سارمه

سارمه

سارمه

سارمه (وڻ): سارمه، دنيا جي سرد علائقن ۾ ٿيندڙ وڻ آهي. گهڻن قسمن/ جنسن تي مشتمل هي وڻ، ننڍي کنڊ (پاڪستان، هندستان)، چين، افغانستان ۽ يورپ، اتر آفريڪا ۽ اتر آمريڪا ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ کي انگريزيءَ ۾ Maple، اردوءَ ۾ اسفندان، سنڌيءَ ۾ سارمو ۽ نباتاتي ٻوليءَ ۾ Aceraceae يا Sycamore maple چيو ويندو آهي. هن وڻ جو تعلق سيپنڊيسي (Sapindaceae) خاندان سان آهي. بنيادي طور هي وڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي، هڪ قسم ۾ 10 کان 45 ميٽر (30-145ft) ڊگها وڻ ۽ ٻئي قسم ۾ 10 ميٽرن کان گهٽ قد جا ننڍي ٿڙ سان زميني سطح تي پکڙيل ٻوٽا ٿين ٿا. هن وڻ جي جنس جي گهڻائي پن ڇاڻيندڙ (Deciduous) ٻوٽن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، پر ڀونوچ ۽ اتر ايشيا جي ڪجهه خطن ۾ هن وڻ جون سدا بھار جنسون پڻ ملن ٿيون. هن وڻ جا تقريباً سمورا قسم، ڇانو ڏيندڙ ۽ ماحولياتي آلودگيءَ گهٽائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، جن مان ڪجهه وڻن/ ٻوٽن جي پاڙ جو نظام خاص نموني جو ڳُوڙهو ۽ ڌاڳيدار ٿئي ٿو ۽ ڪجهه وڻن جي پاڙ گؤنچ نما ٿئي ٿي.
سارمو وڻن/ ٻوٽن جي هڪ انفراديت انهن جي پنن جي مختلف بيهڪ/ ترتيب بہ آهي. هن وڻ جي سڀني قسمن جا پن تِريءَ جي شڪل جا ٿين ٿا، جن جي وچ تي هڪ مرڪز ۽ ٽن کان نوَ (9)، ڪڏهن ڪڏهن تيرهن نسون ٿينديون آهن، جيڪي ڦاڪدار حصن ۾ ورهايل هونديون آهن. هن وڻ جي ٻوٽي جا گل ساوا، پيلا، نارنگي ۽ ڳاڙها ٿين ٿا. انفرادي طور ننڍڙا ۽ مجموعي طور وڏي گل جو ڏيک ڏين ٿا. انهن گلن جو رس ماکيءَ جي تياريءَ ۾ ڪتب ايندو آهي. هي وڻ گهرن ۽ عمارتن ۾ سينگار جي خيال سان پوکيو ويندو آهي. هن وڻ جو ڪاٺ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي، جن مان هڪ اعلى درجي جو ۽ ٻيو ٿورو هلڪو ٻئي درجي جو ٿيندو آهي، جنهن کي رهائشي ۽ تجارتي شين يا موسيقيءَ جي مختلف سازن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن تہ ڳر واري ڪاٺ جي خاصيت هئڻ سبب هن وڻ جو ڪاٺ ڪاغذ جي تياريءَ ۾ پڻ ڪتب ايندو آهي. ڪتابن جي اشاعتي ڪم لاءِ پڻ هن وڻ جي ڪاٺ مان ٺهيل ڪاغذ کي فوقيت ڏني ويندي آهي. ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ هن وڻ جي پن کي طاقت ۽ سگهہ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. اهوئي سبب آهي، جو هن وڻ کي ڪينيڊا سميت ٻين ڪجهه ملڪن ۾ قومي وڻ جي حيثيت حاصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو