ساون ڪمار اداسي

ساون ڪمار ‘اداسي’: گائڪ اداڪار ۽ شاعر ساون ڪمار‘اداسي’ پهرين جنوري 1960ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘هڪڙي گهڙي مون سان بہ گهار’ ۽ (2) ‘عجب هي زمانو’ قابل ذڪر آهن. هن سنڌ ۾ رهندي ان وقت جي ڪيترن ئي ناٽڪن ۾اداڪاري ڪئي. آل انڊيا ريڊيو تي هن 100 کن ڪلام پيش ڪيا، جن مان گهڻن جون ڌنون بہ پاڻ ٺاهيون هيون. ورهاڱي کان پوءِ الُهاس نگر ۾ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو