سانگ: سانگ، ناچ جو هڪ قسم آهي. سنڌي لوڪ ناچ جي سانگ ۾ کل ڀوڳ ۽ ڳيچ ڳايا ويندا آهن. هي ناچ شادين مرادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ وقت ڪيو ويندو آهي. قديم وقت کان وٺي ڳوٺن ۽ راڄن ۾ مڱڻهار ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ سانگ وجهندا هئا، جنهن ۾ عورتون توڙي مرد ڪو مزاحيه روپ ڌاري هٿن پيرن جي اشارن سان ڊولائتيون وکون کڻندي تمشيل پيش ڪندا آهن. مثال طور: هڪڙو ناچو مهري مٿي تي رکي ان مٿان پاڻيءَ جو ڀريل گهڙو رکي گهنگهرن وارو ڏونڪو هٿ ۾ کڻي پيرن ۾ ڇير ٻڌي نچڻ شروع ڪندو ۽ هيءُ ٻول چوندو:
پاڻيئڙي تي ٿي وڃان ڙي مٺڙا، پاڻيئڙي تي ٿي وڃان،
هن کوهر جو کارو پاڻي، مٺي تي ٿي وڃان،
سينهي ناهي مٿي تي، گهڙو گهڙي تي ڀڃان.
سانگ ۾ ڪيترائي قسم هوندا آهن، جن ۾ عورتون عورتاڻن ڪمن ڪارن جا نقل پيش ڪنديون آهن ۽ مرد مرداڻن مامرن تي سانگ وجهندا آهن. مثال طور: هڪڙو ڇوڪرو اٿي چوندو ”ماما، چاچا! مون کي پرڻاءِ“، جواب ۾ ٻيو چوندو ”زال پوڙهي آهي، ڏند به ڪونه اٿس“ وغيره.
ماما مڱيو آهيان چاچا تڳيو آهيان،
سرمي سينگار کان ڇٽو آهيان
ابا زال پوڙهي آهي
ڏندڻ مساڳ کان ڇٽو آهيان...!
ائين سانگ ۾ معاشري جي عيبن جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي. سانگ، غم، خوشي ۽ مزاح جي ترجماني ڪن ٿا. عورتون سانگ ’جهيڙي‘ کي به چون، جيڪڏهن هڪ عورت ٻيءَ سان لاڳيتو جهيڙو ڪندي ته چيو ويندو، فلاڻيءَ يڪو سانگ وڌو آهي يا سانگ ڪيو آهي.
سانگ کي سنڌي اوپيرا يا منظوم ڊرامي جي اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. هن ۾ مختلف ڪردار، تاثرائتي ادائگيءَ جي صورت ۾ ماڻهن لاءِ تفريح جو سامان موجود ڪندا آهن. سانگ گهڻو ڪري مذهبي ڏڻن، شادين مرادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي وڌا ويندا آهن. سانگ سنڌي اوائلي معاشري ۾ تفريح جو اهم ذريعو هو. سانگ هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ مسخري، راند ڪرڻ، کل ڀوڳ ڪرڻ آهي.