سامتاڻي، نارائڻ هيمن داس

سامتاڻي، نارائڻ هيمن داس

سامتاڻي نارائڻ هيمن داس

سامتاڻي، نارائڻ هيمن داس: سنڌي، سنسڪرت ۽ پالي ٻولين جي وڏي عالم ۽ ’ٻوڌي تعليمات‘ جي بين الاقوامي محقق ۽ ماهر، ڊاڪٽر نارائڻ سامتاڻيءَ جو جنم، 10 جون 1924ع ۾، جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ هيمنداس عالمچند سامتاڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. نارائڻ اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس ماءُ وفات ڪري وئي، جنهنڪري سندس سنڀال ۽ پڙهائيءَ جو بندوبست سندس پيءُ ئي ڪيو. سندس والد ويدانتي ويچارن جو حامي ۽ ڌرمي سڀاءُ رکندڙ هو ۽ هميشه ساڌو سنتن جي صحبت ۾ رهندو هو. هن سکر، روهڙي ۽ ڪراچيءَ ۾ ريلوي ۾ ملازمت پڻ ڪئي. نارائڻ سامتاڻيءَ تي پيءُ جي ويدانتي ۽ صوفي ويچارن جو وڏو اثر پيو ۽ پيءُ سان گڏجي سنتن جي سيوا ڪندو رهندو هو. هو ننڍي هوندي جوهيءَ جي سوامي ڀڳت رام جي ٽِڪاڻي ۾ ايڪانت ۾ ويهي سوچيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پڙهندو به هو. ان ڪري ’پڙهڻ، ڌيان ۽ ايڪانت‘، جن جي ٻُڌ ڌرم ۾ وڏي اهميت آهي، تن جا سنسڪار هن ۾ ننڍي هوندي ئي پيدا ٿيا هئا. اڄ به ڌيان، پڙهڻ ۽ ايڪانت هن جي جيون جو حصو آهن.
جڏهن نارائڻ ننڍي هوندي دادوءَ جي اسڪول ۾ پڙهندو هو ته سندس پيءُ هڪ بنگالي سنت شانتي ناٿ کي سنڌ ۾ اچي سنڌوءَ ڪناري ايڪانت ۾ ويهي ڪتاب لکڻ جي ڪوٺ ڏني هئي ۽ پاڻ ساڌوءَ سان گڏ ڳوٺ ڏيپارجا (موجوده ضلعي نوشهري فيروز) لڳ درياهه ڪناري چار جهوپڙيون اڏي وڃي ويٺو هو. هن بنگالي سنت جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڌرم ۽ درشن تي ڪتاب اڳتي هلي ڪافي مشهور ٿيو. نارائڻ به پيءُ سان گڏ 10 ڏينهن سنڌوءَ جي ڪناري جهوپڙيءَ ۾ رهيو هو ۽ اُن ساڌوءَ سان ملاقات ڪئي هئائين. نارائڻ سامتاڻيءَ، اسڪولي تعليم ڪراچيءَ جي سٽي هاءِ اسڪول ۾ ختم ڪئي. مئٽرڪ ۾ هن ٻين مضمونن سان گڏ فارسي به کنئي ۽ فارسيءَ ۾ سُٺيون مارڪون کنيائين. جڏهن ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته فارسي ڇڏي سنسڪرت کنيائين. ان وچ ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ نارائڻ سنڌ ڇڏي مائٽن سان گڏ اچي اجمير ۾ رهيو. هن بنارس جي سنسڪرت پاٺشالا ۾ سنسڪرت جو وياڪرڻ ۽ گرنٿ اُداسين پڙهيو، پوءِ بمبئيءَ وڃي ماسيءَ جي گهر رهيو ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ مان سنسڪرت، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ بي. اي ڪيائين. سنسڪرت پڙهڻ جو شوق کيس ان ڪري هو ته جيئن هو گيتا ۽ اپنشد اصل مفهوم موجب پڙهي سگهي. هن ڪجهه عرصو الهاس نگر، ممبئي ۽ گانڌيڌام ۾ ماستري ڪئي ۽ اُتي جي اسڪولن ۾ سنسڪرت ۽ هندي پڙهائي. هن پروفيسر بليجا جي اُتساهه ڏيارڻ تي ’سنڌو سنسڪرت پرچار سمتي‘ قائم ڪئي، جنهن جو هو سربراهه رهيو، اُتي ڪيترا سنڌي خانگي طرح سنسڪرت پڙهندا ۽ پاڙهيندا هئا ۽ نارائڻ پڻ اُتي رات جو سنسڪرت ڪلاس هلائيندو هو. هن بعد ۾ بهار پرڳڻي جي نالندا يونيورسٽيءَ مان پالي ۽ سنسڪرت ۾ ايم. اي ڪئي. پاليءَ ۾ ايم. اي پاس ڪرڻ کانپوءِ گانڌي ڌام ۾ ڀائي پرتابراءِ جي دلچسپيءَ ڪري سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيو ۽ بمبئيءَ ۾ به ڪجهه وقت پارٽ ٽائيم سنسڪرت پڙهايائين، پر کيس پالي پڙهائڻ جو وڏو شوق هو. ان وچ ۾ هندستان ڪتاب گهر، الهاس نگر جي نارائڻ ڀارتيءَ کيس مهاتما ٻُڌ جي جيون تي ڪتاب لکڻ لاءِ چيو. جڏهن 57- 1956ع ڌاري دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مهاتما گوتم جو 2500 جنم ڏينهن ملهايو پئي ويو ته ان موقعي تي سندس ڪتاب ’ٻُڌ درشن‘ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي چڱي ساراهه ٿي ۽ ان تي انگريزيءَ ۾ به تبصرا شايع ٿيا. آسام جي سنڌي گورنر دادا جئرام داس دولترام، نارائڻ جي پالي ٻوليءَ ۾ دلچسپي ڏسي سندس وڏي همت افزائي ڪئي. سامتاڻيءَ کي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو وڏو شوق هو، ان دوران ڀکشو جگديش ڪيشپ ڊائريڪٽر کيس بمبئيءَ مان گهرائي نالندا يونيورسٽيءَ ۾ ’پالي تريتڪ‘ (بنيادي پالي گرنٿ) جي سهيڙ واري پراجيڪٽ ۾ معاون ايڊيٽر مقرر ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ’ٻوڌ وديا‘ جو شعبو کليو ۽ ان ۾ ريسرچ فيلو جو اشتهار شايع ٿيو. هن ڊائريڪٽر جي اجازت سان ان لاءِ درخواست ڏني ۽ چوندجي ويو. دهلي يونيورسٽيءَ ۾ ’ٻوڌ وديا‘ جي عالمي درجي جي نالي واري عالم پروفيسر پي. وي. باپٽ، جنهن آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي، ان جي رهبريءَ ۾ نارائڻ سامتاڻيءَ مهاپنڊت راحل سانڪرتياين جي ٿُٻيٽ ياترا دوران هٿ ڪيل ٻوڌ سنسڪرت گرنٿ (ارٿ ونشيه سوتر) ۽ ان جي شرح، جيڪا نالندا وشيه وديالا ۾ اٺين صديءَ ۾ لکي وئي هئي، ان جي تنقيدي ۽ تحقيقي جـائـزي تي مشتمل، ٽن سالن جي ريسرچ فيلوشپ ۾، پنهنجي ٿيسـز پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪئي. اهڙيءَ طرح هن 1961ع ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. سندس ٿيسز پهرين 1971ع ۾، پاٽنا جي مشهور ڪي. پي. جيسوال انسٽيٽيوٽ ڇپائي پڌرو ڪئي ۽ 2002ع ۾ ان جو انگريزي ترجمو برڪلي يونيورسٽي، آمريڪا ۾ ڇپيو، جنهن جو مهورت ٿٻيٽ جي مشهور مذهبي رهنما دلائي لاما ڪيو. هن ڪتاب تي ڏيهه پرڏيهه ۾ تمام گهڻا تبصرا ٿيا ۽ نارائڻ سامتاڻيءَ کي عالمي سطح جي مشهوري حاصل ٿي. پولينڊ جي هڪ عالم مارڪ ميجر هن ڪتاب کي موجوده ’ٻوڌ وديا‘ جي وڏي حاصلات قرار ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ڪيترن عالمن به سامتاڻيءَ جي تحقيق جي وڏي تعريف ڪئي آهي.
پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کانپوءِ نارائڻ سامتاڻي 1961ع ۾ بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ پهرين پاليءَ جو ليڪچرارمقرر ٿيو، پوءِ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو، جتان 1984ع ۾ رٽائر ڪيائين. ان وچ ۾ ’ٻوڌ فلسفي‘ بابت هن جا ڪيترائي مضمون شايع ٿيا. ڪيترين ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪانفرنسن ۾ به شريڪ ٿيو. هو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پالي ۽ ٻڌ ادب جو وزيٽنگ پروفيسر ٿي رهيو، جن مان مکيه آهن: ڊينمارڪ، يورپ، آمريڪا، ڪئناڊا، ٿائلينڊ، اٽلي وغيره. رٽائرمينٽ کانپوءِ هڪ سال 1993ع ۾ سارناٿ ۾ ۽ 1994ع ۾ ناگرجن يونيورسٽي (گنوتور) مهايانه ۾ ٻڌسٽ اسٽڊيز جو اعزازي ڊائريڪٽر ٿي رهيو، 1999ع ۾ هندستان جي صدر ڪي. آر. نارائڻ کيس پالي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ ڏنو ۽ هن لاءِ هر سال 50000 روپين جي اسڪالرشپ منظور ڪئي. 2005ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ کيس انڊين ڪلاسيڪل ٻولين ۽ ادب جي اڀياس تي قدرشناسيءَ طور ’ڀاشا سنمان‘ ۽ روڪ انعام ڏنو. سندس رهنمائيءَ ۾ 12 شاگرد ’پالي- ٻُڌ ادب‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي حاصل ڪري چڪا آهن، جيڪي ڏيهي ۽ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
نارائڻ سامتاڻي دهليءَ ۾ جئرام داس دولترام جي رهبريءَ هيٺ هلندڙ سنڌو ريسرچ سوسائٽيءَ جو ڪجهه وقت سيڪريٽري، سنڌي ڪاليجن جي شاگردن جي تحقيق جو گائيڊ، بنارس مان نڪرندڙ سنڌو لوڪ مخزن جو ايڊيٽر ۽ 1964ع ۾ اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه سميلن جو وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو.
نارائڻ سامتاڻي رٽائرمينٽ کانپوءِ به ٻڌمت بابت سکيا ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رکيو. يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي هڪ ڊڪشنري پراجيڪٽ ۾ مکيه محقق جي حيثيت ۾ هن ٽي سال پالي ۽ ٻڌ سنسڪرت ڪتابن جي آڌار تي هڪ ’اصطلاحي لفظن جي ڀيٽا ڀيٽي‘ ڊڪشنري تيار ڪئي، جيڪا اڃا ڇپي نه آهي.
11 فبروري 2010ع تي، پروفيسر سامتاڻيءَ جي گهر واري بنارس ۾ لاڏاڻو ڪيو، سندس ڌيءُ دهليءَ ۾ پنهنجي ڪٽنب سان آباد آهي ۽ پاڻ اڪيلو جهوليلال ڪالوني، واراڻسيءَ ۾ رهندو آهي، جتي سندس دوست ۽ شاگرد سندس سارسنڀال لهندا آهن.
نارائڻ سامتاڻيءَ جي ٻن شاگردن: لالجي شرواڪ (Lalji Shravak) ۽ چارلس ولمين (Charles Wilemen) سندس ٻڌ ساهتيه جي حوالي سان خدمتن تي مشتمل هڪ عالمي سطح جو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو عنوان آهي:
“Dharmapravicaya Aspects of Buddhist Studies, Essay in Honour of N. H. Samtani.”
لالجي شرواڪ هن وقت ڊپارٽمينٽ آف پالي اينڊ ٻڌ اسٽڊيز، واراڻسيءَ ۾ پاليءَ جو پروفيسر آهي، جڏهن ته چارلس ولمين، انٽرنيشنل ٻڌسٽ ڪاليج ٿائيلينڊ ۾ ريڪٽر(Rector) آهي.
نارائڻ سامتاڻيءَ جو سنڌي ٻوليءَ سان پيار اڄ تائين قائم آهي. سندس تحقيق جو وڌيڪ فائدو جيتوڻيڪ ٻڌمت وارن کي مليو، پوءِ به هن سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي، جهڙوڪ: (1) ٻڌ درشن (ڪتاب: 1956ع)، (2) اساڌاراڻ عالم ۽ آدرشي سياسي مدبر- دادا جئرام داس دولترام (مضمون)، (3) شاڪيه مني ۽ شاهه عبداللطيف (مضمون)، (4) پالي ساهتيه جي جهلڪ (مضمون) ۽ ٻيا ڪيترا ٻڌ ۽ سنسڪرت ادب بابت ليک.


هن صفحي کي شيئر ڪريو