ساٺ

ساٺ: سنڌ ۾ ساٺ، سنؤڻ ڪرڻ جو رواج آڳاٽو آهي. ساٺ مان مراد اهڙيون احتياطي تدبيرون آهن، جن سان ڪنهن ناگهاني مصيبت کي ٽاري سگهجي، جن جي پسمنظر ۾ ڪڏهن ته معصوم جذبا هوندا آهن، ڪڏهن اجايا وهم ۽ وسوسا هوندا آهن، جيڪي انساني سماج جي جاهلاڻي دور جا يادگار آهن، جن کي اڳتي هلي رسمن جو درجو ملي پوندو آهي. زندگيءَ جي اهم موقعن تي اسان جي سماج ۾ اهڙا ساٺ سنؤڻ ڪرڻ جو رواج آهي. جيئن: مينديءَ جو ساٺ، جنهن موجب گهوٽ ۽ ڪنوار کي وهانءَ کان اڳ لڳل ميندي سُڪي وڃي ته لاهي سنڀالي رکن ۽ پوءِ اها کوهه يا وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهائي ڇڏين، يا ننڍڙي ٻار جي جهنڊ لهرائڻ کانپوءِ سندس وار سنڀالي پاڻيءَ ۾ وهائين. ٻنهي صورتن ۾ انديشو ۽ وهم هوندو آهي ته ڪنهن بدنظر يا دشمن کي اهي هٿ اچڻ جي صورت ۾ نقصان ٿيندو آهي. ساٺ، خوشيءَ توڙي غمي، ٻنهي ڪيفيتن سان تعلق رکن ٿا. گهر ۾ پيٽ واري عورت هوندي جيڪڏهن گهر ۾ ڪو موت ٿيو ته ميت جي ڪفن جا ڌاڳا ڪڍي مائيءَ کي چيچ ۾ ٻَڌن ته جيئن ميت جو پاڇو مٿس نه پوي. چنڊ ۽ سج گرهڻ تي به ساٺ ٿين ٿا. گهر ۾ خوشحالي آڻڻ، بديءَ ۽ نقصان کان بچڻ لاءِ به ڪيترا ساٺ موجود آهن، جن تي عمل ڪيو ويندو آهي. جيئن رات جو گهر نه ٻُهارڻ، گهڻيون عورتون گڏجي هڪ ڪمري مان ٻُهارو ڪو نه ڪڍن، جمعي ڏينهن درگاهن تي ڪو نه وڃن، پويان سڏ ڪين ڪن، اوچتي سڏ تي لئوڻو ڪين وارين، رات جو ننهن نه ڪترين، وار ۽ ننهن ائين ڦٽا ڪين ڪن، شاديءَ رات ڪنوار ۽ گهوٽ جي ڪپڙن ۽ ڳهن تي مسلمان عورتون قرآني دعائون پڙهن ۽ هندو عورتون پنهنجون ڌرمي دعائون پڙهن وغيره.
شاديءَ جي ريتن رسمن کي به ساٺ ڪوٺين، جن ۾ مينڍا ڳنڌڻ جو ساٺ، مينڍا ڇوڙڻ جو ساٺ، اکڙي ٻڌڻ جو ساٺ، ماکي ۽ مکڻ مٿي تي سينڌ وٽ لڳائڻ جو ساٺ، مينديءَ جو ساٺ وغيره.


لفظ ساٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو