سادات باره: هن خاندان جي نسب جو سلسلو حضرت امام زين العابدين عليہ السلام سان ملي ٿو. عطا محمد حامي پنھنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ لکي ٿو ته، ’سادات باره جو وڏو ڏاڏو سيد ابو الفرح، وسطي هندستان مان آيو هو. هن خاندان وارا شمس الدين التمش جي ڏينهن ۾ هندستان ۾ آباد ٿيا. جن مان سيد احمد ۽ سيد هاشم جلال الدين محمد اڪبر جي درٻار ۾ وڏي اثر رسوخ وارا هئا.
سادات جي جانشيني پاڙي مان هڪ سيد پناھہ علي شاھہ 24 شعبان المعظم 1240ھہ/13 اپريل 1825ع ۾ خيرپور ۾ اچي فقيراڻي زندگي بسر ڪئي. هو وڏو معرفت جو صاحب هو. مير سهراب خان ٽالپر کيس خيرپور ۾ هڪ عاليشان امام بارگاھہ ٺهرائي ڏني، جنهن کي سيد پناھہ علي شاھہ سنڀالڻ لڳو ۽ اڪثر وقت امام بارگاھہ ۾ موجود هوندو هو. سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ سيد امام علي شاھہ اول گاديءَ تي ويٺو، جيڪو وڏو عالم هو. سيد امام علي شاھہ کانپوءِ سندس پٽ سيد جعفر علي شاھہ اول جا نشين ٿيو، هي مير علي مراد خان ٽالپر جو مقرب خاص ۽ روحاني پيشوا هوندو هو. مير علي مراد خان سيد جعفر علي شاھہ کي ديني تقريبن ۽ مذهبي اشاعت لاءِ رياست جي اپت مان چاليهون حصو ڏيندو هو، ان کانسواءِ مير علي مراد خان هڪ فرمان جاري ڪري ڇڏيو هو ته، خيرپور رياست جي هر گادي نشين جي تاجپوشي واري موقعي تي هن خاندان کي هڪ سؤ ايڪڙ زمين ۽ ڏھہ هزار روپيا ملندا رهندا. مير فيض محمد خان ٽالپر ثاني جي ڏينهن تائين هن پرواني جي باقاعدگيءَ سان تعميل ٿيندي رهي. هنن جي خاندان ۾ سيد علي رضا شاھہ اول، سيد علي حسين شاھہ، سيد امام علي شاھہ (مجتهد ۽ فقھ جو ڄاڻو) سيد محمد علي شاھہ (مرثيہ گو نامور شاعر) ۽ ٻيا گهڻا عالم، فاضل ۽ شاعر ٿيا. سيد عابد علي شاھہ هن ئي خاندان جو چشم و چراغ هو ۽ هو خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر ناز جو مقرب خاص ۽ درٻاري شاعر هوندو هو. اڄ تائين هي سادات خيرپور ۾ آباد آهن.