سالڪ جو سفر

سالڪ جو سفر

سالڪ جو سفر

سالڪ جو سفر (ڪتاب): هي ڪتاب يورپ جي نامياري مصنف جان بنين (John Bunyan) جي ڪتاب، Pilgrim’s Progress جو ترجمو آهي، جيڪو پرڀداس ڀيرو مل آڏواڻيءَ ڪيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1943ع ۾، موهن جي شھاڻي ايجوڪيشنل پبليڪيشن ڪمپنيءَ پاران ڇپايو ويو هو. جان بنين جو هيءُ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پهريون ڀيرو 1678ع ۾ ڇپيو هو، پرڀداس آڏواڻيءَ، ڪتاب جي يارهين ڇاپي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ليکڪ ڪتاب عيسائي مذهب جي نقطہ نگاھہ کان لکيو هو، پر هن ڪتاب ۾ ڪنهن بہ خاص مذهب جو پرچار ڪرڻو نہ هو ۽ نہ ڪو فرقيـوار رنگ ڏيڻو هو، ان ڪري مترجم مناسب هنڌن تي ڦير ڦار ڪئي آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي پنھنجي پيءُ ۽ نامور عالم ڀيرو مل آڏواڻيءَ جي صلاح سان شاھہ، سچل، سامي ۽ ٻين جي ڪلام مان ڪجهہ بيت وڌايا آهن، جنهنڪري ڪتاب جو رنگ ۽ ڍنگ نرالو ٿي پيو آهي. ڪتاب ۾ اصل ليکڪ جا خيال منڍ کان آخر تائين ساڳيا رکيا ويا آهن. ڪتاب ۾ روحاني سفر جو ذڪر آهي، جنهن ۾ اهو تمثيلي نموني ڄاڻايل آهي تہ سالڪ کي ٻن قسمن جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هڪڙيون بيروني ۽ ٻيون اندروني. بيروني مصيبتون آهن دنيوي تعلقات ۽ دنيوي ڳالهين بابت خفا ۽ اندروني مصيبتون آهن: نفس ۽ نفساني وسوسا. اهي ٻئي کيس پرڀائي ۽ ڀٽڪائي، حق جي راھہ کان گمراھہ ڪن ٿا، جنهنڪري کيس ڪنهن ڪامل مرشد جي ضرورت پوي ٿي. ان جي هدايت سان هو شريعت جي راھہ لنگهي طريقت جي تڙ تي پُڄي ٿو ۽ پوءِ مرشد جي فيض نظر سان هو معرفت جو دڳ وٺي ٿو، جتي سالڪ اندروني ۽ بيروني آفتن کان آجو ٿي، ٻيائيءَ جا ٻنڌن ٽوڙي ٿو ۽ حق سان ملي هڪ ٿئي ٿو.
ڊيمي سائيز جي 172 صفحن واري پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، فيبروري 2012ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو