
سانگي
سانگي (ڪتاب): نامور نقاد ۽ اديب احسان بدويءَ جو هيءُ ڪتاب انگريز دور جي مشھور غزل گو شاعر مير عبدالحسن ’سانگي‘ جي شخصيت، فن ۽ ڪلام بابت آهي. ڪتاب جو مهاڳ پير علي محمد شاھہ راشديءَ جو لکيل آهي. احسان بدوي ٻن اکرن ۾ لکي ٿو تہ: ”هن ڪتاب ۾ مون سنڌي شاعريءَ جي بھترين غزل گو شاعر مير عبدالحسين سانگيءَ جي غزلن جو انتخاب پيش ڪيو آهي، مگر ان کان اڳ مون سنڌي غزل جي شروعات، شاعر جي سوانح حيات ۽ خود شاعر جي ڪلام تي انتقادي نظر بہ وڌي آهي، ان خيال کان تہ جيئن شاعر جي ڪلام کي سمجهڻ ۾ نہ رڳو آساني ٿئي، پر ان مان صحيح لطف حاصل ڪرڻ جو بہ بهتر ذريعو ٿي سگهي.“ ڪتاب: تمهيد کانپوءِ (الف)، سنڌي غزل جي ابتدا، (ب) سوانح حيات، (ج) سانگيءَ جي شاعري ۽ انتخاب غزليات تي مشتمل آهي. ڪرائون سائيز جي 140 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، جولاءِ 1965ع ۾ محمد ڪرامت ﷲ عثمانيءَ، ٽيڪنيڪل پرنٽرز، ميڪلوڊ روڊ، ڪراچيءَ ۾ ڇپيو ۽ احسان بدويءَ، 7- الحق مينشن، خوشحالداس اسٽريٽ، ميڪلوڊ روڊ، ڪراچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 5 روپيا آهي.