ننگرپارڪر: ساڙڌري مندر ۾ رهندڙ هڪ ساڌو
ساڌو: هندومت جي ڪيترن فرقن ۾ ڪنهن فقير، بزرگ يا اُن جي چيلي کي ’ساڌ‘ يا ’ساڌو‘ چوندا آهن. ’ساڌ‘ لفظ سنڌيءَ ۾ ’سچي‘ (شخص) لاءِ ڪم ايندو آهي. مثال طور: ’اوڻٽيهين راتيون چور جون، ٽيهين رات ساڌ جي!“ ساڌو لفظ ڀڳتن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڊينزل ابٽسن (Denzil Ibbetson) لکيو آهي ته: ”هن فرقي جو بنياد 250 سال اڳ ’ويرڀان‘ نالي هڪ هندو فقير وڌو هو. هي فقير تماڪ جو واهپو ڪو نه ڪندا آهن، روحاني پاڪيزگيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندا آهن ۽ ڌرمي عبادتون گڏجي ڪندا آهن. ساڌو سلسلي کان وڌيڪ فرقي سان واسطو رکن ٿا.
اِي. ڊي. ميڪليگن (E. D. Maclagan) جي لکڻ موجب: ”هن فرقي جو اصل باني راءِ داس جو چيلو اوڌو داس هو. هن فرقي جا ڌرمي اڳواڻ پاڻ کي به ’ساڌو‘ سڏائيندا هئا. جيئن چمارن جا ساڌو، جلاهن يعني ڪورين جا ساڌو، چڻنداسي ساڌو، ڪبير بنسي ساڌ، نرملا ساڌ وغيره.
ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف ’ساڌ/ ساڌو‘ هندو ڀڳتن ۽ هندو جتن کي سڏيو آهي. ايس. ايم چنا ڄاڻايو آهي ته ساڌو ٻن فرقن سان واسطو رکن ٿا، يعني هڪڙا ’غريب داس‘، جيڪي سکن جي ڌرمي اڳواڻ غريب داس جا پوئلڳ آهن ۽ ٻيا ’گهسي پنٿي‘ (Ghisi Panthi).
سنڌي هندن ۾ ڪيترا سماجي خدمتگار شخص ساڌو لقب سان مشهور آهن، جن ۾: ساڌو هيرانند، ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي جا نالا وڏو قدر ۽ منزلت رکن ٿا. اصل ۾ ساڌوپنٿي هندن کان هڪ ڌار فرقو آهي. هي فرقو جينين ۾ به ٿئي ٿو. اڳي ٿرپارڪر ۾ ڪي ’ساڌو پنٿي جيني‘ به رهندا هئا، پر هن وقت هي فرقو سنڌ ۾ معدوم آهي.