سانپڙو
سانپڙو (Brahminy Blind Snake /Ramphotyphlops Braminus): سانپڙو، Typhlopoidae ڪٽنب جي بنهه ننڍڙن نانگن مان آهي، جيڪي 10 کان 15 سينٽي ميٽرن جا ٿين ٿا. انهن جو رنگ ڳاڙهسرو، ڀورو يا ڪارو هوندو آهي. هي سنهڙي ڏور جهڙا ۽ انڌا نانگ هوندا آهن. ٿولهه ۾ مٿي کان پڇ تائين هڪجهڙا هوندا آهن ۽ سانپن جهڙا لڳندا آهن. هنن کي منڍي، ڌڙ ۽ پڇ سڀ ڪجهه هوندو آهي، پر منجهن ڪو خاص فرق نظر نه ايندو آهي. سانپڙا جسم جا نرم، چمڪدار ۽ لسن ڇلرن سان ڍڪيل ٿين ٿا. اهي ڏسڻ ۾ نانگن جهڙا لڳندا آهن ۽ نانگن وانگر لهردار ريڙهيون پائيندا آهن. اڪثر انهن کي نانگن جا ٻچا سمجهيو ويندو آهي. هنن جون اکيون غير نمايان، مٿي جي ڇلرن هيٺ ٻن ننڍڙن ڪارن نشانن جهڙيون لڳنديون آهن. هو ڏسي نه سگهندا آهن، پر کين روشنيءَ جو احساس ٿيندو آهي. سانپڙا سڄي عمر زمين ۾ رهندا آهن. انهن جي زبان به وڏن نانگن وانگر ٻه شاخي ٿيندي آهي، جيڪا گهڙي گهڙي ٻاهر پيا ڪڍندا آهن، هنن جا ڏند ڪمزور هوندا آهن، وات معمولي کلندو آهي، جنهن وسيلي زمين جا جيت کائيندا آهن. سانپڙا عام طور تي ٻوٽن، گهميل ۽ ڇانودار ماحول ۾ رهندا آهن ۽ نرم زمين ۾ پنهنجي منڍي (Face) سان 10-15 سينٽي ميٽر کن سوراخ ڪري گهڙي ويندا آهن. اهي اڪثر گلن جي نرسرين مان ڪونڊين جي ذريعي عام گهرن ۽ باغن ۾منتقل ٿيندا آهن.
سانپڙا اپريل کان مئي جي وچ ۾ 3 کان 8 آنا ڏين ٿا. سندن آنا ڊگهڙا ٿين ٿا، جن جا ٻئي پاسا گول ٿيندا آهن. سانپڙو پنهنجا آنا زمين ۾ گهميل محفوظ جاءِ تي ڏيندو آهي. ڏيڍ ٻن مهينن ۾ ٻچا ڦٽي پوندا آهن ۽ رڙهڻ شروع ڪندا آهن. هن جنس جي مادي، نرَ کان قد بُت ۾ وڏي ٿيندي آهي. سانپڙا غير زهريلا ٿيندا آهن. سانپڙو دنيا جي هر ملڪ ۾ ٿئي ٿو. ننڍڙي نانگ کي سنڌيءَ ۾ ’سپ‘ به چئبو آهي، شاهه لطيف چيو آهي ته:
’سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا.‘
يا چوڻي آهي:
’سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري‘.