ساهتي پرڳڻو

ساهتي پرڳڻو: موجوده ضلعي نوشهري فيروز جي حدن ۾ ايندڙ علائقي کي ’ساهتي پرڳڻو‘ چيو ويندو آهي. آڪٽوبر 1989ع ڌاري نوشهري فيروز کي ضلعي جي حيثيت ملي. هيءُ خطو عالمن، اديبن، درسگاهن ۽ خانقاهن وغيره سان سرشار رهيو آهي. اوائلي دور کان علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز رهيو آهي. تاريخي لحاظ کان هي علائقو سنڌي ٻوليءَ جو وچولو ڪوٺيو ويو آهي؛ هتان جي ٻولي معياري ليکي وڃي ٿي.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي، تحفة الڪرام جي حوالي سان موجوده صورت ۾: محرابپور، ڪنڊياري ، ڀريا، نوشهري فيروز ۽ موري تعلقن کي ’ساهتي‘ جي دائري ۾ ڄاڻايو آهي. خانائي صاحب ڄاڻائي ٿو ته: چچ نامي جي احوالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته لوهاڻو قديم دور ۾ سنڌ جو اهم صوبو هوندو هو ۽ راءِ گهراڻي جي زوال وقت ان جو حاڪماگهم‘ هو. انهيءَ لوهاڻي صوبي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا قبيلن جون بستيون هيون. اهو صوبو ٽن ننڍن پرڳڻن: لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي ۾ ورهايل هو. ڄاڻايل آهي ته ڪنهن سمي ’هاڪڙي‘ درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتيءَ مان وهندو هو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ ’لوهاڻو درياهه‘ به سڏيو ويندو هو.
ساهتيءَ ۾ ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز، مورو ۽ هاڻوڪا تعلقا محرابپور ۽ ڀريا اچي وڃن ٿا، جڏهن ته لاکاٽ ۾ هالا ۽ حيدرآباد جا ڪجهه حصا ۽ لوهاڻي ۾ شهدادپور ۽ سنجهوري جا علائقا هئا. 1912ع ۾ نوابشاهه نئون ضلعو ٿيو، ان کان اڳ هن ضلعي جي سموري ايراضي ڪنڊياري کان وٺي ٽنڊي آدم تائين، حيدرآباد ضلعي سان شامل هئي، موجوده نوشهري فيروز جون حدون به ان ۾ شامل هيون.
لوڪرام ڏوڏيجا جي راءِ موجب: جڏهن جوڌپور رياست جي تخت تاج لاءِ ٻن راجڪمارن جو ٽڪراءُ ٿي پيو ۽ انهن مان موڙاسنگهه، گاديءَ تان هٿ کڻي، لشڪر وٺي سنڌ جي هن ڀاڱي تي قبضو ڪيو ۽ سندس پراڪرمي پٽ سهتا سنگهه سنڌ جي وچ وارو اهو پرڳڻو هٿ ڪيو، تڏهن کان انهيءَ تي ’ساهتي‘ نالو پيو. موڙا سنگ کي ست پٽ هئا، جن مان ’سهتو‘ سندس چوٿون نمبر پٽ هو ۽ ان مان ’سهتا ذات‘ سڏجڻ لڳي، موڙاسنگ پٽ کي جاگير ۾ ’ساهتي پرڳڻو‘ ڏنو ويو، جيڪو ان جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو.
انگريزن جي صاحبيءَ کان اڳ سنڌ جي اڪثر علائقن جي ونڊ ورڇ جاگرافي طور پرڳڻن ۾ هئي. پرڳڻن جو رواج سمن جي دور کان به پهرين جو ڀانئجي ٿو. جيئن ڪلهوڙن جي زماني ۾ به ساڳيءَ طرز تي سنڌ جي علائقن جي جاگرافيائين ونڊ ورڇ نظر اچي ٿي، تيئن ٽالپرن جي زماني ۾ به لاکاٽ، لوهاڻي، سيوهڻ سميت ساهتي پرڳڻي جي جاگرافيائي حدن جي ڄاڻ ملي ٿي. جهڙيءَ ريت وچولي واري حصي ۾ ٽي اهم پرڳڻا، ساهتيءَ ۾: ڪنڊيارو، نوشهرو ۽ مورو جا علائقا؛ لاکاٽ ۾: هالا، حيدرآباد؛ لوهاڻي ۾: شهدادپور، سنجهورو تعلقا اچي ٿي ويا. وچولي جي هنن ٽنهي مکيه پرڳڻن سميت به ڪي ننڍا پرڳڻا ڌار حيثيت سان به سڏبا هئا، جيئن سنڌ جي باقي پرڳڻن: بکر، سن، سيوهڻ ۽ ٻين هنڌن تي پڻ ساڳي جاگرافيائي سڃاڻپ رهندي پئي آئي. انهن ۾ ساهتي پرڳڻو پنهنجي نوع ۾ اهم حيثيت جو حامل آهي.
خانائي صاحب هن خطي جي تاريخي حيثيت بابت لکي ٿو ته: ساهتي پرڳڻي تي ان نالي پوڻ متعلق پڻ مؤرخن جا مختلف رايا ۽ نظريا رهيا آهن. سيد مدد علي شاهه لڪياري (مرحوم) لکيو آهي ته: ساهتي پرڳڻي ۾ سهتا قبيلو قديم زماني کان وٺي آباد هئي. اهي اسلامي دؤرکان اڳ هندو ڌرم جا پوئلڳ هئا، مسلمانن جي دؤر ۾ هڪ مسلمان حاڪم(؟) ان شرط تي راضي ٿي سهتا قبيلو جي سردار کي جاگير انعام طور ڏني ته: . . . . اٿي گهوڙو ڊوڙاءِ، جنهن هنڌ گهوڙو ٿڪجي بيهي، اهو تنهنجي جاگير جو هنڌ ٿيندو. مڙس هو حريص ۽ لالچي، سو وٺي گهوڙو ڊوڙايائين. اٽڪل سٺ ميلن جي مفاصلي تي گهوڙو ڦانءِ ٿي ڪِري پيو، پر تڏهين به هو ان کي گهليندو رهيو. جنهن هنڌ اها گهل گهلان ٿي، ان تي نالو ئي ’گهلپور‘ پئجي ويو ان مفاصلي اندر سهتن جون سٺ جاگيرون هيون ۽ سندن لقب ’ڄام‘ هو.
مٿين روايت کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب ڏندڪٿا ڄاڻائي رد ڪري ٿو.
ساهتيءَ بابت ميان نيڪ محمد سهتي ڪنهن حد تائين انهيءَ مسئلي تي روشني وڌي آهي ته: محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، جوڌپور رياست جو حاڪم مري ويو هو. سندس ٻن پٽن جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ تڪرار ٿي پيو. آخر گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ انهن مان هڪ شهزادو ڪامياب ٿيو، ۽ جوڌپور جي تخت جو وارث بڻيو. ان شهزادي جي ڀاءُ جو نالو موڙاسنگ هو. اهو ڪاوڙجي، محمد بن قاسم وٽ دانهن کڻي آيو، ته هو کيس جوڌپور جو تخت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. پر محمد بن قاسم، موڙاسنگ کي سنڌ ۾ رهڻ لاءِ جاگير ڏني، ۽ هو پوءِ هميشه لاءِ سنڌ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو. موڙاسنگ کي ست پٽ هئا، جن مان ’سهتو‘ سندس چوٿون نمبر پٽ هو ۽ ان جو اولاد ’سهتا قبيلو‘ سڏجڻ لڳو. موڙاسنگهه پٽ کي جاگير ۾ ’ساهتي پرڳڻو‘ ڏنو. ساهتي نالو ’سهتا‘ قبيلي تان پيل آهي.
ميان نيڪ محمد سهتو وڌيڪ لکي ٿو ته: موڙاسنگ کي ست پٽ هي هئا: ڌارو، جنهن مان ڌاريجا قبيلو آهي ۽ روهڙيءَ جو مٿيون حصو سندن جاگير ۾ هو؛ شورو، جنهن مان شورا قبيلو آهي ۽ کين حيدرآباد جي طرف کان هيٺيون حصو جاگير ۾ مليو. ڪونئرو، هن مان ڪونئريجا قبيلو آهي ۽ سڪرنڊ جي آسپاس وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو؛ سهتو، جنهن مان سهتا قبيلو آهي ۽ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا سندن جاگير ۾ هئا، ۽ جنهن علائقي کي ’ساهتي‘ ڪري چوندا آهن؛ مڱڻ هن مان مڱڻيجا ٿيا ۽ گنبٽ وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو؛ اُڄڻ، جنهن مان اڄڻ قبيلو آهي ۽ هيءُ پيءُ جو پيارو پٽ هو ۽ پيءُ جي جاگير سنڀاليندو هو.
خانائي صاحب ان جي ڇنڊڇاڻ ڪندي لکي ٿو ته: انهن مٿي بيان ڪيل ٻنهي روايتن ۾ تاريخ جي لحاظ کان ڪافي شڪ ۽ گمان پيدا ٿين ٿا. باقي انهن روايتن ۾ بيان ڪيل جن قبيلن جو ذڪر اچي ٿو، اهي قبيلا ۽ نشان پتا ۽ سندن رهڻ جا هنڌ اڄ به قائم آهن. روايتن ۾ جنهن هندو شهزادي موڙاسنگ جو بيان اچي ٿو، اهو ممڪن آهي ته محمد بن قاسم کان اڳ ۾ ٿي گذريو هجي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت سنڌ جي سهتن، سواءِ ڪنهن جنگ ڪرڻ جي اطاعت قبول ڪئي هئي يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ’لوهاڻي صوبي‘ ۾ ڪنهن به پرڳڻي جا جاگيردار هجن! چچ نامي جي احوالن مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ ’ساهتي پرڳڻو‘ موجود هو.
مير علي شير قانع جي بيان مان ظاهر آهي ته سنڌ جا اصل اوائلي رهاڪو ’سماٽ‘ قبيلن مان ليکجن ٿا. هو تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته: ايوڌيا جي سورج بنسي گهراڻي کان سنڌ جي سماٽ قبيلن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. هن وقت به سنڌ ۾ سماٽ قبيلا جهجهي انداز ۾ آباد آهن.
ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته: سما اصل ۾ حضرت نوح جي پٽ ’سام‘ جو اولاد آهن. سام کي چار پٽ هئا: بدها، سنگا، همهر ۽ ڀاڳوت. بدها کي سورهن پٽ هئا، جن مان سهتو به هڪ هو، جنهن کي ’راٺوڙ‘ به ڪري چون ٿا. ’سهتا قبيلو‘، بدها جي پٽ ’سهتي‘ جو الاد آهن.
اِنهن حقيقتن مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو ته ’ساهتي پرڳڻي‘ تي اهو نالو ’سهتا‘ قبيلي جي نالي پٺيان پيو. هيءُ پرڳڻو قديم هندو دؤر ۾ به موجود هو ۽ اُن زماني ۾ ’لوهاڻي‘ صوبي جو هڪ اهم ۽ مکيه پرڳڻو هو.
ساهتي پرڳڻي جي تاريخي حيثيت: ساهتي پرڳڻي جي تاريخ پڻ قديم آهي. هيءُ پرڳڻو اوائلي دؤر کان وٺي علم، تهذيب ۽ تمدن جو اهم مرڪز هو. ساهتي پرڳڻي جو تاريخي احوال سنڌ جي ڪنهن به مورخ تفصيل سان بيان نه ڪيو آهي. هن پرڳڻي جو ماضي ڏاڍو شاندار هو. چچ نامي جي احوالن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته قديم هندو دؤر ۾ ساهتي پرڳڻو موجود هو. لوهاڻو ان قديم هندو دؤر ۾ سنڌ جو هڪ صوبو هو، ان صوبي جو حاڪم راءِ گهراڻي جي زوال وقت ’اگهم‘ هو. انهيءَ ’لوهاڻي‘ صوبي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا آباد هئا. لوهاڻو صوبو مکيه ٽن ننڍن پرڳڻن ۾ ورهايل هو، جهڙوڪ: لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي. هر هڪ پرڳڻي مٿان ان قبيلي جو سردار حڪومت ڪندو هو. هن علائقي مان وهندڙ درياهه کي اڪثر ڪري ’لوهاڻو درياهه‘ ڪري سڏيو ويندو هو. ڪن تواريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ايترو معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن سمي ’هاڪڙي‘ درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتيءَ مان هو، جنهن کي ساهتيءَ ۾ ’لوهاڻو درياهه‘ به ڪري سڏيندا هئا. اهو ئي درياهه ساهتي پرڳڻي جو وچ ڏيندو، ڪوٽڙي ڪنبير، هالاڻي، بهلاڻي، گهيڙ گجو، ڀائي خان جي ٻَنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ۽ ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو، رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. ’راور وارو قديم رستو‘، جنهن کي ساهتيءَ ۾ اڪثر وڏيءَ عمر وارا ماڻهو انگريزن جي دؤر ۾ ’تار وارو رستو‘ ٽپال ڪري چوندا هئا (قومي شاهراهه)، اهو ساڳيو ’راءِ گهراڻي‘ جي دؤر ۾ ساهتيءَ ۾ ’راور وارو رستو‘، لاکاٽ ۽ لوهاڻي پرڳڻي ۾ ’اگهم واري رستي‘ جي نالي سان سڏبو هو. اهو رستو درياهه جي انهيءَ وهڪري سان گڏوگڏ لنگهندو هو. سنڌ تي جڏهن به ڌارين حاڪمن جا حملا ٿيندا هئا ته اهو ئي ’راور‘ وارو رستو ڏئي اچي سنڌ تي حملا ڪندا هئا. ان رستي جا نشان اڄ سوڌو هالاڻيءَ کان، پڪن چانگن، ديهه قيصر مري ۽ اڳتي ڀرين تائين موجود آهن. انهن احوالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ روهڙيءَ کان وهندي هئي، جيڪا ’ساهتي پرڳڻي‘ کي سيراب ڪندي هئي.
سن 711ع ۾ عربن سنڌ تي حملو ڪيو. اُن وقت به سنڌ جو ساهتي پرڳڻو لوهاڻي صوبي جو هڪ حصو هو ۽ ان وقت سنڌ جي حاڪم راجا ڏاهر جي پاران اُن تي هڪ هندو راڄ ڪندو هو. محمد بن قاسم جڏهن سيوهڻ جو علائقو فتح ڪيو، تڏهن لوهاڻي صوبي جي حاڪماگهم‘، جنهن جي هٿ هيٺ لاکاٽ، لوهاڻو ۽ ساهتي پرڳڻا هئا، گذارش موڪلي، تابعداريءَ جي گُهر ڪئي. چچنامي جي مطالعي مان اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جي فوج لوهاڻي پرڳڻي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اُن پرڳڻي جي ٻي اهم سرڪار يعني ساهتيءَ طرف پيش قدمي ڪئي هئي. ساهتيءَ جي هندو حاڪم ۽ سهتا سردارن سواءِ ڪنهن جنگ جي، عربن جي فرمانبرداري قبول ڪئي هئي.
تاريخ معصومي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ جي احوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ ’ڊڀرو‘، جنهن کي هن موجوده زماني ۾ درٻيلو ڪري سڏين ٿا، هڪ جدا شهر هو ۽ ’درٻيلو‘ هڪ پرڳڻي جو نالو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ’درٻيلو‘ ۽ ’ڊڀرو‘ ٻئي ساڳئي نالي سان سڏجڻ لڳا.
مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو ته: سلطان آرام شاهه جي زماني ۾ سنڌ جي بادشاهيءَ جا چار صوبا هئا، جن مان اُچ، ملتان ۽ ساريءَ سنڌ تي ناصر الدين قباچه جو فرمان جاري هو. سنڌ جا ست راڻا ملتان سرڪار جا ڏن ڀرو هئا. راڻو راٺوڙ، درٻيلي تي راڄ ڪندو هو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ’ڊڀرو‘ هو.
انهيءَ بيان مان اِنهيءَ ڳالهه جي وضاحت ٿئي ٿي ته قديم زماني ۾ درٻيلي جي حاڪم جي هٿ هيٺ سمورو ساهتيءَ جو پرڳڻو هو. سن 1401هه مطابق 1010ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ ملتان تي حملو ڪيو، اُن وقت بکر سرڪار جو علائقو ملتان سرڪار جي تابع هو. محمود غزنويءَ (1025ع) جي انهيءَ حملي وقت به غالباً ساهتيءَ جو پرڳڻو اصل حيثيت ۾ موجود هو ۽ ’ديرو‘ ان جو تخت گاهه هو. انهيءَ اوائلي وقت ۾ جيڪي به سنڌ تي اُتر اولهه کان ڌاريان حاڪم ڪاهي ايندا هئا ته اهي سڀ کان پهرين سيوهڻ تي حملو ڪندا هئا. گويا اُن دؤر ۾ سيوهڻ ڌارين جي ڪاهن لاءِ سنڌ جو هڪ دروازو هو. سيوهڻ ساهتيءَ جي قديم شهر ۽ تختگاهه درٻيلي جي بلڪل سامهون هو، اُن ڪري دشمن سولائيءَ سان هن علائقي ۾ داخل ٿي سگهندا هئا.
سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ ساهتي پرڳڻي کي خاص طرح سان وڏي اهميت هئي. مرزا شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاهه حسن سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن جي خلاف بغاوت جو عَلم کڙو ڪيو ۽ ساڻس جنگ ڪئي، جنهن ۾ ڄام فيروز شڪست کاڌي ۽ گجرات طرف ڀڄي ويو. گجرات جي بادشاهه هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو.
’لُبِ تاريخ سنڌ‘ جو مصنف لکي ٿو ته: انهيءَ فتح کان پوءِ مرزا شاهه حسن، هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان شڪار ڪندو اچي ساهتيءَ جي تختگاهه درٻيلي ۾ وارد ٿيو. ان موقعي تي خوش ٿي شاهه حسن ارغون درٻيلي جو علائقو (ساهتي) مير فرخ کي جاگير طور ڏنو ۽ پاڻ بکر طرف روانو ٿي ويو.
دهليءَ جو مغل شهنشاهه همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ ڏانهن ڀڄي نڪتو ۽ سنڌ اندر رلندو، ڀٽڪندو اچي بکر کان پهتو ۽ اُتان ڪوچ ڪري سيوهڻ آيو. ان زماني ۾ سنڌ جو حاڪم شاهه حسن ارغون هو. هُن سنڌ جي سڀني درياهي پتڻن جي ملاحن کي حڪم ڏنو هو ته ڪو به ماڻهو معزول شهنشاهه کي درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي نه ڏئي. همايون، سيوهڻ کان موٽندي درٻيلي کان درياهه پار ڪرڻ ٿي گهريو. ان وقت سنڌيءَ جي وڏي عالم ۽ درويش مخدوم نوح رحه ميربحرن کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ چيو هو، ۽ همايون سنڌو درياهه پار ڪري، ساهتيءَ جي علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ ان زماني ۾ درٻيلي جي هڪ بااثر رئيس ارباب دائود بن عمر شاهه سهتي وٽ اچي ڊاٻو ڪيو. هن بادشاهه جو گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو. ’لب تواريخ سنڌ‘ واري انهيءَ سلسلي ۾ ’تواريخ طاهري‘ جي حوالي سان همايون بادشاهه جو هڪ خط نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ سهتي سردار جو ذڪر ڪيو اٿس.
مرزا شاهه حسن ارغون، 22 ربيع الاول سن 962هه/ 1550ع ۾ ڳوٺ علي پوٽي ۾ بنا اولاد وفات ڪئي ۽ سنڌ جي سلطنت مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ ٿيل معاهدي موجب ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. سمنڊ کان وٺي لڪيءَ جي پهاڙن تائين ملڪ جو ڀاڱو مرزا عيسيٰ ترخان جي حصي ۾ آيو ۽ سيوهڻ کان اُٻاوڙي تائين سنڌ جو ڀاڱو سلطان محمود بن امير افضل ڪوڪلتاش جي قبضي ۾ آيو. پوري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ارغون اميرن جي سازش ڪري سلطان محمود بکريءَ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ نوبت جنگ تائين وڃي پهتي. سلطان محمود خان سيوهڻ جي قلعي جو محاصرو ڪيو ۽ انهيءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان به پنهنجي فوج وٺي اچي سندس سامهون ٿيو. تواريخ معصوميءَ وارو صاحب لکي ٿو ته مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي فوجي ڇانوڻي درٻيلي ۾ اچي قائم ڪئي؛ جو سامهون هو. ساهتيءَ جي سهتن سردارن ان جنگ ۾ مرزا جي ڏاڍي مدد ڪئي هئي.
مرزا عيسيٰ جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پُٽ مرزا محمد باقي سلطنت جي گاديءَ تي ويٺو. مرزا محمد باقيءَ تيرهن سالن جي ظالماڻي ۽ حڪومت ڪندي، سن 993هه/ 1585ع ۾ هڪ رات آپگهات ڪيو. کانئس پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي مرزا جاني بيگ ويٺو. انهيءَ زماني ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي سپھ سالار عبدالرحيم ’خان خانان‘ سنڌ تي حملو ڪيو. سن 998هه/ 1590ع ۾ خان خانان ٺٽي ويندي، ساهتيءَ جي علائقي مان لنگهندي اچي درٻيلي ۾ رهيو. درٻيلي جي وڏي جيد عالم مخدوم محمد عثمان کان سنڌ جي فتح جي دعا گهرايائين. سنڌ جي فتح کان پوءِ اڪبر بادشاهه ’ساهتيءَ جو پرڳڻو‘ مير معصوم کي جاگير طور ڏنو هـو. مـورخ سنڌ سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته: جنهن سال (995هه) خان خانان کي بکر جو علائقو مليو، انهيءَ سال مير معصوم جيڪو ٻن سالن پُڄاڻان بادشاهه کان موڪل وٺي واپس وطن ٿي ويو، تنهن کي بکر جي صوبي مان درٻيلي (ساهتيءَ ) جو علائقو بطور جاگير ڏنو.
مغلن جي دؤر حڪومت ۾ پڻ ساهتي پرڳڻو بکر سرڪار جي ماتحت هو، ۽ گويا هيءُ سمورو علائقو انهيءَ ۾ شامل هو. ابوالفضلآئين اڪبريءَ‘ ۾ درٻيلي پرڳڻي (ساهتيءَ) جي ايراضي 121146 ڪـوهــه ڏيـکاري ٿــو. سـاهـتـي پرڳڻي جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ٻه سؤ سوار ۽ پنج سؤ سپاهي هوندا هئا. هن پرڳڻي جي حيثيت محالڪاريءَ واري هئي. ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر تائين هن پرڳڻي جي حالت ساڳي رهي ۽ هيءُ پرڳڻو هر لحاظ کان وڏي عروج تي هو.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي شهادت کانپوءِ سن 1657ع ۾ ميان صاحب جو ڀائٽيو نصير محمد گادي نشين ٿيو ۽ هن پنهنجي زماني ۾ وڏو عروج حاصل ڪيو. ان وقت جي بکر جي مغل گورنر کي ميان صاحب جي وڌندڙ طاقت وڏو فتنو نظر آئي ۽ هن مختلف طريقن سان سازشون ڪري، ميان کي قيد ڪري اورنگزيب ڏانهن موڪلي ڏنو. نيٺ ڪنهن طريقي سان ميان نصير محمد دهليءَ جي قيد مان ڀڄي سنڌ ۾ آيو. مرحوم مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي اورنگزيب بادشاهه جي زماني (سن 1069هه/1684ع) ۾ ساهتي پرڳڻو هٿ ڪيو ۽ هن علائقي جو فتح ڪندڙ سندس خليفو فيروز ورڙ هو، جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻڌو، جنهن جو وجود اڃا تائين قائم آهي.
سن 1168هه/ 1755ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ساهتيءَ جي علائقي مان سندس فوجون ڦرلٽ ڪنديون اچي نوشهري فيروز پهتيون. ميان نورمحمد ڪلهوڙي پاران ديوان گدو مل سفير ٿي بادشاهه وٽ ويو. ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. ساهتي پرڳڻي جو اتر وارو حصو ’ڪنڊيارو پرڳڻو‘ سڏبو هو ۽ ٻيو ڏاکڻو حصو، جنهن ۾ نوشهري فيروز ۽ موري جو حصو ٿي آيو، ان کي ’نوشهرو پرڳڻو‘ ڪري چوندا هئا. ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪنڊياري جو پرڳڻو پنهنجي ڀاءُ محمد خان ڪلهوڙي کي جاگير ۾ ڏنو هو. نادر شاهه افشار سنڌ تي حملي وقت لاڙڪاڻي کان ٿيندو، ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهري فيروز ۾ اچي منزل انداز ٿيو، جتان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پيڇو ڪندي اچي شهدادپور پهتو. ’مرآة دولت عباسيه‘ جو قول آهي ته خيرو اوٺوال، نوشهري فيروز ۾ سموري ساهتي پرڳڻي جو منتظم هو. ساڳيو مصنف لکي ٿو ته، دائودپوٽن، نوشهري فيروز ۽ کاهيءَ تي حملو ڪيو، پر ميان يار محمد انهن ٻنهي شهرن کي واپس حاصل ڪري ورتو.
ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد مرادياب خان گاديءَ تي ويٺو. سن 1171هه/ 1758ع ۾ ميان عطر خان گادي نشين ٿيو ۽ سندس ڀاءُ ميان يار محمد خان نوشهري فيروز ۾ وڃي رهيو. سن 1172هه/ 1759ع ۾ ميـان غـلام شـاهه ۽ مـيان عـطـر خـان جـي وچ ۾، احـمــد يـار خـان ۽ عـطـر خــان جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. انهيءَ تي مـيـان غلام شاهه فوج وٺي ڪاهي آيو ۽ عطر خان شاهي حملي جو تاب نه جهلي ڀڄي ويو ۽ ساهتيءَ جو پرڳڻو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ آيو.
ميان غلام شاهه جي لاڏاڻي کانپوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حاڪم ٿيڻ شرط سنڌ ملڪ اندر انتظامي معاشي افرا تفري ٿي، ميان سرفراز حڪومت جي اهم ڀرجهلي مير بهرام خان سان ڪن مشيرن وغيره جي چرچ تي درست رويو روا نه رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن سرزمين تي ڌارين هلائن توڙي اندروني انتشار جا ڪڪر ڇانيل رهيا. نيٺ اهو ميان عبدالنبيءَ هٿان حيدرآباد جي قلعي ۾ مارجي ويو. ميان عبدالنبيءَ جيئن ته اقتدار جي حوس ۾ قنڌارين کي موقعو فراهم ڪري چڪو هو ته جيئن اهي مداخلت جي مليل موقعي مان ڀرپور فائدو وٺن، اهڙيءَ ريت 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي هلان ڪري ڏني ۽ قنڌاري لشڪر ميان عبدالنبيءَ جي ناعاقبت انديشيءَ جو ڀرپور فائدو ورتو. مدد خان پٺاڻ شڪارپور کان ٿيندو اڳتي ڌوڪيندو آيو ۽ ڦرلٽ جي بازار گرم ٿي، ان حملي جو گهڻو زور پڻ ساهتي پرڳڻي تي رهيو. ساهتيءَ وارو علائقو گهڻو وسندڙ ۽ زرخيزيءَ سان مالامال هو، پر ان حملي م هتي جو سڀ ڪجهه تاراج ڪيو ويو. وسنديون، وٿاڻ، ڳوٺ، واهڻ سڀ اجاڙ ڪيا ويا. علم توڙي ادب، جيڪو ساهتيءَ جي علائقي جي خاص سڃاڻپ هو، ان حملي سبب تباهه ٿي ويو. شهرن جي مڪتبن توڙي مڙهين وغيره جي سوڀيا لٽجي ۽ اجهامي رهجي وئي ۽ شهرن جا شهر ۽ انهن جي آسپاس بٺ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا.
ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي قتل کانپوءِ سنڌ ۾ بادشاهه گرديءَ جي هڻ وٺ شروع ٿي، مير فتح علي خان ميان جي ڀاءُ محمود خان جي ڀرجهلائي ڪئي ۽ ان کي گادي سونپي وئي. ان ئي وقت ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو محراب خان جتوئيءَ جي اثر هيٺ هو، جنهن کي محمود خان جو وزير ڪيو ويو. محراب خان جتوئي قبيلي جو سردار هو، کيس ساهتيءَ وارو پرڳڻو سرڪار طور جاگير ڪري ڏنو ويو. محراب خان هالاڻيءَ جي ويجهي جاگير لڳ صدر مقام مقرر ڪيو. محرابپور نالي سان نئون ڳوٺ ٻَڌايائين، جيڪو هينئر گنجان شهر آهي. محراب واهه به کوٽايو ويو، اڳتي هلي محراب خان جي ٽالپرن سان اڻبڻت ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ميرن ۽ سندن وچ ۾ لانياريءَ وٽ ويڙهه لڳي ۽ محراب خان هارايو. مدد خان جي حملي وقت به چالڪ واري پل وٽ پٺاڻ حملي آورن سان چوٽون کاڌائين ۽ مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. هالاڻيءَ جي جــنگ (1782ع) ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ اقتدار ڪلهوڙن کان ٽالپرن جي هٿ آيو ۽ ميرن چؤياريءَ ۾ سنڌ کي ورهائي حصا ڪري، پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون، تڏهن ساهتيءَ وارو پرڳڻو مير سهراب خان کي مليو. مير سهراب خان جي وفات کانپوءِ مير علي مراد ٽالپر انگريزن جي شهه تي اقتدار پنهنجي هٿ ڪيو ۽ واليء خيرپور ٿيو، تڏهن به ساهتي پرڳڻي جا اڪثر علائقا نوشهري فيروز تائين سندس حڪومت جو حصو رهيا.
ان کانپوءِ جيئن انگريزن ريلوي جون لائينون وڇائڻ شروع ڪيون ۽ خيرپور رياست کان سواءِ باقي سموري سنڌ تي سندن قبضو ٿي چڪو هو، تڏهن ڪن شرطن تي ساهتيءَ وارو علائقو انهن جي حوالي ٿيو. انگريزن علائقن جي نئين سر سروي ڪري سرڪل، تپا، ضلعا، ڊويزنون قائم ڪيون. ان بعد پرڳڻن واري جاگرافيائي ورهاست ختم ٿي. اهڙيءَ ريت ساهتي پرڳڻو نوابشاهه ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو.
ساهتيءَ وارو علائقو سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ سرسبز ۽ شاداب رهندو آيو آهي. هتي جي ماڻهن جون رسمون ۽ رواج، ڳالهائڻ جو لهجو، معيارِ زندگي، علم و ادب، فيض و فڪر سڀ مخصوص نوعيت وارا آهن. سنڌيءَ جو ساهت پڻ هتان پروان چڙهيو. عربن جي قبضي کانپوءِ هتي انيڪ درسگاهون ۽ خانقاهون قائم ٿيون.
وچ واري دور ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي کي سنڌ جي مرڪزي خطي واري حيثيت حاصل رهي. انگريزن جي زماني ۾ جيئن ئي نصابي طور لکت جي ابتدا ٿي ۽ نئون رسم الخط عمل هيٺ آيو ته ان وقت حيدرآباد ويجهو وچولي لهجي ۽ ساهتي لهجي کي سامهون رکي هڪ معياري لهجو مقرر ڪيو ويو، جيڪو هينئر به نصابي ڪتابن ۽ ادبي زبان لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. هتان جي لهجي کي ’ادبي لهجو‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي باقي ٻين سڀني علائقائي لهجن واريون صوتي خوبيون موجود آهن.
علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون: ساهتي پرڳڻي بابت، مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي اسريل سنڌ جي ساهت (ادب)، علم ۽ زندگيءَ جي ٻين پهلوئن سنڌي ماڻهن جي سدائين نمائندگي پئي ڪئي آهي.
ساهتيءَ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن ۾: سائين مهدي شاهه جهانيان، شاهه نصير، سائين صفي الله شاهه، قاضي نبي بخش مورائي، قاضي عبدالخالق ’خليق‘ مورائي، قاضي فيض محمد (هالاڻي)، بيدار مورائي، اختر مورائي، مستري گل محمد سمو، ناصر مورائي (ڪهاڻيڪار)، قاضي عبدالرئوف مورائي، مولوي صادق مورائي، مولوي فيض الڪريم اعواڻ ساندائي (جنهن خلافت تحريڪ جي رد ۾ فتوى جوڙي)، حڪيم مولوي فضل محمد ميمڻ، حڪيم قاضي احمدي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، جمال الدين مؤمن خاصخيلي، راشد مورائي، ادريس جتوئي، سائين علي گوهر شاهه، پروفيسر نذير قاضي، غلام محمد پنهور، حڪيم شمس الدين احمد (نوشهرو فيروز)، سيد سليمان شاهه بودلائي (مورو)، ميان غوث محمد پيرزادو، رمضان نول، احمد سولنگي، رکيل مورائي، انور ساگر ڪانڌڙو، ڊاڪٽر حامد علي خانائي (خانواهڻحميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو (ٺاروشاهه)، ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ، ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومرو، نجم عباسي (خانواهڻ)، محبوب علي جوکيو، امام بخش ’صابر‘ جتوئي، عمرالدين بيدار سهتو، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، مولوي محمد قاسم سومرو، بشير احمد هيسباڻي (ڪنڊيارو)، شمشاد احمد سومرو، آصف مٺياڻوي، اصغر ڀٽي، غلام رسول ناطق هالاڻوي، ظفر عباسي (ڪنڊيارو)، فياض ڏاهري (درٻيلو) ۽ محمد صفر سهتو وغيره مشهور آهن.
ساهتيءَ ۾ جنم وٺندڙ ٻين نامور علمي ۽ ادبي شخصيتن ۾: ديوان ڪوڙو مل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، نارائڻ شيام، ليلارام رچنداڻي، ارجن سڪايل، ارجن حاسد، ايم. ڪمل، لڇمڻ ڪومل، ڄيٺو لالواڻي، آنند کيماڻي، ڪرشن کٽواڻي، ڪلا پرڪاش، هري همٿاڻي، کـيـمن مـولاڻي، پُورن کٽواڻي، ڀڳوانداس نردوش، ڀـوڄـراج وڇـاڻي، ٽيڪم آفتاب، منوهر بيدي ۽ ٻيا پڻ شامل آهن.
مختلف شعبن ۾ جن عالمن ۽ ليکڪن پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي، تن ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، ڊاڪٽر محمود احمد ميمڻ، ڊاڪٽر نياز احمد مڱريو، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر سيد مدد علي شاهه، ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو، ڊاڪٽر عبدالرحمٰن ميمڻ، ڊاڪٽر صائمه ميمڻ، ڊاڪٽر شادي خان لاڙڪ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم پنهور، ڊاڪٽر انورالدين ٽانوري، سيف الله جويو، ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ڊاڪٽر غلام سرور لاڙڪ، ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ، ڊاڪٽر منور علي مخدوم، ڊاڪٽر اسد الله لاڙڪ، ڊاڪٽر سيد صابن شاهه، ڊاڪٽر سيد مهتاب علي شاهه، ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو شامل آهن، جڏهن ته لسانيات تي ڪم ڪندڙ نوجوان الطاف حسين جوکيي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز پڻ آخري مرحلي ۾ آهي.
صحافتي ميدان ۾ قاضي عبدالرحمان اڄڻ (الوحيد جو ايڊيٽر)، قاضي خدابخش مورائي (الوحيد جو ايڊيٽر)، محمد وارث بلوچ، محرم علي ڀٽي (عبرت)، فدا حسين، اشرف علي ڀٽي، محمد خان سولنگي، منظور سولنگي، سڄڻ سنڌي ۽ ٻين ڪيترن نامور صحافين پاڻ موکيو آهي، جن جو واسطو هن علائقي سان آهي.
پنهنجي دؤر جا شاگرد ۽ سياسي اڳواڻ خان ڀنگوار'>شهمير خان ڀنگوار، عزيز ڀنگوار، محمد صالح بلو، محمد مٺل رند، هارون سومرو، ڪامريڊ پانڌي خان جمالي، ارباب علي انڙ، هاشم کوسو، خان چانڊيو'>احمد خان چانڊيو ۽ ٻيا به هن علائقي سان وابسته آهن.
خلافت تحريڪ، عدم تعاون جي تحريڪ، سائمن ڪميشن تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ، آزاديءَ واري تحريڪ، انگريز هندستان خالي ڪريو تحريڪ، ون يونٽ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي، جيئي سنڌ هلچل سميت ڪيترن ئي سياسي تحريڪن ۾ پڻ هتان جي ماڻهن جو نمايان حصو رهيو آهي.
هتي ميان نور محمد ڪلهوڙي، مير لطف عرف مير متاري، بلاول فقير زرداري، مخدوم ابوالحسن ڏاهري، جهانيان خاندان جي بزرگن، محمد غلام محمد بگائي، شيخ احمد بن صديق السندي عرف قاضي دمائي، سيد محمد شاهه ذاڪري، محمد يوسف جيلاني، محمد حاجي محمد صالح ڏاهري، حضرت دستگير شاهه سيد، محراب فقير ڏاهري اول ۽ ٻين بزرگن اوليائن توڙي الله جي برگزيده بندن جا مدفن ۽ درگاهون آهن.
تاريخي يادگارن مان دليل ڪوٽ، ڪامارو قبرستان، بلاولي قبرستان، محراب مسجد، هالاڻيءَ واري درٻار، ديهه مائي صابره، چانهونءَ جو دڙو، ٺلهه مير رڪڻ، ڀيم جو دڙو، شڪور ڍنڍ، محمد آباد (ميان نور محمد جا قبا)، رانڪ ميان خدادا خان، رانڪ ميان فضل علي، راڄو ليکيءَ جو مقبرو، رانڪ ڀائي خان ڪلهوڙو، خان ڪلهوڙو'>رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو، رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو، رانڪ ميان غلام علي ڪلهوڙو، ميان جي بيگمات جو چبوترو، مقبرو جلال خان ۽ صحبت خان ڏنگراج، مجاورن جو قبو، مقبرو قائم خان ڪورائي، مقبرو ڳهڻو خان ڪليري، مقبرو آڍو ۽ ٻڍو خان، سنديلن جو مقام، رانڪ شهداد خان، کهاوڙن جون مزارون، مزار بختيار خان کهاوڙ، عطا طبيب جي رانڪ، بلاول فقير زرداريءَ جو مقبرو، کر جي تاريخي بستي، حمل فقير لغاريءَ جي مزار ابو شهيد جو آستان ۽ پراڻي بستي شامل آهن.
هتان ڏهراج، ڀرٽ، جتوئي، سيد، ڏاهري خاندان مان ڪيترائي اسيمبلي ميمبر چونڊبا رهيا آهن. ملڪ جو نگران وزيراعظم رهندڙ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو تعلق به هن علائقي سان هو. ورهاڱي کان پهرين ڪيترا ئي هندو اديب جيڪي ٺارو شاهه، ڪنڊياري، هالاڻي، ڀريا ۽ ٻين هنڌن تي رهندڙ هئا، انهن ڪيتريون ناٽڪ منڊليون هلايون، پريسون، ڇاپخانا قائم ڪري علم ادب کي فروغ ڏنو.
سياسي شخصيتن ۾ سيد الهندو شاهه، قاضي فضل الله، حاجي امام بخش جتوئي، پير قربان علي، غلام مصطفيٰ جتوئي، ظفر علي شاه رضا محمد ڏاهري، حاڪم علي زرداري، سيد امداد محمد شاهه، وغيره ڳڻي سگهجن ٿا. ان کان سواءِ کڏي واري مدرسي جو فارغ التحصيل ۽ هاري ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ڪامريڊ محمد هاشم گھانگهرو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، منير شاهه پڻ هن خطي جا رهيا آهن.
ساهتي پرڳڻي مان موسيقيءَ جي حوالي سان ماسٽر چندر، استاد خير محمد (محرابپور) خان بلوچ'>سونا خان بلوچ (مٺياڻي)، استاد گلزار علي خان (ديهات)، انور حسين وسطڙو (نوشهرو فيروز)، ڪيوڙو ماڇي، ماهي مڱڻهار، شهناءِ نواز: سومر فقير (محرابپور) ۽ علي نواز فقير (ڪنڊيارو) نالو ڪمايو، جڏهن ته مشهور اداڪار شفيع محمد شاه پڻ هن علائقي جو هو.
ملهه راند ۾ پهرين جوڙ جا ملهه: شير محمد ميربحر (محبت ديرو)، در محمد عالماڻي (مورو)، محمد بخش بڙدي (درٻيلو) پڻ هن علائي جا رهاڪو آهن. فنونه لطيفه/ فائن آرٽ جي لحاظ کان جڳ مشهور ويزيوئل آرٽسٽ اياز جوکيو پڻ هن خطي جو آهي. اُستاد ڇتل سرهيي، محمد صديق پرهياڙ ۽ سندن ساٿي، اسٽيج ڊرامن جا وڏا نالا پڻ هن خطي سان لاڳاپيل آهن. ساهتي پرڳڻي کي مجموعي طور سنڌ جي دانش علم، ادب توڙي سماجي قدرن جي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل آهي.


لفظ ساهتي پرڳڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو