ساند ولي قبرستان

ساند ولي قبرستان: ساند ولي نالي تاريخي قبرستان، ضلعي ٽنڊي الهيار جي مشھور شھر مسڻ کان ٽي ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪُنڊ تي، ديھہ نيلوفريءَ ۾ واقع آهي. هي قبرستان مغلن جي دور جو آهي. قبرستان ۾ بزرگ ساند ولي جي قبر ڏهن فوٽن جي دڙي تي واقع آهي. سندس قبر تي نئين سنگ مرمر جي ڪتبي تي 900 هجري لکيل آهي. هن قبرستان جي ايراضي هڪ بلاڪ تي مشتمل آهي. هن قبرستان ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو دفن ٿيل آهن، جھڙوڪ: ٿيٻا، مڱريا، لغاري، کوسا، سميجا، ملاح، ڪلر ۽ گانگهلا وغيرہ. قبرن کوٽڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن زمين مان پراڻيون سرون ۽ اڱار نڪرن ٿا، ان مان لڳي ٿو تہ اول هن جاءِ تي ڪو تاريخي شھر آباد هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو