سانوڻ فقير: سانوڻ فقير، سنڌ ۾ طويل بيتن، خاص ڪري نڙ بيتن جو مشهور عوامي شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪتاب ’نڙ بيت‘ ۾ سانوڻ فقير بابت لکيو آهي ته، ”سانوڻ فقير، ذات جو خاصخيلي، اصل ۾ نندي شهر (تعلقي بدين) کان چار ميل اتر طرف، ڳوٺ شهداد خاصخيليءَ جو ويٺل هو ۽ اندازاً 75-1870ع ڌاري ڄائو هو. [ڪتاب جي فوٽ نوٽ ۾ ڪجهه ٻيون روايتون ڏيندي لکيو اٿس ته مولوي گل محمد خاصخيليءَ جي روايت موجوب، سانوڻ فقير، ڳوٺ ڀائي خان، ديهه کانڀري، تپي مرزاپور، تعلقي بدين ۾ ڄائو. قاضي الهورائي (تعلقي ماتلي) جي روايت موجب، سانوڻ فقير، ماڻڪ واهه جي ڪاري ڦڙدي کان هڪ ميل اوڀر طرف، ’ڪنڪائي سيدن‘ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو.] سانوڻ جي مهيني ۾ ڄمڻ ڪري مائٽن سندس نالو ’سانوڻ‘ رکيو. پنهنجي ڳوٺ ۾ حافظ ڪبير وٽ قرآن شريف پڙهيو. ان بعد مال چاريائين.
سانوڻ فقير کي ننڍي هوندي کان ئي ’نڙ بيت‘ جي ڪچهرين سان چاهه هو. ڪيترن مشهور شاعرن جا بيت ياد ڪيائين، جيڪي پنهنجي منهن جهونگاريندو رهندو هو. هڪ روايت موجب علي خان ڪورائيءَ، جنهن بعد ۾ سانوڻ فقير جا بيت چيا، سانوڻ فقير کي نڙ بيت چوڻ جو گس ڏنو.
اهڙيءَ ريت سانوڻ، ڏينهن جو مال چاريندو هو ۽ رات جو ڪچهرين ۾ ٻين شاعرن جا بيت چوندو هو، پر اڃا پنهنجا بيت نه چيا هئائين. سانوڻ فقير جي شاعريءَ جي شروعات بابت مختلف روايتون رائج آهن. جن مان ڪن موجب سانوڻ فقير ويجهن عزيزن جي وفات جي غم سببان بيت چيا ۽ ٻين موجب کيس مجاز جي مهميز آئي ۽ هن شاعري شروع ڪئي.
هڪ روايت موجب سانوڻ فقير، ڇپني واري ڏڪار جي ٻئي سال
(1857ع سنبت ۾) مال چارڻ ڇڏي، جهڏي کان اٺ ميل ڏکڻ اولهه طرف، ڳوٺ فضل خاصخيليءَ ۾، وڏيري کٻڙ اُڍيجي وٽ ٻني ڪئي، ۽ وڏي بيماريءَ (1918ع واري وبا) واري وقت تائين اتي رهيو. ان وبا ۾ سندس زال ۽ ٻه ڀائر گذاري ويا ۽ کيس جيئن نياپو پهتو ته سندس هوش خطا ٿي ويا، ۽ زال ۽ ڀائرن جي فراق ۾ اُتي جو اتي بيت چيائين ته:
ستين ڏينهن صبح جو، ڪڍي سج ڪني،
آيا مرد الله جا، کڻي سرڪ سنهي،
روندي رڙندي ڪيترو، بندا تو بني،
مون کان سڱ ڇني، لاهوتي لڏي ويا.
-
لڏي ويا ڇڏي، ڪري آتڻ اولاڻو،
پيڙي دل پرزا ڪري، گهمائي ويا گهاڻو،
سورن ۾ سانوڻ چئي، وتان ويڳاڻو،
آيل اولاڻو، ڏئي ويام ڏهاڳ جو.
اهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ جي شروعات انهن بيتن سان ٿي.
ٻيءَ روايت مطابق سندس شاعري مجازي بيتن سان شروع ٿي ۽ هن هڪ ڏيٿياڻي مائيءَ جي عشق ۾ بيت چيا.
سانوڻ فقير شڪل جو ڪوجهو هو، پر اکيون پاڻياٺيون ۽ اندر ۾ جوش جا جل هئس. سانوڻ فقير جي اندر ۾ عشق جي باهه ڀڙڪيل هئي. سخت سرديءَ ۾ به بيت چئي، مٿان پاڻيءَ جو گلاس پيئندو هو. اهڙيءَ طرح بيتن ڏيندي دِلا پاڻيءَ جا پي ويندو هو، سندس بدن مان پگهر ريلا ڪري پيو نڪرندو هو. بيت چوڻ وقت گوڏا ڀڃي اُڀو ٿي ويهندو هو. پُٺا سدائين اگهاڙا هوندا هئس. بيت ڏيئي يڪدم ڀرسان رکيل پاڻيءَ جو لوٽو کڻي وات ۾ اوتيندو هو. بيت نهايت درد مان ڏيندو ۽ اشارن سان پوري تصوير آڻي اڳيان بيهاريندو هو.
سانوڻ فير نماز جو پابند هو، پر روزا نه رکندو هو. جو بيتن ڏيندي کيس پاڻي ضرور پيئڻو پوندو هو. ڪنهن پڇيس ته روزا ڇو نه ٿو رکين ته هٿ ٻڌي چيائين:
آءٌ گڊو، آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پِتو، بي پاڙو،
من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪڄاڙو،
آهيان هٿين خالي، ڀتو نه ڪو ڀاڙو،
ڏسي دور دنيا جا، سرس لڳو ساڙو،
هيءَ حد ڇڏي هن حد ۾، هنيم ڌن ڏسي ڌاڙو،
صوفيءَ جو سانوڻ چئي، لٿو من تان مونجهارو،
جڏهن ترندو تراڙو، پوندي سڌ سچائيءَ جي.
سانوڻ فقير جي بيتن ۾ سوز هو. ان ڪري عام ۾ نهايت مقبول ٿيا. سانوڻ فقير سڄيءَ سنڌ جو سير ڪيو ۽ ميڙا ڀيٽيا، جنهنڪري سندس بيت به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا ۽ اڄ تائين عام ڪچهرين ۾ چيا وڃن ٿا.
سانوڻ فقير تي لسٻيلي واري ڪبير شاهه جي بيتن جو اثر هو، بلڪ ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو سندس حقيقي استاد هو. سانوڻ فقير جا ڪيترا شاگرد ٿيا، جن مان مولا بخش خاصخيلي، صديق فقير، بچايو فقير رند، توڏو فقير مري، علي خان ڪورائي مشهور آهن.
سانوڻ فقير سان بيتن ڏيڻ وقت ڪاني (نڙ) وڄائيندڙن ۾ موسو خاصخيلي (ڳوٺ ڪنڊڙي)، کٻڙ خاصخيلي (اکين کان وڏو)، فقير گلو اوٺاري (بدين)، سندس ساٿاري هوندا هئا.
سانوڻ فقير جو دستور هو ته ساڳيو بيت وري نه چوندو هو، پر هيٺيون ورجائي چيائين:
سسئي سکي شهر جي، تو چلا ڪٽيا ڇو؟
تو کي ننڊ نڀاڳ جي، گنگا کڻي وئي گوءِ،
ساري رات سانوڻ چئي، هل هنگامو هوءِ،
پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ، هاڙهو هوت هڻي ويا.
اها سندس موڪلاڻي هئي. ان بعد جلد وفات ڪيائين. سندس وفات 1935ع ڌاري واقع ٿي. وفات بعد کيس وصيت موجب ’اوٽي وارن پيرن جي مقام‘ (ماتلي ۽ ٽنڊي غلام عليءَ جي وچ ۾) دفن ڪيو ويو، جتي سندس قبر موجود آهي.
سانوڻ فقير ۽ ساٿيارين، ڊگهي بيت/ نڙ بيت جي صنف کي سنڌ ۾ وڌايو. سانوڻ فقير جي اسلوب جو سندس شاگردن ۽ ڪيترن شاعرن تي اثر ٿيو. سندس شاعر مولا بخش خاصخيلي کانئس سئو فيصدي متاثر ٿيو. بچائي رند تي به سانوڻ فقير جو اثر پيو، جڏهن ته هو سانوڻ جو مدمقابل ساٿاري ۽ پنهنجي سر ناميارو شاعر هو. هي سڀ نڙ بيت جا نمائندا شاعر هئا. سانوڻ جا ٻيا به ڪيترا همعصر هئا، جهڙوڪ: پاهڙ دل (پروڙ وارو)، غلام حسين مغل (سنڌڙي)، طيب خاصخيلي (ٽنڊي غلام عليءَ جي طرف وارو)، مريد پالاري (ڪوهستان)، گل محمد کوسو (کوسا ڪيٽي، سجاول)، شادي مري ۽ شادمان مري (کپرو)، مرزو نوحاڻي (ڊگهڙي)، منو چانڊيو (مورو) وغيره. نڙ بيتن جي وڏين ڪچهرين جو مرڪز ڀٽ ڌڻيءَ جو ميلو هو.
سانوڻ جا بيت فقط بياني نه آهن، پر بيان سان گڏ اهي سندس سوز ۽ جذبي جي ترجماني آهن. 1915ع کان 1955ع واري دور ۾ نڙ بيتن جي ڪچهرين ۾ سانوڻ ۽ سندس بيتن جي هنڌين ماڳين هڪل ۽ هونگار هئي. سانوڻ جا بيت سنڌ ۾ ايترا ته مقبول پيا، جو هن وقت به وچولي ۽ لاڙ ۾ بيت ڏيندڙن مان ڪو ورلي اهڙو هوندو، جنهن کي سانوڻ جو بيت ياد نه هجي.
سانوڻ فقير سسئي، مومل راڻي، مارئي، ليلان چنيسر، سهڻي ميهار، ليلان مجنون، ڪانگل، مورڙي سامونڊي، سارنگ، ڪارايل وغيره بابت بيت چيا آهن، پر سند سسئيءَ ۽ مارئيءَ وارن بيتن ۾ وڌيڪ سوز آهي. مارئيءَ جو هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو:
اڌ لوئي جو انگ تي، اڌ انگيائون انگ،
مون جيڏيون ملير ۾، هڻن دوديريون دنگ،
مکڙيون، مرٽ، مانڌاڻا، ساوا جهلين سنگ،
وڄن ٿا وجود ۾، چڙا چوڏس چنگ،
کنوڻن کيڏ مچايا، راول رتا رنگ،
ماروئڙن ملير ۾، مونکي ورهه وڌا ونگ،
سورن جا سانوڻ چئي، ڏي م ڏکويل کي ڏنگ،
نيرن لٿي ننگ، آءٌ اجارينديس اباڻن جا.