ساٽي1 (ذات): ساٽي، مڇيءَ جو ڌنڌو ڪندڙ ملاحن ۽ مهاڻن کي چئبو آهي. مڇي وڪڻندڙ مرد کي ’ساٽي‘ ۽ مڇي وڪڻندڙ عورت کي ’ساٽياڻي‘ چئبو آهي. ساٽين کي ماٽي ۽ صبح پوٽا به سڏيو ويندو آهي. هي پنهنجي نالي پٺيان پنهنجو پاڙو لکندا آهن. شاهه لطيف، سُر ڪاموڏ جي هڪ وائيءَ ۾ ساٽين/ مهاڻن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽين وچ ۾!
ساٽي گڏهن، گھوڙن ۽ موٽرسائيڪلن تي چڙهي مڏين ۽ کڏن تان مڇي. پلا کڻي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ کپائيندا آهن. سندس تڙ يا مڏيءَ تي پهچڻ جا اڳي ٻه وقت مقرر هوندا هئا، هڪ صبح جو سوير، جڏهن رات واري پهر جو مال کڏ تي پهچندو هو ۽ ٻيو ٽپهريءَ جو، جڏهن ڏينهن واري پهر جو مال مڏيءَ تي پهچندو هو. مڏي، جتي هر ماري وڇايل تڏيءَ تي هاريون (مڇي يا پلا) ٻيڙيءَ مان ڪڍي اڇلائيندو ويندو هو ۽ ڍڳ ٿي ويندو هو ته ’گُنر‘ چوندا هئا. جيڪي ماڻهو کاريءَ ۾ مڇي يا پلا کڻي کپائيندا هئا، انهن کي ’ڪونجڙيا‘ چوندا هئا. ڪونجڙيا گھڻو ڪري صبح واري پهريءَ جون مڇيون کڻي ڀرپاسي کپائڻ ويندا هئا، جڏهن ته ’ساٽي‘ پري پري مال کڻي کپائڻ ويندا هئا. ساٽي گھڻي مال هجڻ سبب ونڊيون به ڪندا هئا، يعني پنهنجي مال مان ٻين ساٽين کي مال ڏيندا هئا، جن کي ’گھورڙيا‘ به چوندا هئا.