سالورو2

سالورو2: ڏيڏر کي ’سالورو‘ بہ چيو ويندو آهي. قاضي قادن جي ڪن بيتن ۾ ’سالورو‘ لفظ ’ڏيڏر‘ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آهي:
سر ساڳئي وسن، جر ۾ نينھن نہ گڏيو،
سُڌ نہ سالورن، مٿي ڪنول ڦُلاريو!
-
جي سالورو سُڌ لهي، ڪنولا سندي ڪاءِ،
تہ پيو پاتال ۾، هوند نہ مٽي کاءِ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو