ساهڙ (ذات): ساهڙ، سمن ۽ ملاحن جي هڪ ذات آهي. ان کانسواءِ جکري جو پٽ ’ساهڙ‘ ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد ’ساهڙ‘ يا ’ساهڙ سما‘ سڏيا ويا. ساند پٽ پليءَ جي اولاد مان بہ ساهڙ آهن. مڱرين جي هڪ ڪيڙ جو نالو ساهڙ آهي. دل قبيلي جي ڏيٿا شاخ مان بہ ساهڙ آهن. نهڙين ۾ بہ پڻ ساهڙ موجود آهن، مشھور اديب عزيز مهراڻوي ۽ نوجوان شاعر امر ساهڙ بہ هن ذات سان تعلق رکن ٿا.
ساهڙ، سهڻيءَ جي محبوب جو نالو بہ هو، جنهن جو اظهار شاھہ لطيف جي هيٺين بيت ۾ ٿئي ٿو:
”ساهڙ جا سينگار، اڻ ڏٺي اڳي هئا“