سانٺ وارو دڙو (ماڳ): هڙپا دور جو هيءُ دڙو تعلقي فيض گنج ۽ تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ميرس جي سرحد تي واقع آهي. ھي دڙو 10 فوٽ کن اوچو ۽ پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. دڙي تي چوڙين جا ڀڳل ٽڪر، مختلف ٿانون جا ٺڪر، سرن جا اڌڙ ۽ ڪجهه اڏاوتن جا نشان ملن ٿا. ھي ماڳ ھاڪڙي کي ويجهي ھئڻ ڪري سنڌو سڀيتا جي دور جو لڳي ٿو. هتان سنڌو تھذيب وارو ڳاڙھي تي ڪارو ٺڪراٺو جام ملي ٿو، پر کوٽائيءَ کانپوءِ ملندڙ وٿن ۽ نوادرات ڏسڻ کان پوءِ دؤر جو تعين ڪري سگهبو. ھتان ٺڪر جي بيل گاڏيءَ جو هڪ نمونو پڻ هٿ آيو آهي.