سانوڻ ٽيج: سانوڻ ٽيج جا ٻہ تهوار ٿيندا آهن: هڪ ننڍي ٽيج ۽ ٻي وڏي ٽيج. ننڍي ٽيج تي ڀيڻون ورت (روزو) رکي، پنھنجي ڀائرن جي ڊگهي ڄمار، سٺيءَ صحت ۽ خوشحال زندگيءَ لاءِ دعائون گهرنديون آهن، جڏهن تہ وڏيءَ ٽيج تي عام عورتون ’پتي ورت‘ (مڙس لاءِ روزو) رکي، پنھنجي وَر لاءِ دعائون گهرنديون آهن. ورت رکڻ دوران اهي ٽولن جي صورت ۾ گڏجي هيٺئين قسم جو گيت ڳائينديون آهن:
بِيرا مِنان بيهگو تيڙڻ آئي،
آئي ري سرامڻ رِي ٽيج ...
(اي ڀائڙا! مون کي سگهڙو وٺڻ اچ، جو سانوڻ ٽيج اچي وئي آهي).
وڏيءَ ٽيج بابت هندو ڌرم وارن وٽ روايت آهي تہ پاروتيءَ، پنھنجي پتي شِوَ لاءِ ورت رکيو هو. سانوڻ جي سھائي اگيارس/ ٽيجڙيءَ جي تهوار تي ورت واريون ڇوڪريون منجهند جو بيهي مُڱن جا سلا پينگهي ۾ لوڏينديون آهن ۽ سنجها جو ڪنهن برهمڻ کان ٽيج آکاڻي ٻُڌي، چنڊ کي ارڳ ڏئي ورت کولينديون آهن. ٿر ۾ هن کي ’گجوئن واري ٽيج‘ بہ چئبو آهي. اڄڪلھہ ڪيتريون رسمون بدلجي ويون آهن. هاڻي ٽيج جي موقعي تي شادي شدہ نياڻيون اباڻي گهرن اينديون آهن، جن کي ڪوٺڻ لاءِ خاص ڪري ڀاءُ ويندو آهي، اُهي نياڻيون ٽيج تي ورت رکي وڻن ۾ لوڏون لُڏنديون آهن. وسڪاري دوران پيدا ٿيل پِپون، ڪونڍير، ڳاڱيا ۽ ٻنين ۾ ٿيندڙ گدرا ۽ ڇانهيون کائينديون آهن، جڏهن تہ شھري ڇوڪريون مارڪيٽ مان ميوات گهرائي کائينديون آهن. هڪ لوڪ شاعر جو دوهو آهي تہ:
سانوَڻ آيو سُرنگو، آئِي نَهَيلِي ٽِيج،
لئي تراجُو تَول واڻيا، مارِي ساس منگائِي چِيج.
(رنگ برنگي سانوڻ، نئين ٽيج سان گڏ آيو آهي، اي واڻيا (واپاري)! منهنجو ور گهر ناهي، ساهمي کڻي شيءِ توري ڏي، جو منهنجيءَ سَسُ گهُرائِي آهي!)