سانهر/ سهاڳو: هي هڪ اهڙو زرعي اوزار آهي، جيڪو کيڙيل ٻنيءَ کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سانهر اٺ کان ڏھہ فوٽ ڊگهو ۽ چورس گهڙيل ڪاٺ ٿئي ٿو، جنهن جي وچ ۾ هڪ ڏڪ يا ڳن پيل هوندو آهي. ڳن ٻہ فوٽ کن ڊگهو هوندو آهي، جنهن کي سري وٽ رسي ٻڌڻ لاءِ کُپ هنيل هوندو آهي. ڪن سانهرن ۾ وري وچ ۾ ڳن هڻڻ بجاءِ ٻنهي ڇيڙن وٽ ڳن يا رسو ٻڌو ويندو آهي. سانهر وارو رسو، ڍڳن جي پاڃاريءَ جي ڪرهي ۾ ٻڌل هوندو آهي. کيڙيءَ ۾ ٻج ڇٽڻ يا ناڙي ڪرڻ کانپوءِ ظاهر ٻج کي زمين ۾ لڪائڻ ۽ زمين کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ ڍڳن جي پويان سانهر ٻَڌي گهمايو ويندو آهي. ’سانهر‘ کي ’سهينور‘، ’سانور‘ ۽ ’تر‘ بہ چيو ويندو آهي. ’سانهر‘ ڏنل ٻنيءَ ۾ فصل تمام سٺو ٿيندو آهي، ان بابت عام چوڻي آهي تہ ’سئو هر، هڪڙو سانهر‘ سانهر گهمائڻ سان اوڙن ۾ پيل ٻج ڍڪجي ۽ پکين جي چُڳڻ کان بچي ويندو آهي.