سامي ٻوليون: ٻولين جو هڪ اهڙو گروهه، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ميسوپوٽيما، سمير، اتر اڀرندي سائيريا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا، صوماليه، اٿوپيا، ڀونوچ سمنڊ کان وٺي ترڪي، مصر، لبنان ۽ اسرائيل ۾ ڳالهايو ويندو هو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهيءَ گروهه جون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو تعداد 270 ملين جي لڳ ڀڳ هو.
سامي ٻولين کي ايفرو- ايشائي ٻولين جي شاخ سمجهيو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ سامي نسل جي ٻولين مان عربي هڪ اهم ٻولي آهي. عربي ڳالهائيندڙن جو تعداد 200 ملين، امهيري (Amhairi) ٻوليءَ جي مـقامـي ڳالهائيـندڙن جـو تـعـداد 27 ملين، عبراني ڳالهائيندڙن جو تـعداد 7 ملين ۽ تغرينيا (Tigrinya) ڳالهائيندڙن جو تعداد 6.7 ملين آهي. هنن ٻولين جو قديم زماني کان پنهنجا مخصوص رسم الخط رهيا آهن، جنهن ۾ اڪادي ۽ ايبليٽ (Eblaite) شامل آهن ۽ هي ٻوليون ٽين هزاري ق. م جي وچ ڌاري ميسوپوٽيما ۽ اڀرندي ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن (لبنان، مصر ۽ اسرائيل) ۾ سميري ميخي خط (cuneiform) ۾ لکيون وينديون هيون، جنهن اڳتي هلي ابجدي خط جي نموني جي صورت اختيار ڪئي. سامي ٻولين جا وينجڻ (consonants) گهڻو ڪري بنيادي معنيٰ ڏيندا آهن. سامي ٻولين جي سٿ مان فونيقي، يوگارٽي (Ugaritic)، آرامي (Aramaic)، عبراني (Herbew)، شامي (Syriac)، عربي (Arabic) ۽ ڏاکڻيون عربي (South Arabic) ٻوليون، اهڙيون ٻوليون آهن، جن کي پنهنجو رسم الخط آهي. غعز (ge’ez) نالي رسم الخط، اٿوپيائي ۽ اريٽيائي سامي ٻولين جي لکڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهو خط ابجدي (abugida) خط آهي. مالتي ٻولي واحد ٻولي آهي، جيڪا لاطيني (Latin) خط ۾ لکي وڃي ٿي ۽ اها واحد سامي ٻولي آهي، جيڪا يورپي يونين جي سرڪاري ٻوليءَ طور لکي وڃي ٿي.
سامي ايفرو- ايشيائي ٻولين جي وڏي خاندان جي هڪ ٻولي آهي. سامي شاخ کان سواءِ پنجن يا ان کان مٿي ٻين ٻولين جون شاخون به آفريڪا ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. انهيءَ ڪري قديم سامي نسل جي ماڻهن لاءِ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته اهي پهريان ماڻهو هئا، جيڪي آفريڪا مان وچ اوڀر ۾، ڏکڻ آفريڪا کان آيا. اهي پٿر- ڌاتو دؤر (Neolithic) ۾ آيل چيا وڃن ٿا. يعني انهن لوڪن جو دؤر چار هزار ق. م ڪٿيو ويو آهي. انهن آڳاٽين سامي نسل جي ٻولين (Proto-Semitic) مان ٻيون ڪيتريون ٻوليون پوءِ پيدا ٿيون. اهڙي ئي سامي نسل جي ماڻهن مان اڪادي (جيڪي ميسوپوٽيما ۽ بابل جا رهاڪو هئا) به هڪ نسل آهي، جيڪو ميسوپوٽيما جي رڻ مان نڪري اولهه طرف ويو، سندن رڪارڊ 2900 ق. م جي تحريرن ۾ ملي ٿو، اهي تحريرون ميسوپوٽيما مان مليون آهن.
هن وقت لسانيات جا ماهر سامي ٻولين جي ڇهن شاخن تي يڪراءِ نظر اچن ٿا: (1) اڀرندي سامي (East Semetic)، (2) اتر الهندي سامي (North West Semetic)، (3) عربي (Arabic)، (4) قديم ڏاکڻي عربي (Old South Arabian)، (5) جديد ڏاکڻي عربي (Modern South Arabian)، (6) اٿوپيائي (Ethopic). انهن ڇهن ئي ٻولين جون وري الڳ الڳ شاخون آهن، جن ڇهن ئي شاخن تي عالمن جا بحث جاري آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي الڳ ٻوليون آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي لهجا آهن. خاص طور تي عربي، آرامي ۽ جارجي (Gurge) ٻولين تي اعتراض ۽ بحث موجود آهن. ان لاءِ انهن گروپن جي وڌيڪ شاخن تي اڃا ڪو يڪراءِ فيصلو نه ٿيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ابتدائي نظريو هو ته سنڌي ’سامي سٿ‘ جي ٻولي آهي. ابو جلال ندويءَ جو به خيال هو ته ’سنڌي ۽ سامي‘ هڪ ئي گروهه جون ٻوليون آهن ۽ اصل سنڌ کان اوڏانهن ويون. سمير ۽ بابل سان سنڌو تهذيب جي هڪجهڙاين ۽ سنڌو لکت وارين 30 مهرن جي ان خطي مان ملڻ سان جتي اهو ثابت ٿيو ته هنن ٻن خطن جا پاڻ ۾ واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا هئا، اتي انهيءَ خيال به جنم ورتو ته سندن ٻوليون به هڪ ئي گروهه سان تعلق رکندڙ هيون.
سامي زبانون دنيا جي قديم زبانن مان آهن. ’سامي‘ لفظ ’سام‘ مان نڪتل آهي، جيڪو حضرت نوح عليه السلام جي پٽ جو نالو هو. هي لفظ ڪيترين ئي معنائن ۾ ڪتب اچي ٿو، جهڙوڪ: سامي نسل، سامي ٻوليون، سامي تهذيب، سامي مذهب وغيره.
’ايشهورن‘ سڀ کان اڳ هي لفظ انهن قومن لاءِ استعمال ڪيو، جيڪي پاڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ رشتو رکندڙ هيون. اهي ٻوليون سماجي طور طريقن جي نسبت سان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکندڙ هيون. پروفيسر واءِ. ايس. طاهر عليءَ جي راءِ موجب: ”جيئن ته عرب، يهودي، بابلي، اشوري ۽ فينيقي ڪنهن وقت هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندا هئا، انهيءَ ڪري انهن قومن کي ’سامي ٻولين جو گروهه‘ سڏيو ويندو هو. اهو به چيو ويو آهي ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي سامي ٻوليون ڳالهائين ٿا، سي هڪ مورث اعليٰ ’سام‘ جو اولاد آهن، پر اهو خيال علم الانسان، علم الانساب توڙي علم اللسان جي نقطه نظر کان درست نه آهي. بلڪ اهو جاگرافيائي ۽ سياسي معيار تي ٻَڌل آهي.
سامي ٻولين جي گھر، اصل نسل، پيدائش ۽ بڻ بنياد بابت ڪيترا متضاد نظريا آهن. هڪ ماهر جو خيال آهي ته ’اهي قومون ڪئسپين سمنڊ جي ڏکڻ يا ڏکڻ اولهه ۾ رهنديون هيون. ٻئي ماهر مطابق ’بابل‘ سندن رهڻ جي جاءِ ۽ گھر هو، پر صحيح نظريي موجب ’عربستان‘ کي سامي ٻولين جو خطو قرار ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهن سهولت خاطر سامي ٻولين کي مختلف علائقن ۾ تقسيم ڪجي ته انهن کي اتر اوڀر، اتر اولهه ۽ ڏکڻ جي ڀاڱن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جنهن موجب اتر اوڀر ۾ اشوري (اسيري) ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. اتر اولهه ۾ آرامي ۽ ڪنعاني ٻوليون غالب هيون. هنن ٻنهي خطن کي پنهنجون مقامي ٻوليون به هيون. اتر اولهه خطي ۾ فقط ٻه مقامي ٻوليون عبراني ۽ فينيقي استعمال ٿينديون هيون. ڏکڻ ۾ وري عربي، حبشي ۽ حميري ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون.
سامي ٻولين جي ادب ۾ پهرين فوقيت ’عربي ادب‘ کي آهي، جنهن بعد عبراني، سرياني ۽ حبشي ادب اچي وڃن ٿا. عمر جي لحاظ کان سامي ٻولين ۾ سڀ کان قديم ٻولي ’اڪادي‘ اشوري آهي، جنهن بعد ٻي قديمي ٻولي ’آرامي‘ آهي، جنهن مان ’بابلي‘ ۽ ’سرياني‘ ٻولين جنم ورتو. جنهن کانپوءِ ڪنعاني ٻولي آهي، جنهن مان ’فنيقي‘ ۽ ’عبراني‘ ٻوليون پيدا ٿيون. ڏکڻ واري ڀاڱي جي سامي ٻولين مان پهرين قديم ٻولي ’حميري‘ آهي، جنهن کانپوءِ ’عربي‘ ۽ ’حبشي‘ ٻولين جو وارو اچي ٿو. 2000 ق. م کان 500 ق. م تائين ’اشوري‘ ڳالهائي ويندي هئي، ’آرامي‘ شام ۽ بابل ۾، ’عبراني‘ فلسطين ۾، ’فنيقي‘ قبرص ۾، ’ڪارسيڪا‘ ۽ ’ميجورڪا‘ الجزائر، ڏکڻ اندلس ۽ فرانس ۾ ڳالهايون وينديون هيون، جڏهن ته ’عربي‘ ٻولي حجاز، نجد ۽ عمان ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ ’ڏاکڻي عربي‘ ٻولي يمن ۽ حضر موت ۾ ڳالهائي ويندي هئي. جنهن کانپوءِ 500 ق. م کان 700 عيسوي سن جو دور به قابل ذڪر آهي. هن عرصي ۾ بابلي ۽ اسيري تهذيبون ختم ٿي چڪيون هيون. آرامي تهذيب وک وڌائي، اسيري ۽ بابلي تهذيب واري خطي جي حڪومت تي قبضو ڪيو. انهن ايشيا مائينر جو ٽڪرو به هٿ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ’عبراني‘ پنهنجو اثر وڃائي ويٺي ۽ فنيقي زبان رومي سمنڊ جي ٻيٽن، ڏکڻ فرانس ۽ اندلس ۾ آهستي آهستي پنهنجو اثر وڃائڻ لڳي. انهيءَ دور ۾ ’آرامي‘ ٻولي بابل ۽ شام ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جتي غستاني ۽ لخمي ٻه حڪومتون قائم هيون ۽ عربي ٻوليءَ جو اثر رسوخ وڌيو. حجاز، نجد ۽ عمان ۾ ’عربيءَ‘ کي عام گفتگوءَ واري ٻوليءَ جي حيثيت ۽ اهميت حاصل رهي. ڏکڻ عربي ٻولين جو اثر به ساڳيءَ ريت قائم رهيو. حبش ۽ سوماليه جي سرزمين ۾ ’حبشي‘ نالي هڪ ڏکڻ عربي ٻوليءَ جنم ورتو.