سام ويد
سام ويد (ڌرمي ڪتاب): ’سام ويد‘ هندن جو قديم مذهبي ڪتاب آهي. ’سام‘ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ: ’سانت ڏيندڙ‘، ’دل ٺاريندڙ‘ يا ’سڪون ڏيندڙ‘ آهي. سام ويد ۾ ايشور (ڀڳوان) جي پوڄا ۽ سوم يگيه بابت ڀڄن (Psalms) ڏنل آهن، جيڪي گهڻو ڪري سمورا رگ ويد مان ورتل آهن، ان ڪري رگ ويد کان وڌيڪ تاريخي احوال هن ويد ۾ نٿو ملي، باقي ننڍي کنڊ جي راڳ جي تاريخ ۽ قدامت هن ويد مان ملي ٿي. سام ويد جو گهڻو حصو منترن تي مشتمل آهي، جيڪي سنسڪرت ۾ آهن. هندو ڌرم وارن جو عقيدو آهي ته سام ويد جا منتر من کي سڪون ۽ روح کي راحت ڏين ٿا، ان ڪري هن ويد تي ’سام ويد‘ نالو پيو. هي منتر، جيڪي پروهت اُچاريندا هئا، تن کي ’اُڌگهات‘ سڏبو هو. روايت آهي ته هندن ۾ ڀڄن ڳائڻ جو رواج ’سام ويد‘ جي وقت کان پيو. هن ويد جا منتر اڄ به پنڊت ۽ پروهت اُچاريندا آهن، جيڪي هَونَ، يگيه ۽ ٻين موقعن تي چيا ويندا آهن. رگ ويد ۽ يجر ويد کانپوءِ هي ٽيون ويد به ق. م دؤر جو آهي، جيڪو هندستان ۾ لکيو ويو.
سام ويد جي منترن کي ’سامن‘ (Psalms) ان ڪري چئجي ٿو، جو اهي وزن تي جڙيل آهن ۽ سُر سان آلاپبا آهن. ان کانسواءِ سام ويد ۾ انسانن ۽ ديوتائن جا لڇڻ ڏنا ويا آهن. انهن ۾ زندگي گذارڻ جو ويدانتي فلسفو به موجود آهي. سام ويد ۾ يگيه جا قسم ۽ طريقا به ملن ٿا. هن ويد جي هڪ ڀاڱي ۾ ’وراٽيه ستوم‘ (Vratya Stoma) جو ذڪر آهي، جيڪو شڌ ڪرڻ جو هڪ يگيه هو، جنهن موجب ماڻهن کي پوتر ڪري ٻئي ڪنهن ڌرم يا مَت مان سناتن ڌرم ۾ آندو ويندو هو.
سام ويد جي هڪ حصي ۾ ’گنڌروَ ويد‘ (Music) آهي، جنهن جا ٻه ڀاڱا آهن. ڀاڱي پهرئين ۾ عام ماڻهن جي دل وندرائڻ لاءِ راڳ ۽ راڳڻين جا قسم ڏنل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ويدڪ راڳ ۽ سُر ڏنل آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته علم موسيقيءَ جو فن ان زماني ۾ به اوج تي هو. هن زماني ۾ سنڌو ماٿر ۽ خاص ڪري موجوده پنجاب ۾ راڳ زور ورتو.