
ساميءَ جا سلوڪ
ساميءَ جا سلوڪ (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي بلند پايه ويدانتي شاعر، ڀائي چين راءِ ساميءَ جي سلوڪن تي مشتمل آهي. ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشھور آهن. ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهہ تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو، پر بعد ۾ شڪارپور هر جي مشھور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻہ نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنھنجي پنھنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا، پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نہ ٿي سگهيو ۽ نہ ئي شايع ٿي سگهيو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سن 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (پهريون ڀاڱو) شايع ٿيو، پر جهامنداس ڀاٽيا جو ڪم ڪمٻٽن ۾ ئي رهجي ويو. ’ساميءَ جا سلوڪ‘ ڪتاب ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت جو ڦل آهي، جيڪو قابل تحسين ڪم آهي. ڪتاب ۾ ’گذارش‘ نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته، ”سنڌي ادب ۾ شاھہ، سچل ۽ سامي هڪ اهڙي تثليث آهي، هڪ اهڙي ٽه مورتي آهي، جنهن ۾ سنڌي تھذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو. اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو تہ هيءَ ٻولي دنيا جي انهن اعليٰ ٻولين مان هڪ آهي.“ 436 صفحن تي ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ 1978ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.