سارس

سارس

سارس

سارس (Sarus Crane/ Grus antigun): سارس پکيءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اڏامندڙ پکي سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جو قد ڇھہ فوٽ ۽ پرن جي پکيڙ اٺن فوٽ تائين ٿئي ٿي. هي پکي لاڏائو هجڻ جي لحاظ کان پنھنجي مخصوص انداز سان اڏامندڙ ۽ تيز ٻوليندڙ ٿئي ٿو. جسم جا کنڀ خاڪي ۽ چوٽي نرم، ساواڻ مائل چمڙيءَ سان ڍڪيل ٿئي ٿي جڏهن تہ باقي سڄي منڍي، ڳچي ۽ ڳچيءَ جو مٿيون حصو گهري نارنگي يا ڳاڙهي کل سان ڍڪيل ٿئي ٿو. ڪنن وٽ منڍيءَ جي ٻنهي پاسن کان خاڪي مائل سفيد کنڀ ٿين ٿا. ڳلي جي مٿين حصي ۽ ڳچيءَ جا ڪجهہ حصا ڊگهن ۽ ڪارن وارن سان ڍڪيل ٿين ٿا. ٽنگون ۽ آڱريون ڳاڙهي چٽ سان ٿين ٿيون. سگهاري سڌي چهنب رنگ جي سائيري، ان سان لڳ ڪلنگيءَ جي چوٽي خاڪي سائيري ٿئي ٿي. ان جا اندريان ثانوي کنڀ ڊگها ۽ سھڻا ٿين، جن جي پرن جون چوٽيون ۽ پڇ کي ڍڪي ڇڏين ٿيون. سارس جي نر ۽ ماديءَ ۾ فرق معلوم نہ ٿو ٿئي، پر جڏهن جوڙن ۾ هجڻ جي صورت ۾ مادي نر کان ڪجهہ هلڪي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سارس جو آبي ٻوٽن، ڪرنگهائين جيتن (invertebrate)، اناج، ننڍڙن ڪرنگهيدار جانورن ۽ جيتن تي گذران آهي.
سارس ۽ ڪونج Grwdae ڪٽنب سان واسطو رکندڙ پکي آهن. دنيا ۾ ڪونجن جا 15 قسم موجود آهن، جن مان چار قسم سيپٽمبر مهيني جي آخر ۾ پاڪستان ايندا آهن ۽ مارچ ڌاري واپس هليا ويندا آهن. ڪونج خيبرپختونخوا کانسواءِ پاڪستان جي باقي صوبن ۾ ايندي آهي. سارس ۽ ڪونج جو سڀ کان وڌيڪ شڪار خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ٿيندو آهي، جڏهن تہ سندن شڪار تي سرڪاري طور بندش آهي.
سارس ڀارت کان ايندي پاڪستان جي ٻين هنڌن سان گڏ سنڌ جو بہ ڀيرو ڪندي آهي. ڪنهن دور ۾ ننگرپارڪر، سارسن/ ڪونجن جو واهيرو هوندو هو، پر 1999ع ۾ جڏهن اتي سارسن جو غير قانوني شڪار ٿيو تہ هنن سهڻين پکين اتي اچڻ ڇڏي ڏنو. خوشقسمتيءَ سان سال 2012ع ۾ سارسن جو هڪ جوڙو ننگرپارڪر ۾ ڏٺو ويو.
ٿرپارڪر ۾ سارس ۽ ڪونج پکيءَ کي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي:
راتين سارس ٻوليا، دريا پرلي دنگ،
مين سُتوڙي ساجن ساريو، ارگت بھ گئي انگ.
پاڪستان ۾ سارس بچائڻ لاءِ هڪ تنظيم بہ جوڙيل آهي. هتي ڪيترن سالن کان سائبيريا کان ايندڙ سارس نہ ڏٺا ويا آهن، جڏهن تہ چوٽر ڪونج (Demoiselle) ۽ عام ڪونج بہ گهٽ اچي ٿي. ان جو ڪارڻ شڪار ڪرڻ ۽ ڍنڍن جي کوٽ آهي.


لفظ سارسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو