ساونت سارنگ (راڳ): ساونت راڳ جو جنم، سنڌ جي قديمي ٺاٺ ’ڪافي‘ ٺاٺ مان ٿيو آهي. ٺاٺ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’زمين‘ آهي. اها زمين، جنهن جا مڪمل ست ٿنڀ هجن ۽ اهي مڪمل ستن سرن (سمپورن) تي ٻڌل هجن، تن کي سمپورڻ، پنجن سرن کي ’اوڊو سرگم‘ ۽ ڇهن سرن جي سرگم کي ’کاڊو سرگم‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت ’ڪافي ٺاٺ‘ مان راڳ ’ساونت سارنگ‘ جو جنم ٿيو ۽ هي ٺاٺ سنڌ ڌرتيءَ جو قديمي ٺاٺ آهي ۽ ڀٽائيءَ جي سر مارئيءَ ۾ پڻ ان جو عڪس ملي ٿو، يعني سُرن جو روپ ملي ٿو.
هن راڳ ۾ صرف گنڌار (گا) جو سر استعمال ۾ نه ايندو آهي. هي راڳ سانوڻيءَ جي مند ۾ آلاپيو ويندو آهي. هن راڳ کي راڳ سارنگ جو قسم به سمجھيو ويو آهي.
هن راڳ جي آلاپڻ جو وقت پرهه ڦٽيءَ کان ڏينهن جي پهرئين پهر تائين آهي. هن راڳ ۾ ٻئي نکاد يعني ڪومل نکاد ۽ تيور نکاد جو استعمال ٿيندو آهي. هن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. هن جي آروهي: سا- ري- ما- پا- ني- سا ۽ امروهي: سا- نا- ڌي- پا- ما- پا- ري- سا آهي.