ساقي هالائي

ساقي هالائي: ساقي هالائيءَ جو اصل نالو عبداللطيف ابڙو هو، هي لطف علي ابڙي جي گھر ۾، 20 جولاءِ 1932ع ڌاري هالا ۾ ڄائو. ڇهه درجا انگريزيءَ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ روزگار خاطر حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. کيس شعر سخن سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا: (1) ’سرڪي‘ 1964ع ۽ (2) ’نينهن نشا‘ 1966ع قابل ذڪر آهن. ساقي هالائيءَ، 20 فيبروري 1993ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.20  عيسوي

ساقي هالائيءَ جو اصل نالو عبداللطيف ابڙو هو، هي لطف علي ابڙي جي گھر ۾، 20 جولاءِ 1932ع ڌاري هالا ۾ ڄائو.


1993.02.20  عيسوي

ساقي هالائيءَ، 20 فيبروري 1993ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال چانڊيو
سردار سلطان احمد خان
سڀاش چندر بوس
سليمان راڄڙ خليفو
علي نواز علوي مير
روپلو ڪولهي
رحيم بخش شيخ
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
بالاچ گرگيج
وحيد محسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون