سانوڻ فقير جو ميلو: نڙ بيت جي نامور شاعر سانوڻ فقير جو ميلو هر سال 23 کان 25 شوال تائين وڏي ڌام ڌوم سان ڳوٺ ’ڦلڪارا‘، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ لڳندو آهي. هن ميلي ۾ اٺن، گهوڙن، ڍڳن ۽ ٻئي چوپائي مال جو واپار وڏي پئماني تي ٿيندو آهي. ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل بہ رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو، ٽي وي جا نامور فنڪار حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ لاڙ ۽ اتر جي پهلوانن ۾ ملھہ جا مقابلا ٿيندا آهن. ان کان علاوہ ڀلن گهوڙن ۽ ڀلن ڍڳن جا انعامي مقابلا بہ ٿيندا آهن. سانوڻ فقير جي ميلي ۾ مشھور سرڪس ڊراما، ٿئيٽر ۽ دڪان سينگاريندڙن کي انعام بہ ڏنا ويندا آهن. هن ميلي ۾ سڄيءَ سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جن جي لاءِ لنگر جو بہ انتظام هوندو آهي. هي ميلو ضلعي بدين جي ماڻهن لاءِ تفريح جو بھترين ذريعو آهي.