سانيٽ

سانيٽ: سانيٽ اصل ۾ اطالوي (اٽالين) ٻوليءَ جو لفظ Sonneto آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ’ننڍو راڳ‘ يا ’مختصر گيت‘ آهي. سانيٽ جي شروعات چوڏهين صدي عيسويءَ جي منڍ ۾ اٽليءَ جي مشھور شاعر پيٽراڪ (Petrarch) کان ٿي. انگريزيءَ ۾ شيڪسپيئر ۽ وليم ورڊس ورٿ هن صنف کي اهم حيثيت ڏياري. سانيٽ ۾ 14 مصرعون ٿين ٿيون. انگريزيءَ ۾ سانيٽ ٽن قسمن جو آهي. هڪ ’پيٽر ارچن‘ يا اٽالين سانيٽ، جيڪو مشھور اٽالين شاعر ’پيٽر ارچ‘ جي نالي پٺيان مشھور آهي. هن جون 14 مصرعون هن ريت ورهايل آهن: پهرين چئن سٽن ۾ ٻہ بند ٿين ٿا، جن ۾ پهرين ۽ چوٿين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. ٻئي حصي جون ڇھہ مصرعون وري هن طرح آهن: پهرين ۽ چوٿين مصرع پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿيون. ٽين، پنجين ۽ ڇهين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون يا پهرين، ٽين ۽ پنجين مصرع پاڻ ۾ ۽ ٻي، چوٿين ۽ ڇهين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون.
سانيٽ جو ٻيو قسم ’شيڪسپيئرن سانيٽ‘ سڏجي ٿو، جنهن جي ترتيب هن ريت آهي: پهريائين چئن مصرعن جا ٻہ بند اڳين قسم جي سانيٽ جي پهرين ٻن بندن جھڙا ٿين، باقي پوين ڇھن مصرعن مان پهرين ۽ ٽين مصرع پاڻ ۾ ٻي ۽ چوٿين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿا.
هن جو ٽيون قسم ’اسپنسيرين سانيٽ‘ آهي، جيڪو انگريز شاعر ’اسپينسر‘ ڪم آندو آهي. هي قسم گهڻو استعمال ۾ ڪونهي. هن جي ترتيب هن ريت آهي: پهرين ۽ ٽين مصرع پاڻ ۾؛ ٻي، چوٿين، پنجين ۽ ستين مصرع پاڻ ۾؛ ڇهين، اٺين، نائين ۽ يارهين مصرع پاڻ ۾؛ ۽ تيرهين ۽ چوڏهين مصرع پاڻ ۾ هم قافيه ٿين. سانيٽ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ بہ مروج آهن.
سنڌيءَ ۾ فقط ’شيڪسپيئرن سانيٽ‘ تي طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. هن کي نارائڻ شيام ’چوڏسيءَ‘ جو نالو ڏنو آهي. سنڌيءَ ۾ نارائڻ شيام، هري دلگير، بشير مورياڻي، ج. ع. منگهاڻي ۽ ٻين سانيٽ لکيا آهن.
هتي نارائڻ شيام جو هڪ سانيٽ نموني طور ڏجي ٿو:
مان اڪيلي نہ هيس، هاءِ اڪيلي نہ هيس،
تو کي محسوس ڪيم، پنھنجي بدن ۾ اي لال،
تنھنجي چرپر کي مون سمجهيو ٿي ڳهيلي نہ هيس،
دل وسوڙل تہ خوشيءَ سان ٿي وئي مالامال!
ٻُور جي بار کان ڀاري ٿي پوي جئن ٽاري،
ٻُور مان ميوي ٿيڻ لاءِ جا بيچين هجي،
مون کي بس گرڀوَتي ڀاسي ٿي دنيا ساري،
جنم سپني کي ڏيڻ لاءِ جا بيچين هجي!
آجيان تنھنجي ڪرڻ لاءِ مون جوڙيون لوليون،
هاج بي هاج سنهي لات ڪري سي ڳاتيون،
پنھنجي لولين ۾ مڙهيم تنھنجون الوليون ٻوليون،
ڪيترو تو کي ڏسڻ لئہ هيون اکڙيون آتيون،
ائين جڳ ۾ سھي پر نہ سگهئون ساھہ کڻي،
هاءِ مان تو کي ڄڻي بہ نہ سگهيس ماءُ بڻي!


لفظ سانيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو