ساٿر

ساٿر

ساٿر

ساٿر (Origanum Vulgare): هي هڪ خوشبودار ٻوٽو آهي، جنهن جا ٻہ قسم ٿين ٿا: (1) سفيد ساٿر ۽ (2) ڪاري ساٿر. ساٿر جو اصل وطن يورپ ۽ وچ ايشيا آهي. هيءَ جڙي ٻوٽي مختلف کاڌن ۽ دوائن ۾ ڪم اچي ٿي. هي آرام ڏيندڙ ۽ سُور کي ٺاريندڙ پسارڪو وکر آهي، جيڪو مختلف بيمارين لاءِ دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. سنڌ ۾ ڦٽ ڦرڙيءَ لاءِ ساٿر لُپري (Poulticve) تيار ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿي. ساٿر، جيوڙي مار، پيٽ جي علاج ۽ ساھہ کڻڻ ۾ رڪاوٽ جي علاج طور بہ ڪم ايندي آهي.
شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ’ساٿر‘ لفظ ڪم آيو آهي، جھڙوڪ:
ساٿر صحبت سپرين، آهي نہ آزار،
مجلس وير مٺو ٿيين، ڪوٺيندي قهار،
خنجر تنهن خوب هڻي، جنهن سين ٿيين يار،
ساجن رب ستار، سوجهي رڳون ساھہ جون!
(سر يمن ڪلياڻ)


لفظ ساٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو