
ساهان اوڏا سپرين
ساهان اوڏا سپرين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب ۽ سفرنامي نگار عنايت بلوچ جي آمريڪا جي سفر تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشھور سياح ۽ ليکڪ الطاف شيخ لکيو آهي. ليکڪ هيءَ سفر آمريڪي حڪومت طرفان مليل دعوت ‘انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام’ دوران 1986ع ۾ ڪيو هو. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ ڏنل آهن، ڪتاب ۾ نامور سياستدان ۽ ڪرڪيٽر عمران خان، گل محمد عمراڻي ۽ علي احمد بروهي ۽ ليکڪ بابت رايا ڏنل آهن. 203 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي پوپٽ پبليڪيشن خيرپور 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 550 روپيا آهي.