سارنگ3

سارنگ3: سارنگ، سانوڻ جي مُند/ مهيني کي چئبو آهي. سانوڻ، سنڌي ڪئلينڊر جو پنجون مهينو آهي، جنهن ۾ عام طور مينهن وسندو آهي. وڻ ٽڻ ڌوپي صاف ٿيندا آهن. پکي پکڻ ۽ ساهوارا خوش ڏسبا آهن. ’سارنگ‘ قديم سنڌي لفظ آهي، جيڪو ’مينهن، برسات‘ واري معنيٰ رکي ٿو. سارنگ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ بہ موجود آهي، جنهن جي معني ’مور جي ٻولي‘ آهي. ان کانسواءِ سارنگ، هڪ راڳڻيءَ جو نالو بہ آهي. هي سمپورڻ راڳن جي قسمن مان هڪ آهي. هن راڳڻيءَ جا سُر حقيقي معلوم ٿيندا آهن. هي راڳ ٻنپهرن جو ڳاتو ويندو آهي. شاسترن ۾ هيءُ راڳ ڀلارو راڳ ڄاڻايو ويو آهي. هنديءَ جي مشھور ڊڪشنريءَ ’شبد ساگر‘ ۾ سارنگ جي معنيٰ ميگهہ، بادل ۽ کنوڻ بہ ڄاڻايل آهي (وڌيڪ ڏسو: سانوڻ). راڳ جي دنيا ۾ سارنگ کي بنيادي ڇھن وڏن راڳن مان ٽئين نمبر راڳ ’ميگهہ‘ جو پٽ ۽ ’ملاري‘ کي ميگهہ جي زال ڪوٺيو ويو آهي. اهو ان ڪري جو اهي ٽئي هڪ لڙھہ جا راڳ آهن. هنن جي ڳائڻ جو وقت ۽ موسم پڻ ساڳي آهي. راڳ جي پارکن جو چوڻ آهي تہ اهي راڳ جي صحيح سر تال سان ۽ ترتيب سان ڳائجن تہ آسمان ۾ جهڙ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ مينهن وسڻ لڳندو آهي. هندي راڳ مالا ۾ جتي مينهن کي ’ميگهہ پتي‘ ڪوٺيو ويو آهي، اُتي مينهن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪڙڪيدار آواز کي ’ميگهہ ناد‘ سڏيو ويو آهي، جنهن جو عربيءَ ۾ ’رعد‘ لفظ آهي. چون ٿا تہ سارنگيءَ تي سڀ کان پهريان سارنگ ڳايو ويو، انڪري ان کي سارنگيءَ جو نالو ڏنو ويو، جنهن جا ٻيا روپ ڪماچ (کماچ) ۽ سرندو آهن. سارنگ لاءِ راڳ جي ماهرن وٽ هڪ ڏندڪٿا مشھور آهي تہ سارنگ هڪ پکيءَ جو نالو آهي، جنهن کي نڙگهٽ هيٺان هڪ سوراخ آهي، هو جڏهن پاڻي پيئندو آهي تہ سمورو پاڻي ان سوراخ مان وهي هيٺ ڪِرندو آهي ۽ هو اڃيو رهجي ويندو آهي. آخر جڏهن کيس اڃ گهڻو تنگ ڪندي آهي تہ هو راڳ ڳائڻ شروع ڪندو آهي ۽ نماڻين نگاهن سان آسمان طرف نهاريندو آهي تہ آسمان ۾ جهڙ ٿي پوندو آهي ۽ بوندون وسڻ شروع ٿينديون آهن، جنهن سان هن پکيءَ جو تتل جسم ٺري پوندو آهي، انسان هن پکيءَ جو نالو سارنگ رکيو ۽ اهو راڳ منجهند جو ڳايو ويندو آهي. هي وقت ان لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جو ان مھل سج جي تپش ۾ ڪائنات جي هر ذري کي ٿڌڪار ۽ راحت جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها هن راڳ جي اثر سان ئي حاصل ٿيندي آهي. هي راڳ سانوڻ ۽ بڊي جي مهينن ۾ سخت گرميءَ ۾ ٻنپهرن جو ڳائبو آهي.شاھہ لطيف بہ پنهنجن بيتن ۾ رعد جو ذڪر هن طرح سان ڪيو آهي: ’سڻيو رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن‘ موسيقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ سارنگ راڳ ڳائڻ سان مينهن وسندو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ سان اها ڳالھہ واضح ٿئي ٿي تہ شاھہ لطيف کي سارنگ ۽ سنگهارن سان پيار آهي. سندس شاعريءَ جي سُرن: سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، ڪاموڏ، گهاتو ۽ سارنگ ۾ پاڻي ۽ پاڻيءَ متعلق شين جو ذڪر ملي ٿو. ٻين سُرن ۾ سمنڊ ۽ درياھہ جو خاص طور ذڪر ڪيل آهي. سنڌ جو علائقو ٿر، هر وقت پاڻيءَ جي ڇڪ ۽ سڪ ۾ هوندو آهي، اُتان جي رهاڪن جون اکيون سدائين آسمان ۾ هونديون آهن. دانائن مينهن کي رب جي رحمت سڏيو آهي، جنهن سان هر طرف ساوڪ ۽ سرهاڻ، سرهائي ۽ سونهن جا منظر پيدا ٿيندا آهن. برسات سان نہ رڳو پوکون، ميوا، گاھہ ۽ ٻي پيداوار حاصل ٿئي ٿي، پر پاڻي، مواصلات جو وڏو ذريعو آهي، جيڪو بہ سارنگ جي سٽائن سان وجود ۾ اچي ٿو، ان لاءِ پاڻيءَ جا درياهي ۽ سامونڊي روپ موجود آهن. سارنگ ۾ ڪيئي رنگ ظاهر ٿيندا آهن، ان ڪري هن رت کي رنگا رنگي، انڊلٺ رنگي، ڌنڪ وَن ۽ سون جهڙن نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهي سڀ رنگ سارنگ ۾ موجود هوندا آهن. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ چيو آهي تہ: اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين، ساز، سارنگيون، سرندا، وڄائي برچنگ، صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام تي! سارنگ جي سرن جي نسبت سان ڪوئل، ٻاٻيهي ۽ مور جي رڙ کي اهميت آهي. سارنگ جي تاب ۽ هيبت جي نسبت سان اُن کي شينهن، هاٿي ۽ نانگ پڻ سڏيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو