ساهي (ذات): روايت موجب راجا جگديو کي ٻہ پٽ شاهي ۽ سنڌو هئا، جن جو اولاد پاڻ کي ساهي ۽ سنڌو سڏائين ٿا. ڪتاب شاهاڻي گوجرا جي مصنف موجب هن ذات وارا سورج بنسي راڄپوت آهن ۽ جهنڊ جي وڻ جي پوڄا ڪن ٿا. هي ڊوگرال بہ سڏجن ٿا، ان کانسواءِ جتن ۽ کرلن جي هڪ پاڙي جو نالو بہ ساهي آهي.