سارنگ1

سارنگ1 (ذات): سارنگ، سمن جي ذات آهي، جيڪي راڳ ڳائڻ ۾ مشھور هئا. نهڙين ۾ بہ سارنگ نک آهي، جيڪي سارنگ پٽ جراڙ پٽ ميين جو اولاد آهن. مڱرين ۾ بہ ’سارنگ‘ هڪ پاڙو آهي، جيڪي بيرڏھہ جو اولاد سڏيا وڃن ٿا. چون ٿا تہ مشھور بزرگ مخدوم عبدالرحيم مڱريو گرهوڙي بہ سارنگ پاڙي مان هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو