سارنگي
سارنگي (ساز): سارنگي ڪلاسيڪل ساز آهي. هن جي طبليءَ سان جڙيل ڏنڊي عام طور تي شمشاد جي ڪاٺيءَ مان ٺهندي آهي. اها طبلي 2 فوٽ ڊگهي ۽ اڌ منو فوٽ ويڪري ٿئي ٿي، جنهن ۾ هيٺ، آوازي ڪوٺي يا کوپو، کوکي وانگر ٿئي ٿو. طبليءَ تي ٻڪريءَ جي کل چڙهيل هوندي آهي. طبلي جي ٻنهي پاسي سنهي چيلهه ٿئي. ڏنڊي جو سَرو ٿورو وڏو ٿئي، جنهن جي مٿان سوراخ ڪندا آهن. واڄي جي تار تند يا رودي (ٻڪريءَ جي آنڊن) جي ٿئي ٿي. ٻيءَ تار پتل جي، ٽين تار رڪ جي ۽ چوٿين تار پتل جي هوندي آهي. پهرينءَ تارکي باج جي ’تار‘ چوندا آهن، جيڪا شڌ مڌم تي رکندا آهن. ٻيءَ ۽ ٽين تار پنچم تي ۽ چوٿين تار گرام جي پنچم سان ملائيندا آهن. هونئن هن ۾ 40 کن تارون ٿين ٿيون، جيڪي آوازي کوکي جي مٿان لڳل هونديون آهن.
هي ساز گز جي مدد سان وڄائبو آهي. هي سنڌي سرندي جو نمونو آهي. هڪ هٿ سان تارن تي گز هڻبو آهي ۽ ٻئي هٿ سان مختلف هنڌن تي آڱريون ڦيرائي آواز کي پنهنجي گهربل ٽڪاءَ تي آڻبو آهي. هن ۾ چوڌاري ڳيٽيون لڳل هونديون آهن. درپد ۽ خيال ڳائڻ وارا سارنگي ۽ سر منڊل جي سنگيت کانسواءِ مشڪل ڳائي سگهندا آهن. سر منڊل ۽ تانپورو رڳو آس جهلي بيهندا آهن، پر سارنگي نه رڳو راڳ جون خوبيون ۽ باريڪيون اجاگر ڪندي آهي، پر مينڍ، مرڪ ۽ تان ۾ به گائڪ جو ساٿ ڏئي ٿي. وچ واري ساهيءَ ۾ ڪاريگر وڄائڻ وارا راڳ جي صورت کي سينگارين ٿا. سارنگيءَ جي هڪ معنيٰ سورنگي ۽ ٻي معنيٰ انسان جسم جي آهي، ڇو ته سارنگيءَ مان انساني ڳلي کان به وڌيڪ سُر نڪرن ٿا.
هي سنڌ جي ٿر ۽ راجسٿان واري علائقي جو خاص ساز آهي. حيدرآباد جا ماڙيچا گهراڻي جا استاد سازندا: حسڻو خان، موسو خان ۽ يوسف خان هن ساز جا استاد وڄوَت ٿي گذريا آهن، خير محمد خان جو ڀاءُ اسماعيل المعروف سڀ رنگ خان کانسواءِ بابا نيازو خان، مجيد خان هن ساز وڄڻ ۾ ڪمال دسترس رکندا آهن.