ساقي (رسالو): ورهاڱي کان اڳ ’ساقي‘ رسالو، مشھور ڪهاڻيڪار ۽ اديب امر لعل هنڱوراڻي ڪڍندو هو. هن رسالي ۾ سندس ۽ ٻين اديبن جون ڪهاڻيون ڇپبيون هيون. هن رسالي ۾ سندس مشھور ڪهاڻي ’ادو عبدالرحمٰن‘ ٻہ ڀيرا ڇپي هئي.