ساٽي1 (ذات): ساٽي، مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندڙ ملاحن ۽ مهاڻن کي چئبو آهي. مڇي وڪڻندڙ مرد کي ’ساٽي‘ ۽ مڇي وڪڻندڙ عورت کي ’ساٽياڻي‘ چئبو آهي. ساٽين کي ماٽي ۽ صبح پوٽا بہ سڏيو ويندو آهي. هي پنھنجي نالي پٺيان پنهنجو پاڙو لکندا آهن. شاھہ لطيف، سُر ڪاموڏ جي هڪ وائيءَ ۾ ساٽين/ مهاڻن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾!
ساٽي گڏهن، گهوڙن ۽ موٽرسائيڪلن تي چڙهي مڏين ۽ کڏن تان مڇي. پلا کڻي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ کپائيندا آهن. سندس تڙ يا مڏيءَ تي پهچڻ جا اڳي ٻہ وقت مقرر هوندا هئا، هڪ صبح جو سوير، جڏهن رات واري پھر جو مال کڏ تي پهچندو هو ۽ ٻيو ٽپهريءَ جو، جڏهن ڏينهن واري پھر جو مال مڏيءَ تي پهچندو هو. مڏي، جتي هر ماري وڇايل تڏيءَ تي هاريون (مڇي يا پلا) ٻيڙيءَ مان ڪڍي اڇلائيندو ويندو هو ۽ ڍڳ ٿي ويندو هو تہ ’گُنر‘ چوندا هئا. جيڪي ماڻهو کاريءَ ۾ مڇي يا پلا کڻي کپائيندا هئا، انهن کي ’ڪونجڙيا‘ چوندا هئا. ڪونجڙيا گهڻو ڪري صبح واري پهريءَ جون مڇيون کڻي ڀرپاسي کپائڻ ويندا هئا، جڏهن تہ ’ساٽي‘ پري پري مال کڻي کپائڻ ويندا هئا. ساٽي گهڻي مال هجڻ سبب ونڊيون بہ ڪندا هئا، يعني پنھنجي مال مان ٻين ساٽين کي مال ڏيندا هئا، جن کي ’گهورڙيا‘ بہ چوندا هئا.