سامارو (تعلقو ۽ شھر): شھر سامارو جي نالي سان مختلف ڳالهيون عام آهن، ڪي چون ٿا تہ اصل ۾ واڻيا (ديوان) رهندا هئا، جنهن مان ڪنهن جو نالو ’ساماڻو‘ هو، جنهن جي پٺيان شھر جو نالو سامارو پيو. ڪن دانائن جو چوڻ آهي تہ دودي سومري وارن جون سامون هتي رهيون هيون. اڳتي هلي ان ماڳ جو نالو پيو ‘سامارو’. ڪجهہ ماڻهن جو خيال آهي تہ هن ماڳ ڀرسان درگاھہ حسن باغبان آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ مختلف درويشن جون رهاڻيون ٿينديون هيون، جنهن کي ‘سمارو’ چيو ويندو هو. ‘سمارو’ هندي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ‘گڏجاڻي’ يا ‘اجتماع’ آهي. جنهن کانپوءِ اهو ماڳ ‘سامارو’ مشھور ٿيو.
هن وقت سامارو تعلقو آهي، جيڪو 1947ع کان اڳ جو آهي ۽ 1993ع کان 2001ع تائين سب ڊويزن رهيو. هي تعلقو اڳ ۾ ٿرپارڪر، پوءِ ميرپورخاص ۽ هاڻي عمرڪوٽ ضلعي ۾ آهي. تعلقي جي پکيڙ 142000 ايڪڙ آهي، جيڪا 364 چورس ڪلوميٽر جي برابر آهي. ساماري تعلقي جي اتر طرف تعلقو پٿورو، ڏکڻ طرف تعلقو ڪنري، اوڀر طرف تعلقو عمرڪوٽ ۽ اولھہ طرف ڪوٽ غلام ڀرڳڙي آهي ۽ ويجهي شهر، سامارو روڊ ۾ ريلوي اسٽيشن بہ آهي. هن وقت سامارو شھر جي حيثيت ٽائون ڪميٽيءَ جي آهي. ان کان سواءِ تعلقي جو درجو بہ حاصل آهي. سامارو تعلقي ۾ 9 يونين ڪائونسلون: (1) سامارو، (2) سامارو روڊ، (3) گلزار خليل، (4) حاجي بندہ علي راهو، (5) ستڙيون، (6) آراڙو ڀرڳڙي، (7) حاجي عبدالحڪيم ڌونڪائي، (8) ٽوبنواري ۽ (9) پڌريو شامل آهن. ساماري ۾ مختلف برادريون رهن ٿيون، جن ۾ ڀرڳڙي، ڪپري، کوسه، راهو، پير سرهندي، خاصخيلي، ڀنڀرا، لوهاڻا، ڪولهي، ميگهواڙ، ڀيل، مهيشوري ۽ پرمار مشھور آهن. سامارو روڊ، راهوآباد، صالح ڀنڀرو، آراڙو ڀرڳڙي، گلزار خليل مشھور شھر يا ڳوٺ آهن. شھر ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول، هاءِ اسڪول بوائز، گرلس ۽ ڪاليج آهي. مختيارڪار جي آفيس 1906ع ۾ تعمير ٿي، شھر ۾ ڪو بہ ڪارخانو ڪونهي. تعلقي ۾ هڪ ديھہ جو نالو پڻ سامارو آهي.