سامونڊي

سامونڊي (شاھہ جو سُر): شاھہ جي رسالي جي هن سُر ۾ وڻجارن ۽ سندن وهن جو احوال عمدي طريقي سان بيان ڪيل آهي. شاھہ صاحب هن سُر ۾ زال ذات جي جذبن ۽ امنگن جو جيڪو نقش چِٽيو آهي، ان مان ڄاڻ پوي ٿي تہ شاھہ صاحب وڻجارين جي انتظار ۽ اوسيئڙي جو گهريءَ نظر سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو آهي. لاڙ ۾ سامونڊين جي وڇڙيل وهن جي حال جي شاھہ صاحب هن سُر ۾ تصوير چٽي اٿس. وڻجارين جي من جا مونجهارا، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت واپس ورڻ لاءِ حيلا ۽ تپسيائون، تڙن تي ورڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پُڇائون، پيرن تي پڙ باسڻ، درياھہ تي اکا پائڻ، چو واٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيرہ. انهن سڀني ڪيفيتن جو نهايت دلسوز ۽ رِقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
لڳي اتر هير، سامونڊين سڙھہ سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
هينئڙي هِت اُڪير، کاري کيڙائن جي!
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو تاريخ ۾ هميشہ اهميت وارو رهيو آهي. سنڌي قوم وڻج واپار ۽ جھاز رانيءَ جي فن ۾ ايتري تہ ماهر هئي، جو فينقي ۽ ٻيا جھاز رانيءَ جي فن کان گهڻو متاثر ٿيا. گهڻن سڙهن وارن وڏن غورابن جي ايجاد جو سھرو بہ هن واديءَ جي قوم تي رهيو آهي. هتان جا جهازران ۽ ٻيڙيائتا اوڀر يورپ، وچ مشرق ۽ ڏور اوڀر توڙي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارن ملڪن تي سفر جي سامونڊي طور طريقن ڪري ڪيترو وقت ڇانيل رهيا، هتان جا وڻجارا هن واديءَ جي هنر ۽ ڪاريگريءَ وارين وٿن کي غورابن ۾ ڀري ڏورانهن ڏيهن ۾ وڃي وڪڻندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ اچي ٿو.
انهن وڻجارن جو سفر مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال هوندو هو، انهي واپاري ڪاڄ وارا وڻجارا جيڪي اڪثر لهاڻا نسل جا هوندا هئا، پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ٻئي طرف وري سمونڊ جي سيني تي مهاڻن ملاحن، منڌرن ۽ نڱامرن جي موج هوندي هئي، جيڪي غورابن جا سڙھہ سنواري ۽ کوهن جي خبر وٺي ننڍن وڏن ٻيڙن کي پيا مَک ڏيندا هئا تہ متان ڪٿي کاري جو پاڻي ٻيڙن جي کوهن ۽ تر کي کائي جوکي جو سبب نہ بڻجي. ميد نسل جي هنن قبيلن جو ڌاڪو هو ۽ پنھنجي واپاري ۽ جهازرانيءَ جي فن جي خوبين جي ڪري هن واديءَ جا نڪ هئا، جن تاريخ ۾ پنهنجا نہ وسرندڙ نشان ڇڏيا آهن.
سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي وسندڙ غورابن جي گهٽن گهيڙن ۽ تڙن جو ڪو سنڌو ڪونه هو. وڏن بندرن تي واپارين، گماشتن ۽ دلالن جون ڪوٺيون هونديون هيون. ڪن ڪوٺين کي بچاءَ جا قلعا بہ هوندا هئا، ٻاهران ايندڙ غورابن ۽ جهازن تان مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ تڙن تي چاڙهيڪن وٽ ٻيڙين ۽ ڊونڍين جو ڪو ڇيھہ نہ هوندو هو. ڪٿي مياڻين تي مڇي پئي لهندي هئي تہ ڪٿي غورابن ۽ ٻيڙين جي آڍ مَک لڳي پئي هوندي هئي، سڙهن کي سرکو ڪيو ويندو هو، متولن ۽ ونجهن کي سنڀاليو ويندو هو، مطلب تہ سفر کان آيل ۽ سفر تي ويندڙ ٻنهي جي ڪهولن جو ٻُراءُ پيو ڪن پوندو هو. تڙن تي هلچل ۽ هونگار هوندي هئي، وڻجارا ۽ واپاري گماشتا ۽ دلال، مالڪ ۽ مزدور، ڪاريگر ۽ ڪاسبي پيشہ ور ۽ پورهيتن جو هڪ انبوھہ نظر ايندو هو، جنهن ۾ ڪو مال جي اوسيئڙي ۾، ڪو سفر جي سانباهي ۾، ڪو وڪري جي وهنوار ۾، ڪو خريداريءَ جي کشت ۾ رُڌل هوندو هو. ڪٿي غوراب لنگر هنيو بيٺا هوندا هئا تہ ڪي وري سڙھہ سنباهي روانا ٿيندا هئا. ڪن اچڻ وارن جا پري کان کوها ۽ ڏياٽيون نظر اينديون هيون.
ويندڙ اُداسائيءَ ۽ ارمان جي نظرن سان دلين ۾ ڪئين داستان سمائي ويندا هئا تہ انهن سان پيار ڪندڙ وري اوسيئڙي ۾ ڪنارن ڏانهن ڏسندا هئا. جڏهن وڻجارا ورندا هئا، تہ سندن عزيز سندن ديدار لاءِ آتا ۽ اتاويلا پيا نظر ايندا هئا تہ سندن وَهون پڳھہ لڳنديئي محبوب جي منهن ڏسڻ لاءِ اوسيئڙي جا ارمان، ملاقات ۽ ميلاپ جا احساس کڻي منتظر نظر اينديون هيون.
پڳھه پاسي گهار، آيل! سامونڊين جي،
وِجهي جيءُ جنجار، جِم وڃنئي نڪري!
-
جيڪر اچي هاڻ، تہ ڪريان روح رچنديون،
آيل، ڍولي ساڻ، ڳَرِ لڳي ڳالهيون ڪريان!
وڻجارن جي آمد تي مندائتيون ريتون ۽ رسمون ادا ٿينديون هيون. ڏياريون، ٿڌڙيون، هوليون، عيدون ۽ برادون، پاٻوھہ ۽ پريت سان ملهائبيون هيون. مسجدن ۾ ٻانگ ۽ ٽِڪاڻن ۾ سَنک جا آواز، چيٽي چنڊ جي رات بھراڻي کڄڻ وقت جانجهہ جي جھانءِ جي جهنڪار جيءَ ۾ جهيرون وجهي ڇڏيندي هئي. وڻجارن جون ونيون ۽ وَهون، ڪونج جهڙيون ڪامڻيون درياھہ شاھہ تي ڪنجهي جي ٿالهين ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيئا ٻاري انهيءَ ۾ چانور ۽ سيندور وجهي پلوَ پائي دريا شاھہ تي اکا اچي وجهنديون هيون ۽ ڀيٽا پيون ڏينديون هيون.
نما شام مھل يا صبح سوير ڀيٽا کانپوءِ پاڻيءَ جا گڏون کڻي گهر جي ٻنڀي ۽ اوٽي تي ڇنڊا هنيا ويندا هئا. ڪو پردو نہ هو، ڪا روڪ نہ هئي، حيا شرم جو دور هو، نفرتن جو نالو نہ هو. لطيف سائينءَ جي دور ۾ ٻہ اڍائي سؤ سال اڳ ۾ نينھن ڀريل نرمل نظاري جو ڪهڙو انداز هوندو، انهيءَ وارتا جا ڪهڙا ورن هوندا هئا، جن جو لطيف مشاهدو ڪيو هو، اهو هن سُر جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل آهي.
ٿيا ڏياريءَ ڏينهن، سامونڊين سفر جي،
مون سِر وٺا جيڏيون، ڏکن سندا مينهن،
ڪيس نماڻي نينهن، کاري کيڙائن جي!
سر سامونڊيءَ ۾ اهو مشاهدو ۽ اظهار جذبات سان پر نظر اچي ٿو. جڏهن اتر جي اوت ٿيندي هئي تہ سامونڊي سفر تي اسهڻ لاءِ غورابن ۽ ٻيڙن جي پرگهور لھڻ شروع ڪندا هئا.
آئي اُتر مُند، هينيين اُڊڪو نہ لهي،
وٽين لاڄو بند، ٻيهر مَکين ٻيڙيون.(شاھہ)
سامونڊي سفر جا وڻجارا ۽ ٻيڙيائتا، اتر واءُ لڳڻ تي غوراب ڀري پرڏيھہ پُرندا هئا، ڏياري ڏسندي سفر جي تياري شروع ڪندا هئا. ڏياريءَ جو ڏڻ جتي خوشين جا خزانا کڻي ايندو هو، اتي پويان فراق ۽ ڦوڙائي، وڇوڙي ۽ وِرھہ جا نشان ڇڏي ويندو هو.
وڻجارن جي ونين ۽ وهن کي اها سڌ هوندي هئي تہ هنن جي ورن ۽ ڀتارن کي سفر جي سانباهي جي لڳي پئي آهي، جنهن لاءِ محبت جي مارين کي هينئڙي ۾ ڪئين هول پيا ايندا هئا. انساني جذبن جي هن مصور شاعر وٽ انهن جي اندر جي اڌمن ۽ پريت جي پيڙا جي عڪاسي بيمثال نظر اچي ٿي. وڻجارا غوراب ڀري سلٽ ۽ سامان کڻي ٻيڙيائتن جي ٻل تي توهار ڪري پڳھہ کڻي پنڌ پوندا هئا، وڻجارن ۽ ٻيڙيائتن جي سفر جو سلسلو ايڏو تہ اوکو ۽ اڻ کُٽ هوندو هو، جو هڪ سفر پورو ڪري ايندا هئا تہ وري کين ٻئي سفر جي سانباهي جي تات ۽ تنوار هوندي هئي، ان لاءِ هو ڏيساور ۾ شين جي گهرج کپت ۽ منڊيءَ ۾ اگهہ جي لاهي چاڙهي ڏسندا هئا. هر وقت سندن دماغ ۾ اها ڳڻ ڳوت ۽ سودي جي سڦلتا جون ڳالهيون پيون ڦرنديون هيون.
انهن جي اهڙي ڪيفيت کي ڏسي سندن ونيون ويچارن ۾ وسامجي وينديون هيون.
وڻجارن جي سانباهي ۽ سندن ونين/ وهن جي من جي ڪيفيتن جو لطيف سائينءَ جيڪو نقشو چٽيو آهي، اهو ڳچ ڳاري ٿو وجهي:
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
رُئان رهن نہ سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چينءُ، ويو وڻجارو اوهري.
-
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
مون بيٺي، هو هليا، بندر جي تڙن،
سرتيون سور سندن، مون ماريندي جندڙي!
شاھہ لطيف جي هن سُر ۾ ناکئن، ملاحن، ٻيڙياتن ۽ وڻجارن جي اڻانگي سفر جو بيان ڪيو ويو آهي. هن سُر ۾ ويرن جي وڙهڻ، سمونڊن جي طوفانن ۽ ڪارونڀار ڪنن کي مردانگيءَ سان منهن ڏيڻ جو سبق ڏنو ويو آهي. لطيف جي هن سر جا ڪردار، تصور جي دنيا ۾ جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا. ثابت ٿئي ٿو تہ محبت وارا مري نہ ٿا سگهن، پر سامونڊيڪو سنگ، هميشہ گوندر گاڏئون آهي: هي بيت انهن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو:
پُران مان پُڄان، بندر مون ڏور ٿئا،
نہ مون هڙ، نہ هنج ڪي، جو چئي آءٌ چڙهان،
ائين ڪج پاتڻي، جنهن پر پرينءَ مڙان،
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀي ناکئا!
ناکئن کي ڪُنن جي ڪڙڪن ۽ سمنڊ جي ڏکيائيءَ کان شاھہ صاحب هن طرح آگاهي ڏئي ٿو:
بندر جان ڀئي تہ سکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽي منجهہ مهي،
ايڏو سور سهي، ننڊ نہ ڪجي ناکئا!
هن سُر ۾ سنڌ جي قديم وڻجارن جي وڻج، تڪليفن، سندن وهن/ وڻجارن جي اوسيئڙي کي جنهن ڪماليت سان شاھہ لطيف ڳايو آهي، اُن هن سر جي اهميت وڌائي ڇڏي آهي.
راڳ جي حوالي سان سامونڊي جدا ڪو راڳ يا راڳڻي نہ آهي، پر مختلف راڳن ۽ سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي.


لفظ سامونڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو