سامٽيا

سامٽيا (ذات): سام لفظ جي معنيٰ پناھہ يا اجهو آهي. جڏهن سومرن جي مٿان ظلم ٿيا هئا، تڏهن سندن ڪجهہ عورتن ابڙن وٽ سام ورتي هئي، جن کي سامٽيا/ سامٿيا چيو ويو. ان ڏينهن کانپوءِ سومرن جي هن حلقي وارن کي سامٽيا ذات/ پاڙي سان سڏيو ويو.
هڪ ٻئي حوالي موجب مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ ڪنڀارن ۽ گلالن وغيرہ کي سامٽيا سڏيو ويندو آهي. هنن مان مسو فقير نهايت مشھور آهي، جنهن 1747ع ۾ ٺٽي جي راڻي ارجڻ ۽ ڌارا جي راڻي جي وقت ۾ جابلو قوم سان مهاڏو اٽڪايو هو. عام طرح سان ماڻهو هنن کي پنجاب کان آيل ’سرائي جت‘ سڏين ٿا ۽ پنجاب ۾ کين سامٽيا جاٽ چون ٿا. هنن جي هڪ پاڙي جو نالو ’ڏڪڻ‘ آهي.
تاريخ ليا‘ موجب سامٽيا راجپوت آهن. سنڌ ۾ رهندڙ ٻن ڀائرن رامچند ۽ گونڊ اسلام قبول ڪيو هو. راجپوتن هنن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيو هو. ان مصيبت جي ڪري شامت ۽ شامتي چيو ويو، جيڪو لفظ ڦري ’سامٽيا‘ ٿيو. تاريخي حوالن موجب ڄام ساهڙ بن گهنور نڱامري جي محبوبہ سھڻي ذات جي سامٽياڻي هئي، جنهن جو پيءُ جرڪت (جرڪس) سامٽيو هو، جيڪو ڪنڀارڪو ڪم ڪندو هو. سھڻي ميهار جو مجازي عشقيہ داستان هنن سان وابستہ آهي.


لفظ سامٽياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو