ساموئي (قديم ماڳ): سومرن جي صاحبيءَ دوران ڪجهہ وقت سندن گاديءَ جو هنڌ ’وڳھہ ڪوٽ‘ ۽ ڪجهہ وقت ’محمد طُور‘ شھر رهيو. دودي ۽ چنيسر جي گهرو ويڙھہ سبب هي شھر ختم ٿي ويا. سومرن کانپوءِ سمن جي صاحبيءَ ۾ هنن پنھنجي گاديءَ جو هنڌ ’ساموئي‘ بنايو، جيڪو اڄ ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ ٺٽي کان ڏيڍ ڪوھہ (ٽن ميلن) جي پنڌ تي مڪلي ٽڪريءَ جي اُتر طرف موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ درياھہ بہ اتان وهندو هو. پاڻيءَ جي سهنج ۽ سهولت ڪري هن کي تختگاھہ بنايو ويو، جن ’ماموئي‘ فقيرن جو اڳڪٿيون مشھور آهن، سي بہ هتان جا چيا وڃن ٿا.
’تحفة الڪرام‘ ۾ روايت آهي تہ ڄام بابيني اھو شھر آباد ڪيو هو. ڪن جو چوڻ آھي تہ هي شھر ڀانڀنيه (ڀنڀي) بن انڙ جو ٻڌايل آھي، جيڪو فيروز تغلق جي دور (91-790 ھجريءَ) ۾ آباد ٿيو هو. جڏھن سمن سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت مڪلي تي قلعو ۽ شھر آباد ڪري ان تي ’ساموئي‘ نالو رکيو ويو. هيءَ سرزمين ھن وقت ويران پئي آھي. شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مزار انھيءَ ايراضيءَ ۾ آھي. ستن ستين ڀينرن جي زيارتگاھه بہ هتي آھي. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (1508-1461) پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ ڦيرائي ٺٽو ڪيو تہ ساموئيءَ جي اھميت گهٽجي وئي ۽ اڳتي هلي هي شھر ويران ٿي ويو.