ساهتي لائبرري

ساهتي لائبرري: هيءَ لائبرري، ساهتي پرڳڻي جي حوالي سان ٺارو شاھہ شھر ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا لائبرري بعد ۾نوابشاھہ شھر جي مهراڻ ڪالونيءَ ۾ قائم ڪئي وئي. هن لائبرريءَ جو روح روان بشير احمد هيسباڻي آهي. وٽس ناياب ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو گڏ ٿيل آهي. ساهتي لائبرريءَ ۾ گهڻو ڪري پراڻي زماني کان وٺي موجودہ دور تائين، سنڌي ٻوليءَ جا اڻ ڳڻيا ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ هن لائبرريءَ ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن جو بہ ذخيرو موجود آهي ۽ ڪيترن سنڌي ناياب ڪتابن جا نسخا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي خوبصورت جلدن سان محفوظ ڪيا ويا آهن. سنڌي ڪتابن جي حوالي سان نوابشاھہ جي هيءَ منفرد لائبرري آهي. ساهتي لائبرريءَ ۾ تاريخ، ثقافت، ادب، شاعري، اسلاميات، ٻولي، گرامر ۽ لغت کانسواءِ اڪثر رسالن جا مڪمل شمارا موجود آهن. تحقيق جي حوالي سان هن لائبرريءَ مان ڪيترا علم دوست مطالعو ڪري پي. ايڇ. ڊي ۽ ٻين تعليمي امتحانن لاءِ لاڀ حاصل ڪندا رهن ٿا. هن لائبرريءَ ۾ 20 هزارن کان بہ مٿي ڪتاب موجود آهن. هيءَ لائبرري، نوابشاھہ شھر جي بھترين ڪتبخانن مان هڪ آهي. ان کان سواءِ خانواهڻ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ ۽ نجم عباسيءَ جي ڀاءُ ميجر امان عباسي ۽ ٻين 15 سيپٽمبر 1984ع تي پڻ ساهتي لائبرري قائم ڪئي هئي، جنهن جي جڳھہ پڻ امان عباسيءَ ڏني. هن لائبرريءَ ۾ 50 ميمبر آهن ۽ هن وقت 5000 کان مٿي ڪتاب موجود آهن. هن لائبرريءَ پاران ساهتي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن قائم ڪري سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن سان گڏ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’منهنجون بھترين ڪهاڻيون‘
(1990ع)ڇپايو ويو. هن وقت لائبرري غلام نبي ناشاد سنڀالي ٿو.


لفظ ساهتي لائبرريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو