ساوندي ساوڙي

ساوندي/ ساوڙي: هي هڪ قديم ۽ آڳاٽو شھر هو، جيڪو راجا ’ڪشنڪ‘ اڏايو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ’چچ نامي‘ (ص 511) تي هن شھر کي تعلقي موري جو موجودہ ڳوٺ/ شھر ’ساوڙي‘ سڏيو آهي. ڪي محقق ساوڙي ۽ ساونديءَ تي اختلاف رکن ٿا. هينري ڪزنس بہ پنھنجي ڪتاب ۾ (ص 59) توڙي پليٽ نمبر 5 ۾ ’ساونديءَ‘ کي ڏيپر گهانگهري، برهمڻ آباد جو ٻيو نالو ۽ ڀڙي المنصوره جو ٻيو نالو لکيو آهي. ڪجهه محقق چچ نامي واري بيان کي آڏو رکي لکن ٿا تہ ’برهمڻ آباد جي انتظام بعد ، فاتح سنڌ، اروڙ لاءِ ڪوچ ڪندي، واٽ تي ساونديءَ ۾ قيام ڪيو هو.‘ ان بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي را ءِ کي وزندار سمجهيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو