
سارغون اول
سارغون اول (Sharru- Ken-1): اڪادي سلطنت جو شهنشاھہ سارغون (اول) محققن موجب 2300 ق. م ڌاري ايزوپيرانو (Azupirano)، ميسوپوٽيميا ۾ ڄائو. اڪادي لفظ سارغون/ سارگون (Sarru-kin) جي معنيٰ ’سچو بادشاھہ‘ يا ’قانوني طور حقدار بادشاھہ‘ آهي. آڳاٽي دؤر جي تاريخ مطابق کيس ’سارغون اول‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. هن شهنشاھہ ميسوپوٽيميائي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمير ۽ اڪاد جي قديم تهذيبن (موجودہ عراق ۽ شام) کي متحد ڪري اڪادي سلطنت جو بنياد وڌو ۽ اڪاد (Akkad) کي پنهنجو تختگاھہ مقرر ڪيو. سارغون اول جي جنم، وفات ۽ حڪومتي دؤر متعلق ڪي مستند تاريخون نہ ملي سگهيون آهن، تنهن هوندي بہ سميري تھذيب جي لکتن مان تاريخ وار مطالعو ڪرڻ بعد محقق ان نتيجي تي پهتا آهن تہ سارغون اول جو دورِ حڪومت (اندازاً: 2270 ق. م کان 2215 ق. م) 55 سال (گهٽ وڌ) رهيو هوندو. اردو عالمي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سارغون/ سارگون اول جي ڏنل داخلا موجب: هڪ سميري ڪهاڻيءَ مطابق هن (سارغون) کي هڪ کاري ۾ رکي، حضرت موسيٰ عليہ السلام وانگر فرات درياھہ ۾ لوڙهيو ويو، پر ڪنهن کيس بچائي ورتو ۽ پوءِ عشار جي ديويءَ جي عنايت سان سارغون پنھنجي بادشاهت قائم ڪئي، جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪو بہ واضح بيان نہ ٿو ملي تہ سارغون تخت تائين ڪيئن پهتو ۽ ڪيئن هن پنھنجي بادشاهت قائم ڪئي. تاريخي اعتبار سان سارغون اول کي قديم دؤر جو پهريون گهڻ نسلي حڪمران تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن ڳچ عرصو اڪادي سلطنت تي حڪومت ڪئي. هن جي شھرت سمير ۽ ايلام جي علائقن کي فتح ڪرڻ سبب ٿي، جتان اُتر ۾ شام جي سرحدن تائين بہ ڪاھہ ڪيائين، جنهنڪري سندس حڪومت جون حدون ميسوپوٽيميا جي ٻن سمنڊن وچ تائين يعني ڀونوچ سمنڊ کان ايراني نار تائين پکڙجي ويون.
آثار قديمہ جي ماهرن جي تحقيقي راءِ مطابق اڪادي سلطنت جي قيام دوران سارغون اول جا سنڌو ماٿري، تھذيب ۽ اتان جي ماڻهن سان تجارتي ۽ سماجي لاڳاپا قائم هئا.
ان ڏس ۾ نعيم طاهر پنھنجي هڪ ڪتاب ‘Melluhas of the Indus Valley’ (ص: 4) ۾ آثارِ قديمہ جي ماهر جوناٿن مارڪ ڪناير جي ڪتاب ‘Ancient Cities of the Indus Valley Civilization’ مان حوالو ڏيندي لکيو آهي تہ:
”سنڌو ماٿريءَ جي قديم واپاري سرشتي بابت هٿ آيل تحريرن مان سنڌو ۽ اڪادي تهذيبن وچ ۾ واپار جي ابتدا (2300 ق. م ۽ 1300 ق. م) سارغون اول جي دؤر کان ٿيل ٿي ڏسجي.“
”قديم دؤر جي هن مشھور حاڪم/ بادشاھہ، دلمون (Dilmon)، مگن (Magan) ۽ ميلوها (Melluha) مان ايندڙ مال بردار ٻيڙين لاءِ پنھنجي سلطنت جي راڄڌاني اڪاد (Akkad) ۾ بندرگاھہ تعمير ڪرايا. گهڻي ڀاڱي ماهرن جي متفقه راءِ موجب قديم مگن، موجودہ دؤر ۾ مڪران ۽ عمان وارا علائقا، جڏهن تہ ميلوها، سنڌو تھذيب جي ڪنهن قديم خطي جو نالو رهيو هوندو.“
ساڳيءَ ريت يونيسڪو (UNESCO) پاران شايع ٿيل ڪتاب ‘History of Civilization of Central Asia’ جي پهرئين جلد ۾ ڊاڪٽر احمد حسن داني ۽ بي. ڪي ٿاپر جي گڏيل تحقيقي مضمون ‘The Indus Civilization’ ۾ هيٺينءَ راءِ موجب: ”سنڌو تھذيب جي آثارن مان مليل مهرن ۽ تحريري ڪتبن جي مڪمل ڀڃڻي/ پڙهڻي نہ ٿيڻ سبب سنڌو تھذيب جون وسيع علائقائي حدون اڄ سوڌو بي نانءُ آهن، تنهن هوندي بہ ميسوپوٽيميائي تھذيب جي لکتن مان سنڌو تھذيب ۽ دنيا جي ٻين قديم تهذيبن وچ ۾ سڌن توڙي اڻ سڌن واپاري لاڳاپن جون ثابتيون ملن ٿيون. سميري لکتن مان پڻ سارغون اول طرفان واپاري مرڪز (بندرگاھہ) قائم ڪرڻ جي واضح نشاندهي ٿيل آهي.
هڪ سميري لکت جي ڀاڃ موجب:
”ميلوها مان ايندڙ ٻيڙين،
مگن مان ايندڙ ٻيڙين،
دلمون مان ايندڙ ٻيڙين کي،
هُو هڪٻئي سان گڏ هڪ قطار ۾،
آگاڙي/ اڪاد (Agade) بندر وٽ بيهاري ٿو.“
(وڌيڪ ڏسو: دلمون، جلد پنجون، ص: 152)
مٿينءَ ڀڃڻيءَ جو تفصيل، نعيم طاهر جي ڪتاب ‘Melluhas of the Indus Valley’ ۾ پڻ ڏنل آهي.
ان کانسواءِ نعيم طاهر، ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو تہ مگن ۽ ميلوها کان جيڪي مال بردار ٻيڙيون اڪاد/ اگاڊ (Agade) جي بندرگاھہ تي وڃي لنگر انداز ٿينديون هيون، تن وسيلي ڪچ ڌاتو، خاص ڪري ٽامو، عاج، ڍليل ڌاتو، ڳاڙهسرو اڇو نيم قيمتي پٿر (Cornelian)، ڪوڏيون، لاجورد پٿر (Lapis Lazuli)، خالص موتي (مڻيا) ۽ مسالو وغيرہ تمام گهڻي مقدار ۾ واپار طور استعمال ڪيو ويندو هو.
هڪ اندازي موجب سارغون اول جي وفات 2215 ق. م ڌاري اڪاد، ميسوپوٽيميا ۾ ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو ملڪہ تيشللتم (Tashlultum) هو. سارغون اول کي چار پٽ ريمش (Rimush)، مئن اشتيشو (Man Ishtushu)، شو- اينلِل (اباروم)، الابائس ٽڪل (ابيش تڪل) ۽ هڪ ڌيءُ انهيديانا (Enhedvanna) هئي، جيڪا اُر (Urr) جي وڏي راهبه هئي، جنهن جا اِنانا (Inanna) جي مٿانهين مرتبي بابت لکيل ڀڄن صدين تائين پڙهيا ويندا هئا.
سميري تھذيب جي مختلف دورن ۾ اڪادي سلطنت جي حڪمرانن جي دورن کي ماهرن پنھنجي تحقيق ۽ اندازي مطابق جدولي طريقي ۾ هيٺينءَ ريت بيان ڪيو آهي، جنهن مان سارغون اول جي سلطنت جو ابتدائي ۽ بنيادي دؤر واضح ٿئي ٿو:
سارغون اول هڪ مالهيءَ جو پٽ هو هن 40 کان 55 سال حڪومت ڪئي، سندس حڪومتي عرصو 2215- 2270 ق. م هو. هن لوگل زاگي سي (Lugal Zage Si) کان شڪست کاڌي. ان بعد اڪاد، جيڪو اُر- زبابا جو ساقي هو، مختصر عرصو هتي حاڪم رهيو، سندس عرصو معلوم ٿي نہ سگهيو آهي. هن اُرڪ، سمير تي غلبو حاصل ڪيو ۽ اڪادي سلطنت جو مستقل بنياد وڌو. اڪاد کانپوءِ ريمش (Rimush)، جيڪو سارغون اول جو پٽ/ جانشين هو، هن 9 سال حڪومت ڪئي، يعني 2206- 2214 ق. م دوران حڪومت ڪئي. ان کانپوءِ ريمش جو ننڍو ڀاءُ ۽ سارغون جو پٽ مئن اشتيشو 15 سال حاڪم رهيو، 2191- 2205 ق. م، نرم سِن (Naram Sin) مئن اشتيشو جي پُٽ، 2191- 2205 ق. م تائين، 56 سال شهشاهيت ڪئي، سندس دؤر کانپوءِ شر ڪالي شري، نرم سن جو پٽ، 2129- 2153 ق. م تائين، 25 سال حاڪم رهيو، جنهن کانپوءِ چار حڪمران ٿيا: ارگيگي، ايمي، نانم ۽ الولو، چئني جي ٽن سالن تائين گڏيل حڪومت هئي. دودو 2104- 2125 ق. م تائين 21 سال حاڪم رهيو. اڪادي سلطنت جو آخري بادشاھہ دودي جوپٽ هو. هن 2083- 2104 ق. م تائين 15 سال حڪومت ڪئي.
مٿي بيان ڪيل دورن کانپوءِ اڪادي سلطنت زوال پذير ٿي وئي، جنهن بعد بادشاهت ارننگن (Ur-Ningin) جي حوالي ٿي، جنهن اُڙڪ سلطنت جو بنياد وڌو.