمد خان راهو آهي. ساحر راهوءَ جو جنم، پهرين آڪٽوبر 1963ع تي اڳوڻي تعلقي هالا ۽ ضلعي حيدرآباد (موجوده تعلقي نيو سعيدآباد، ضلعي مٽياريءَ) جي ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام صديق ابڙو فقير
دريا خان فقير
اويڙ پلي
خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو
اورنگزيب ڀٽي
حميره نور
احسن حافظ محمد چنا
غزنوي حڪيم سنائي
اسد چاچڙ
آسن واسواڻي مجبور
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون