ساريا (ذات): ساريا ذات وارا سميجا ڪل مان چيا وڃن ٿا، جن جو واسطو انڙن سان آهي. ساريا، سمن، ابڙن ۽ ملاحن ۾ ٿين. هي قديم سماٽ ذات آهي، جنهن ۾ ڌاريجا، راهوجا، مناهيجا، فيروزيجا، ڪيريا ۽ منگواڻا شامل آهن. ساريا جنگجو رهيا آهن. کيسن پنهنجو لشڪر هوندو هو. دادو ضلعي جا شھر ڪَڪڙ ۽ خانپور سندن خاص علائقو آهن. ڪا ساريا دعويٰ ڪن ٿا تہ هو عرب آهن. حضرت عمر فاروق رضہ جي هڪ خاص سپھہ سالار جو نالو ’ساريو‘ هو، جنهن جو اولاد آهن. ناليوارو قومپرست اڳواڻ پنھل ساريو، شاعر ناصر ساريو بہ هن ذات سان تعلق رکن ٿا.