ساڀي واري ڍنڍ

ساڀي واري ڍنڍ: اوائلي ڍنڍن ۾ شمار ٿيندڙ هيءَ ڍنڍ ڳوٺ حفيظ انڙ، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ وا قع آهي. هن ڍنڍ جو ذڪر نامور تاريخدان ميرڪ يوسف پنھنجي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاھجھاني“ ۾ 125 صفحي تي ”ڪولاب صابه“ جي نالي سان ڪيو آهي. دريا هي پاڻي بند ٿيڻ ڪري هتي بہ سم جو پاڻي آهي. هيءَ ڍنڍ هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. البته هن ڍنڍ جا آثار سڪرنڊ کان اولھہ طرف ڏ هن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ راهب شاھہ کان اتر پاسي ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو